اسلام عليڪم مهنجو نالو فقير محسن علي پنهور آهي مان سنڌ يونيورسٽي جو شاگرد آهيان ، ڄامشورو جو رهواسي آهيان. سو مهرباني ڪري مهنجي مدد ڪيو ان ويب کي استعمال ڪرڻ سيکاريو. اڄ مان پيهريون دفو هن ويبسائيٽ کي استعمال ڪيو آهي ڏاڊي سٺي آهي پر ڪجهه شيون مکي سمجهه ۾ ڪان پيون اچن
جواب: اسلام عليڪم [justify] خدا جا لک لک شڪر آهن جو محسن فقير هن ويب سائيٽ تي نازل ٿيو آهي۔۔۔۔ مطلب ته رجسٽرڊ ٿيوآهي۔۔۔ گهڻا ئي ڀيرا زور ڀريومانس هر ڀيري ڪو بهانو ڪيائين۔۔۔ سندن رجسٽر ٿيڻ تي مون کي ڏاڍي خوشي ٿئي پئي۔۔ دوستو! هي منهنجو پراڻو دوست آهي، گهاٽو نه پر ڇڊو ئي سهي پر دوست ته آهي نه۔۔ پر هڪڙي ڳالهه آهي، اچڻ ساڻ ئي فقيري لڏي ۾ شامل ٿيو آهي يعني هڪڙو فقير اهو به وڌيو۔۔ دوستو! هي انٽرنيٽجي دنيا جو جراثيم چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو۔۔۔ هن کي 10 سالن کان مٿي وقت ٿي ويوآهي جو انٽرنيٽ جي دنيا کي کوٽيندو پيو وتي۔۔ هاڻي سنڌ سلامت تي اچي ويو آهي، اميد ته اسان جي لاءِ سٺو سنوڻ ثابت ٿيندو۔۔ باقي همراهه آهي ڏاڍو ڏنگو۔۔۔ مطلب ته کٽڙاڳ۔۔ محسن پنهور کي سنڌ سلامت جوائن ڪرڻتي مان دل جي گهرائين سان ڀليڪار چوان ٿو۔۔ پريشان نه ٿي دادا۔۔ تون جلدي ئي سنڌي ۾ لکڻ سکي ويندين۔۔۔۔ مست کان ته گهٽ ۾ گهٽ هوشيار آهين۔۔[/justify]
جواب: اسلام عليڪم ادا فقير محسن پنهور صاحب اوهان کي ڀليڪار سنڌ سلامت جي سهڻي فورم ۾ شامل ٿيڻ تي خوشي ٿي۔ سنڌ سلامت ۾ سموري سنڌ جا سڄڻ شامل آهن خاص ڪري ادا اسد مست ڄاموشورائي ته هن اچڻ جو هيرو آهي۔ اوهان به فقير آهيو اسان وٽ اڳ ۾ ئي ٻه فقير موجود آهن هڪ لوڪل فقير وحيد ڦلپوٽو شڪارپوري ۽ ٻيو انٽرنيشنل فقير علي علي، ٻئي سنڌ سلامت جي سونهن آهن۔ اميد ته اوهان به پنهنجي خوبصورت لکڻين سان هن اوطاق کي سونهن بخشيندا۔
جواب: اسلام عليڪم فقير محسن..کي عاشق دل جي گهرائين سان ڀليڪار ٿو ڪري. فقير سائين جن جو تعارف پڙهيونس...مٿان وري استاد مست جو جواب به پڙهيوسين...مست جي لکيل تحرير مان ائين لڳو..ته اوهان ننڍي هوندي جا دوست آهيون...وري فقير سان اوهانجي باري ۾ مست اهو به ٻڌايو...ته اوهان نيٽ جا ڄاڻو آهيون...اهو پڙهي تمام گهڻي خوشي ٿئي....۽ اوهان جي ونڊ جو انتظار آهي...مونکي يقين آهي ته اوهان به مست جيان روز نيون نيون شيون اسان جي لاءِ کڻي ايندا....ان سان گڏ اوهان مان ڪجھ سکڻ جي لاءِ ملندو...هڪ دفعو ٻيهر ويلڪم
جواب: اسلام عليڪم ادا اوهان جي مهرباني مست صاحب جا شاگرد آهيون ڪوشش اها ڪبي ته اوکي گهڻو ڪجه سيکاربوا
جواب: اسلام عليڪم ادا محسن فقير اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد ٿا چئون اميد ته اسان اوهان مان گهڻو ڪجهه سکنداسين ادا محسن فقير وڏي خوشي جهڙي ڳالهه آهي ته فقيرن جي آبادي وڃي ٿئي وڌنڌي اوهان جي نڪور لکڻين جو انتظار رهندو سدائين گڏ