ڦٽ ڦٽي تي مٿا ڦردا، اسان ڏي ڀلي گڏهن لاسي۔ ۔ادا اسان آهيون فقير ماڻهون، ڪڏهن گڏهن گاڏي تي ته ڪڏهن جهازن ۾ سفر ڪرڻ وارا۔۔۔۔۔۔۔ دوستو۔ http://www.youtube.com/watch?v=IXaLSkZQXpg
جواب: ڦٽ ڦتي تي مٿا ڦردا، اسان ڏي ڀلي گڏهن لاسي ادا صحيح چيو ته اسان جا ڀلا گڏهه لاسي چو جو اڄ جي مهنگائي جي دور ۾ اهي شيون ڪم اينديون.... الله اسان جي ملڪ کي انهن ڏکين مرحلن مان جلدي گذاري جئين اسان کي پرسڪون ذندگي ملي مهرباني
جواب: ڦٽ ڦتي تي مٿا ڦردا، اسان ڏي ڀلي گڏهن لاسي ادا جديد مشيني نظام کان اڳ باقي دنيا وانگر به ڪراچي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ لاءِ بندر تان مال ڍوئڻ ۽ اچ وڃڻ لاءِ 1885ع تائين جانورن سان ڇڪيندڙ گاڏين خاص ڪري ٽانگا، وڪٽوريا ٽانگا، اٺ گاڏيون، ڍڳي گاڏيون ۽ گڏهه گاڏيون هونديون هيون. شهر ايترو ڦهليل نه هو. ماڻهو آساني سان هڪ هنڌان ٻئي هنڌ پهچندو هو. شهر کان ٻاهر وڃڻ لاءِ گهوڙن، اٺن ۽ گڏهن جو استعمال هوندو. بي پهچ ماڻهو اهو تمام سفر پنڌ ڪندو هو ۽ گهڻائي پنڌ وارن ماڻهن جي هوندي هئي.۔۔۔ ادا مان جڏهن پنهنجي هيڊ آفيس ويندو آهيان ته اتي ڏسندو آهيان ته 1908ع ڌاري ۾ اسان جي دوائن جي ڪمپني به اٺ گاڏن ۽ گڏهه گاڏن تي دوائون سپلائي ڪندي هئي، ۽ پراڻي زماني ۾ ته ٿيندو ئي ائين هو، ۽ پوء جڏهن انگريز ترقي لاء ڪوششون ڪيون جنهن جي نتيجي ۾ هت ڪراچي ۾ به 1909ع ۾ گهوڙن جي بجاءِ پيٽرول جي انجڻن جو استعمال شروع ڪيو ويو. لنڊن جي موٽر ريل ۽ ٽرام ڪمپني لميٽيڊ سڀ کان پهريائين پيٽرول جون انجڻيون تيار ڪيون ۽ اهي هڪ لک پونڊ جي قيمت سان ڪراچي گهرايون ويون تيز رفتاري ڪري گهوڙن واريون ٽرامن جون پٽڙيون تبديل ڪيون ويون ۽ آهسته آهسته ڪراچي جي آدمشماري به وڌندي وئي، ۽ جڏهن هندستان پاڪستان ٿيو ته هندستان مان تڙيل پناهگير به هت ڪراچي پهتا، جنهن جو نتيجو اڄ سڀني جي سامهون آهي ته ڪراچي جو ڇا حال آهي، ۽ ڪراچي جي ٽريفڪ ڪٿان کان ڪاٿي پهتي آهي، ڪراچي جي ٽريفڪ لاء منهنجو ونڊ ڪيو مقالو۔۔ روڊ حادثه ۽ ڪراچي شهر جي ٽريفڪ (هڪ جائزو) پڙهڻ لاء عنوان مٿان ڪلڪ ڪريو۔
جواب: ڦٽ ڦتي تي مٿا ڦردا، اسان ڏي ڀلي گڏهن لاسي واقعي ادا ڦٽ ڦٽي تي شاعر انور قمبراڻي وانگر اسانجو مٿو ٿو ڦري
