ادا مان ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ٺٽي ۾ اسٽينو گرافر آهيان سنڌ سلامت کي هاڻي (Recently) جوائن ڪيو آهي انشاالله ٽائيم ڪڍي توهان کي تاريخي شهر ٺٽي جي باري ۾ معلومات ڏبي۔۔ سدائين گڏ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت۔۔۔ دعائن ۾ ياد رکجو۔۔۔۔۔
جواب: سڀني ڀائرن کي پهريون سلام قبول پوي۔۔۔۔ سائين محترم اعجاز قريشي صاحب، وعليڪم السلام اوهانکي سنڌ سلامت جي سٿ پاران دل جي گهراين سان ڀليڪار ۔۔۔ سڄڻ آيا ڀلي آيا ۔۔۔ سهڻن جو سلامي ٿيان۔ قريشي صاحب، هن اڱڻ کي سنڌ ۽ سنڌيت لا سجايو ويو آهي، ته جئين سنڌ جا سڄڻ گڏ ٿين ۽ پنهنجا خيال، پنهنجا سور پيش ڪجن ۽ سنڌ جي فڪر سان هڪٻئي جي رهنمائي ڪري سگهجي۔ اوهانجهڙا سهڻا دوست ساٿ ۾ هوندا ته اسانجي خوشنصيبي ٿيندي ۔۔۔ ٺٺو شهر سنڌ جو تاريخي ۽ سهڻو شهر آهي، انجي تاريخي ماڳن کان ۽ انجي آس پاس جي سموري وايومنڊل کان واقف ڪندا ته اسان لا ا هم ۽ معلومات ۾ اضافي جو سبب ٿيندو ۔۔۔ هڪ دفعو ٻيهر سنڌ سلامت جي سنڌ دوست اوطاق تي ڀليڪار ۔۔۔ اميد ته ساٿ نڀائيندا ۽ دوستي جا پيچ ڪسيندا رهندا ۔۔۔۔ اچو ڙي سورن واريون ڪريون سور پچار ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: سڀني ڀائرن کي پهريون سلام قبول پوي۔۔۔۔ ادا اعجاز سنڌ سلامت جي اڱڻ تي توهان کي دل جي گهيراين سان ڀليڪار چئون ٿا تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي هن سهڻي سنڌ سلامت جي اڱڻ تي هر روز ڪيترائي دوست پنهنجي آمد ڪرائي رهيا آهن اسان کي اميد آهي ته توهان هن سنڌي فورم جا هڪ سچا عاشق بنجندا
جواب: سڀني ڀائرن کي پهريون سلام قبول پوي۔۔۔۔ محترم اعجاز قريشي صاحب اوهان کي ڀليڪار سنڌ سلامت جي سهڻي فورم ۾ شامل ٿيڻ تي خوشي ٿي۔ سنڌ سلامت ۾ سموري سنڌ جاسڄڻ شامل آهن ۽ پنهنجي پنهنجي وت آهر معلومات ، شاعري، وڊيوز، فوٽوز ونڊ ڪري سڄي دنيا جي سنڌين سان پيا شيئر ڪن۔ ٺٽو سنڌ جو علمي ، مذهبي ۽ ادبي مرڪز رهيو ۽ تاريخي ماڳ مڪانن سان ڀريو پيو آهي۔ اميد ته اوهان پنهنجي خوبصورت لکڻين سان فورم کي سونهن بخشيندا رهندا۔
جواب: سڀني ڀائرن کي پهريون سلام قبول پوي۔۔۔۔ سائين قريشي صاحب! سنڌ سلامت تي اچڻ تي لک مبارڪون قبول ڪندا، سائين مون نا چيز کي ته ھڪ اکر به ڪمپيوٽر تي لکڻ نه ايندو ھو پوءِ به سليمان صاھب گھلي اچي ھن اوطاق تي ويھاريو ، ھي ڪچھري اھڙي ته وڻي ويئي آھي جو اٿڻ جو نالوئي نه ٿو وٺي سگھجي ۔
