• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻين جو خون بها ڪاڏي ويو

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
ٻين جو خون بها ڪاڏي ويو​
مئا آهن اسان جا پهريان به ڪئي جوان
ٻين جي خون بها ڪنهن کاڌي اي حڪمران

ڊرون حملن جي هر روز ڊوڙ آهي هتي
گهران نڪرندي هر ڪوٿئي پريشان آهي

هي پهريون سودو ناهي ٿيو احساسن جو
عافيا جهڙيون نياڻيون کپائي ويٺا حڪمران

هاڻي درد سهڻ جا عادي ٿي ويا آهيون
دانهن نه ٿي نڪري ڪهڙا ٻڌايان داستان

خوشي آهي الحمد الله اسان مسلمان آهيون
روزو نماز ،زڪوات گهر اسان جي ۾ قرآن

انجام هن سفر جو ڇا ٿيندو خبر ناهي ڏاڏل
انڌا اڳيان سڄا پٺيان اهو آهي پاڪستان​
 
جواب: ٻين جو خون بها ڪاڏي ويو

موقعي جي مناسبت سان بهترين شاعري سائين
جاري رهي۔۔۔
مهربانيون
 
جواب: ٻين جو خون بها ڪاڏي ويو

ادا سچ چوڻ کان دل مڙي نه سگهي سو چئي ڏنو سون باقي ڪنهن دوست کي جي الفاظ پسند ناهن ته اسان کي معاف ڪندا
وسلام
 
جواب: ٻين جو خون بها ڪاڏي ويو

ڏاڏل مهربانيون

اڄ به ڊرون حملو ٿيو آهي جنهن ۾ بي گناه 42 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا آهن۔ اسلام جي نالي تي ٺهيل ملڪ اسلام جي خلاف پيو استعمال ٿئي۔ ڇا پاڪستان ٺاهڻ جو مقصد اهو هو ؟؟؟

اوهان دوست مولانا ابوالڪلام آزاد، شاه ولي الله ۽ مولانا عبيدالله سنڌي کي پڙهو ته اصليت سامهون اچي ويندي۔

اوهان جي جذبن کي محسوس ڪيون پيا ۽ اسان کي اوهان جي احساسن جو قدر آهي
 
جواب: ٻين جو خون بها ڪاڏي ويو

ڏاڏل مهربانيون

اڄ به ڊرون حملو ٿيو آهي جنهن ۾ بي گناه 42 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا آهن۔ اسلام جي نالي تي ٺهيل ملڪ اسلام جي خلاف پيو استعمال ٿئي۔ ڇا پاڪستان ٺاهڻ جو مقصد اهو هو ؟؟؟

اوهان دوست مولانا ابوالڪلام آزاد، شاه ولي الله ۽ مولانا عبيدالله سنڌي کي پڙهو ته اصليت سامهون اچي ويندي۔

اوهان جي جذبن کي محسوس ڪيون پيا ۽ اسان کي اوهان جي احساسن جو قدر آهي

سائين وساڻ صاهب گهڻو پڙهيو سين هاڻي ڪجھ ٿيڻ جي ضرورت آهي پهريان سوچڻ جي ضرورت آهي ته ٿيون ڇا ۔ اسان ته پنهنجي شهر جي ڪونسلر جي ڳچي ۾ به هٿ وجهڻ جهڙا ناهيون ڇو جو هي ڪونسلر جنهنجو ڪمدار آهي ان جي اسان کي خبر آهي اسانجو قبلو ڇا هئڻ گهرجي قرآن جي روشني ۾ اسان موجوده وقت جا تقاضا پورا ڪيئن ڪريون هاڻي اسان جو هٿيار ڇا هئڻ گهرجي عقئدي جذباتن کان مٿاهين سوچ سوچڻ جي ضرورت آهي​
 
جواب: ٻين جو خون بها ڪاڏي ويو

سائين پسند ڪرن جي مهرباني خدا ڪري اسان ۾ اها جرائت پيدا ٿئي ته اسان هر ظلم بدلي حڪمرانن کان خون بها وٺي سگهون ۔
وسلام
 
Back
Top