جواب: ڦٽ ڦتي تي مٿا ڦردا، اسان ڏي ڀلي گڏهن لاسي عبدالغفار تبسم ۽ منظور سخيراڻي جي يادگار هڪ تصوير ۔۔ ۔ ۔ادا انور قمبراڻي ( جنهن جو ڪلام هئي دادو هئي دادو مشهور ويو هو جنهن کي پڻ هڪ قمبراڻي جي ٻئي ڪلام سان هيٺ پيش ڪجي ٿو۔ ) دادو ۾ منهنجو پاڙيسري آهي، سندس شاعري به ڏيهان ڏيهه مشهور آهي،سندس شاعري جي سکيا استاد بخاري جي ڇانوِ ۾ پڻ ٿيل آهي، ۽ سندس استاد بخاري سان دوستي ۽ گهرو واسخو هوندو هو، بقول استاد بخاري ته قمبراڻي جهڙو ڪم ٻيو ته ڪو ڪري ڏيکاري۔۔ قمبراڻي صاحب استاد جي وڇوڙي تي هڪ ڪلام پڻ لکيو هو ۔۔ ڪير نه پرچائي۔ مون کي ڪير نه پرچائي، اڄ منهنجو من وڇڙي ويو اڄ منهنجو من وڇڙي ويو۔ پاڻ ڪو ايترو پڙهيل لکيل ماڻهون ڪونهي، پر سندس دوستي جو نيٽ ورڪ تمام وڏو اٿس ۔ هن جا مداح ته سعوديه ۾ ( پاڪستاني ) تمام گهڻا آهن جيڪي هن لاء اتان تحفه وغيره پڻ موڪليندا رهندا آهن ۽ پاڻ به خوش ماڻهون آهي۔ سندس شاعري ( انڊين ڪٽ واري طرز ) تي تمام گهڻي ٿيل آهي جيڪا سنڌ جي مشهور فنڪار منظور سخيراڻي ڳائي آهي ،( بقول منظور جي ته معاشري ۾ اهيا شاعري ٻڌي گهڻي ٿي وڃي سو مان ان لاء اهڙي شاعري ڳائڻ تي مجبور هوندو آهيان ) منظور سخيراڻي ته قمبراڻي سان گڏ، استاد بخاري، عبدالغفار تبسم، ۽ سانگي، جي شاعري به تمام گهڻي ڳائي آهي۔ http://www.youtube.com/watch?v=-z5RVm1N5Eg http://www.youtube.com/watch?v=uV2SDCrn8D8
جواب: ڦٽ ڦتي تي مٿا ڦردا، اسان ڏي ڀلي گڏهن لاسي آهيان ماڻهون مان فقير تهنجا پيارا پرستار سنڌ جا سارا امير اڃا مولا وڌاوئي اڃا مولا وڌاوئي واه ادا واه ادو ممتاز وگهيو صاحب جيڪو هڪ فڪر ۽ دانشمندي جو مرڪز آهي سنڌ ۽ سنڌي شخصيتن ۽ سنڌ جي خدمتگارن جي خدمات جون پيو ساراهون ۽ انهن جا قصا ڳائندي ٿڪبو ئي ناهي ۔ چاهي اهو سنڌ جو ڪو اديب هجي يا سنڌ جو ڪو شاعر سنڌ جو ليکڪ هجي يا سنڌ جي ڪو فنڪار سنڌ جي ڪا مذهبي شخصيت هجي يا ڪو اسڪالر بس ادي ممتاز کي ان جي باري ۾ چيو ناهي ان جي معلومات اسان سان شيئر ڪئي ناهي ڪڏنهن ڪڏنهن ادي جي تحريرن مان لڳندو آهي ته ياته اهي سڀ شخصيتون ادي سان گڏ اٿيون ويٺون آهين يا وري ادي ممتاز سان بچپن ۾ گلي ڏڪر کيڏنديون رهيون آهين جو ادو جڏنهن به انهن جي ڳاله ڪرڻ يا انهن جي باري ۾ معلومات ڏيڻ لڳندو آهي ته بلڪل ائين ئي لڳندو آهي ايتري گهري معلومات ۽ ايتري سٺي معلومات اهو ئي شخص ڏئي سگهي ٿو جيڪو انهن جي وچ ۾ رهيو هجي ۔۔۔ ادي متاز جي تدقيق ۽ محنت جي جيڪا به ڳاله ڪجي سا گهٽ آهي سو يار جي جڏنهن مهنجي تصوير تي نظر پئي ته هڪ سهڻو گيت ارپيو اٿائين جنهن ۾ دعا به آهي اڃا مولا وڌاوئي اڃا مولا وڌاوئي ته وفا جو اظهار به آهي گلا شڪوه به آهي ته دوستي ۽ ڀروسي جي پڪ به آهي ادا ممتاز مهرباني اوهان جي بابا پاڻ فقير ماڻهون آهيون صرف مان پهنجو پاڻ کي ان ڪري ئي سڏائيندو آهيان تاڪه پهنجي اندر جي انسان کي هر وقت بيدار رکي سگهجي هر وقت پهنجي پاڻ سان مخاطب هجڻ گهرجي انسان کي ته تون پهنجو پاڻ کي ڪجه نه سمجه تون ڪجه به نه آهين سڀ ڪجه ان جي ذات آهي سڀ ڪجه اها ذات آهي جنهن توکي ڪجه به نه هئين مان ڪجه بڻايو ان قابل بڻايو جو تون ان ڌرتي تي ساه کڻي هلين ٿو چار ماڻهون توکي سڃاڻن ٿا سلام ڪن ٿا ۔ ادا جڏنهن مان پاڻ کي فقير يا جهونو سڏرائيندو آهيان اهو به ان ئي ڪري ته تاڪي پهنجي نفس کي پهنجي اندر جي شيطان کي اهو ياد ڏياري سگهان ته مان ڪجه به نه آهيان ان خالق جا احسان آهين جنهن مون کي اهڙيون نعمتون ڏنيون اهڙيون خوبيون مون کي عطا ڪيون جن جي بدولت مان ڪجه اهيان ۔ سو ادا ڪڏنهن گڏه تي ته ڪڏنهن گهوڙي تي ڪڏنهن فقير سڏائي ته ڪڏنهن جهونو سڏائي پيا اندر جي شيطان سان جنگ لڙندا آهيون ڪڏنهن هو ٿو ڪٽي ڪڏنهن آء ٿو کٽيان۔۔ بس بابا فقير ماڻهون آهيون ان ڪري هڪ رووپ پهنجو ناهي پيا روپ مٽايون ڇا ڪجي اوهان ڀائرن جي محبت قرب ۽ پيار تي اسان کي فخر آهي اوهان جو کوڙ ساريون مهربانيون قرب ۽ وڏا وڙ جاني ۔۔۔۔
جواب: ڦٽ ڦتي تي مٿا ڦردا، اسان ڏي ڀلي گڏهن لاسي ۔ ادا علي علي صاحب توهان جي مهرباني جو توهان منهنجي ونڊ جي جواب ۾ ايڏو وڏو مضمون تحرير ڪيو آهي ۽ منهنجي تعريف ڪئي آهي، ادا تعريف ته انهيء ذات جي آهي جنهن اسان کي سهڻي شڪل ۾ پيدا ڪيو۔۔۔ جنهن جي گواهي لاء قرآن ۾ ارشاد آهي ته ۔۔۔ ( لقد خلق الانسان في احسن تقويم )۔۔۔ ( اسان انسان کي سهڻي شڪل ۾ سهڻي نموني ۾ ٓٺاهيو آهي ) ادا جڏهن ته ۔۔ ”چارلس ڊارون، ڊيسمنڊ مورس کان وٺي ايلن مورگن ۽ گرڊالرفر تائين انساني ارتقا بابت سندن نظريا، سڀ ان ڳالهه تي متفق آهن ته انسان چئن پيرن واري جانور وارو دور گذاري ٻن پيرن واري باندر نما جانور بعد انساني شڪل اختيار ڪئي آهي. چارلس ڊارون پهريون ماڻهو آهي جنهن سائنسي بنيادن تي پهريون انساني ارتقائي نظريو ڏنو.“ڊارون پنهنجي ڪتاب ۾ انسان کي ٻين جانورن سان ڀيٽڻ کان پوءِ ڪيتريون ئي نسلي هڪجهڙايون ڏٺيون، جيئن انسان، لنگور ۽ باندرن جا ڪجهه قسم تڪليف وقت روئن ٿا، ڪاوڙ ۾ ڳاڙها ٿي وڃن ٿا، ٿڪ مهل اوٻاسيون ڏين ٿا، مقابلي مهل گهورين ٿا، ڪتڪتائي ڪرڻ مهل کلن ٿا، خوف ۾ ڏڪن ٿا، پيار مهل ڀاڪر پائين ٿا، دشمني ۾ ڏند ڪرٽين ٿا، حيرت ۾ ڀرون مٿي کڻن ٿا ۽ بي عزتي مهل ڪنڌ ورائي ٿا ڇڏين۔۔ مگر ادا اهو انهن جي مڪتبِ فڪر جو حصو آهي ۽ اسان جو ته ايمان آهي ته انسان کي هڪ گندي ڪتري ( ڦڙي ) مان پيدا ڪيو ويو آهي، ۽ ان جي حقيقت ته اهي آهي ۽ اهو انسان ڪجهه به نه آهي ، ادا توهان تمام سٓٺا فڪرا ۽ جملا لکيا آهن جيڪي مون کي ته تمام گهڻا وڻيا آهن ۽ مون کي توهان سان ملڻ لاء ته دل هون ئي تمام گهڻو چوندي هئي مگر توهان جا اهي جملا پڙهي دل ويتر توهان جي ملاقات لاء وڌي وئي آهي، ادا توهان جا فڪرا ۽ جملا هت وري دهرايان ٿو ۔۔۔ ( تاڪه پهنجي اندر جي انسان کي هر وقت بيدار رکي سگهجي هر وقت پهنجي پاڻ سان مخاطب هجڻ گهرجي انسان کي ته تون پهنجو پاڻ کي ڪجه نه سمجه تون ڪجه به نه آهين سڀ ڪجه ان جي ذات آهي سڀ ڪجه اها ذات آهي جنهن توکي ڪجه به نه هئين مان ڪجه بڻايو ان قابل بڻايو جو تون ان ڌرتي تي ساه کڻي هلين ٿو چار ماڻهون توکي سڃاڻن ٿا سلام ڪن ٿا ۔ ادا جڏنهن مان پاڻ کي فقير يا جهونو سڏرائيندو آهيان اهو به ان ئي ڪري ته تاڪي پهنجي نفس کي پهنجي اندر جي شيطان کي اهو ياد ڏياري سگهان ته مان ڪجه به نه آهيان ان خالق جا احسان آهين جنهن مون کي اهڙيون نعمتون ڏنيون اهڙيون خوبيون مون کي عطا ڪيون جن جي بدولت مان ڪجه آهيان۔۔ علي علي ) ۔۔۔ ادا مٿئين چارلس ڊارون، ڊيسمنڊ مورس جي نظرئي يا خيال تي مون کي هڪ لطيفو پيو ذهن ۾ اچي، اهو لطيفو هئين آهي ته ۔۔۔ (هڪ ڏينهن هڪ ٻار پنهنجي پيءُ کان پڇيو ته بابا انسان ڪئين وجود ۾ آيو اتفاق جي ڳالهه تي ان نينگر جو پيءُ انهيء مڪتبِ فڪر جو ماڻهون هو سو ان اهوئي چارلس ڊارون، ڊيسمنڊ مورس جي خيال ظاهر ڪيو ۽ پنهنجي پٽ کي چيائين ته پٽ انسان پهرين بندر هو پوء ان مان انسانوجود ۾ آيو آهي ، اتفاق سان وري انهيء ساڳي نينگر وڃي پنهنجي ماءُ کان ساڳيو سوال ڪيو ته امان انسان ڪٿان آيو ته ان تي سندس ماء اسلامي نظريو پيش ڪيو ان تي انهيء ٻار چيو ته امان بابا ته چئي پيو ته انسان پهرين بندر هو ۽ پوء ان مان انسانوجود ۾ آيو آهي ۽ تون وري هئين چئين،، ان تي سندس ماءُ جواب ڏنو ته پٽ مان پنهنجي خاندان جي ڳالهه پئي ڪريان پڻهين شايد پنهنجي خاندان جي ڳالهه ڪندو هوندو۔) ادا جڏهن ته اڄ جي سائنس به اهيو مڃي ٿي ته انسان جي تخليق ائين ئي ٿئي ٿي جيئن قرآن ٻڌائي ٿو۔ (جنهن جي هڪ وڊيو هت به پيش ڪجي ٿي )۔۔ ۔۔۔ ادا علي علي صاحب توهان جي مهرباني جو توهان منهنجي محبت واري مذاق کي به برداشت ڪيو ۽ ان جو غلط رخ نه ورتو، ورنه اسان جا ڪجهه دوست آهن جيڪي شايد ننڍڙي محدود سوچ جي ڪري مذاق کي به برداشت ناهن ڪندا ۽ انهيء تي ناراض ٿئي ويندا آهن جيڪا ڳالهه چڱي نه آهي، هت واعظ ۽ نصحيت سان گڏ مذاق به هلندو رهندو آهي ادا وري به توهان جي مهرباني، باقي مٿئين تصوير مان واقعي لڳو پيا ته توهان فقير آهيو ۽ اهي به ڍئون ڍاري وار فقير ۔۔۔۔۔ http://www.youtube.com/watch?v=lpcFj2hsxo8