جواب: سڀني ڀائرن کي پهريون سلام قبول پوي۔۔۔۔ سائين ڀلي ڪري آيا اوهان جي لکڻين جو انتظار رهندو خصوصن“ شهر ٺٽي جي باري ۾ معلومات” بابت
جواب: سڀني ڀائرن کي پهريون سلام قبول پوي۔۔۔۔ ادا سنڌ سلامت تي توهان کي دل جي گهرائين سان ڀليڪار ٿا چئون۔۔ اميد ته توهان کان گهڻو ئي ڪجهه سکنداسين۔۔
جواب: سڀني ڀائرن کي پهريون سلام قبول پوي۔۔۔۔ ادا اعجاز قريشي صاحب اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد ٿا چئون وڏي خوشي جهڙي ڳالهه آهي جو توهان جهڙا دوست اسان جي ڪچهري ۾ پهچي ويا آهن ادا توهان کي هتي شيئرنگ وغيره ڪرڻ لا۽ سنڌ سلامت فورم جي سکيا سيڪشن جو چڪر لڳائڻو پوندو وري هڪ دفعو ٻيهر خوش آمديد ادا ادا اسان کي اوهان جي شيئرنگ جو انتظار رهندو سدائين گڏ سدائين گڏ
جواب: سڀني ڀائرن کي پهريون سلام قبول پوي۔۔۔۔ ادا اعجاز سنڌ سلامت جوائن ڪرڻ جي مهرباني ادب سان احترام سان پيار ۽ پاٻوهه سان خلوص سان دل سان اسان ڀليڪار چئون ٿا سدائين گڏ
جواب: سڀني ڀائرن کي پهريون سلام قبول پوي۔۔۔۔ [justify]ادا اعجاز قريشي صاحب اوهان کي اڱڻ تي ڀليڪار ٿا چئون۔ ٻي ڳالهه ته واقعي ٺٽو شهر سنڌ جو قيمتي ۽ تاريخي خزانو آهي، ان جي پراڻي تاريخ ته گهڻي قدر ڪتابن ۾ اچي چڪي آهي پر هن شهر جي جديد تاريخ تي لکڻ جي ضرورت ضرور رهندي ڇو ته آءُ سمجهان ٿو پراڻي تاريخ جي روشني ۾ اڄ جي تاريخي سان ڀيٽائي لکڻ سان يقينن انيڪ نيون ڳالهيون سامهون اينديون، اوهان اهڙو اظهار ڪيو آهي ته اوهان اسان کي هن قيمتي شهر کان روشناس ڪرائيندا اهڙي اظهار تي به اوهان جا ٿورا۔[/justify]
جواب: سڀني ڀائرن کي پهريون سلام قبول پوي۔۔۔۔ سائين محترم اعجاز قريشي صاحب، وعليڪم السلام اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد ٿا چئون ء اميد ڪريون ٿا ته ساٿ سلامت رهندو
جواب: سڀني ڀائرن کي پهريون سلام قبول پوي۔۔۔۔ اعجاز صاحب۔اسان کي يقين آهي ته توهان جي ميمبر ٿيڻ جي ڪري اسان کي توهانجون سٺيون ۽ معالوماتي ليکن مان گهڻو ڪجه پرائڻ جو موقعو ملندو۔توهان کي هن پيار ڀرئي اڳڻ تي ڀليڪار ٿا چئون۔
جواب: سڀني ڀائرن کي پهريون سلام قبول پوي۔۔۔۔ سائين محترم اعجاز قريشي صاحب، وعليڪم السلام اوهانکي سنڌ سلامت جي سٿ پاران دل جي گهراين سان ڀليڪار ۔۔۔ اوهان جي لکڻين جو انتظار رهندو
جواب: سڀني ڀائرن کي پهريون سلام قبول پوي۔۔۔۔ ادا اعجاز اوهان کي هن اڱڻ تي ڀليڪار اوهانجي لکڻين جو انتظار رهندو
جواب: سڀني ڀائرن کي پهريون سلام قبول پوي۔۔۔۔ ڀلي ڪري آيا ادا اعجاز قريشي صاحب اسان دل جي گهرائين سان توهان کي ڀليڪار ٿا چئون ويلڪم ادا