• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تنهنجي مُرڪڻ ۾

جاويد نواز

سينيئر رڪن
غزل
تنهنجي مُرڪڻ ۾ محبت کوڙ جي
سونهن تنهنجي ۾ صداقت کوڙ جي

شڪر آ رب جو مان آهيان خوش خرم
مونتي رب جي آهي رحمت کوڙ جي

ڀل هلائيندو تون رهه مونتي حڪم
تو لئي مون وٽ آهي نوڙت کوڙ جي

بسم الله سان ڪيچ ٿو مالڪ ڪري
بسم الله ۾ آهي برڪت کوڙ جي

هڪ دفعو هفتي ۾ جي توکي ڏسان
روح کي ملندي آ راحت کوڙ جي

پيار ۾ پٿر کي ڀي پاڻي ڪندم
مون ۾ آ فرهادِ عظمت کوڙ جي

جهٽ گهڙي جي ڪون ٿي آٿت کپي
عمر لا ڏي تون آٿت کوڙ جي

ڪير ٿو چئي سنڌ ۾ غربت نه آ
سنڌ ۾ اڄ ڀي آ غربت کوڙ جي

تنهنجي محبت جي چڪر ۾ يار مون
آ وڃائي پنهنجي دولت کوڙ جي

جاويد نواز
دعائن ۾ ياد
 
جواب: تنهنجي مُرڪڻ ۾

واقعي غزل جو هي مصرو ته تمام بهترين آهي​
شڪر آ رب جو مان آهيان خوش خرم​
مونتي رب جي آهي رحمت کوڙ جي​
واه ادا جاويد تمام سٺو غزل​
 
Back
Top