• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

احساس

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
احساس​
وفا جي احساسن کي ڪو الفاظن ۾ آڻي نه ٿو سهگي
بي وفا ، وفا جو ملڪ ڪڏهن ماڻي نه ٿو سگهي

علم کان گهڻي اڳتي اهي عشق جي منزل
علم سان عشق جو ڏيھ ڪو سڃاڻي نه ٿو سگهي

جنهن پاتي سهڻل جي سونهن جي هڪ جهلڪ
چُپ چَپَن تي ڪجھ ٻڌائي ، هاڻي نه ٿو سگهي

جڏهن ذات ۾ ذڪر ٿيو ته سجدو شڪر ٿيو
هاڻي ملڪ الموت به ٻئي هنڌ اماڻي نه ٿو سگهي

وڃايم وجود ته چوٻول چرچا ها چؤطرف
سڄڻ سانڃاه ڏني ڏاڏل هٿ تاڻي نه ٿو سگهي
 
Back
Top