خدا اسان کي هنن گناهن کان بچائي حصو پهريون ۽ حصو ٻيون مڪمل

'مقالا' فورم ۾ ڏاڏل شينو طرفان آندل موضوعَ ‏18 مارچ 2011۔

  1. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    [size[justify]="6"]خدا اسان کي هنن گناهن کان بچائي حصو پهريون ٻيون
    دعاءِ ڪميل ۾ جن گناهن جي معافي جي درخوست ڪيل آهي تن مان ڪجھ گناهن جا نالا؛



    امام جعفر عه کان روايت آهي جنهن ۾ امام فرمايو آهي ته

    جنهن گناھ سان نعمتن کي زوال ايندو آهي اهو تڪبر آهي
    جنهن گناھ جي ڪرڻ سان پڇتائڻو پوندو آهي اهو قتل آهي
    جنهن گناھ سان عتاب ايندو آهي اهو ظلم آهي
    جنهن گناھ سان راز فاش ٿيندو آهي اهو شراب نوشي آهي
    جنهن گناھ سان رزق بند ٿي ويندو آهي اهو زنا آهي
    جنهن گناھ سان عمر گهٽجي ويندي آهي رشتيدارن سان بدسلوڪي آهي
    جنهن گناھ سان دعا قبول ناهي ٿيندي ۽ فرياد بي اثر ٿي ويندي آهي اها والدين جي نافرماني آهي


    امام جعفر صادق عه فرمايو منهنجو والد فرمائيندو هو
    آءو پناھ ٿو گهران الله جي جيڪي عمر کي گهٽ ڪندا آهن، موت کي ويجهو آڻيندا آهن ڳوٺن کي برباد ڪندا آهن ، اهي آهن رشتيدارن سان بدسلوڪي والدين جي نافرماني ۽ چڱن ڪم کي ڇڏي ڏيڻ۔
    امام زين العابدين جو فرمان آهي ماڻهن تي زيادتي ڪرڻ ، ڀلائي ۽ احسان جي عادت کي ترڪ ڪرڻ ، ڪفرانِ نعمت ۽ الله جي نعمتن جو شڪر ادا نه ڪرڻ آهي ۔

    اهي گناھ جن سان پڇتائڻو پوي ٿو اهي آهن ؛
    ڪنهن کي بي قصور قتل ڪرڻ
    رشتيدارن سان قطع تعلقي ڪرڻ ، ايسيتائين جو هو به خيال ڪرڻ ڇڏي ڏين۔
    نماز نه پڙهڻ ايسيتائين جو نماز جو وقت ويندو رهي ۔
    وصيت نه ڪرڻ ، ظلم سان حاصل ڪيل شين کي واپس نه ڪرڻ ،
    زڪوات ادا نه ڪرڻ ايسيتائين جو جو موت اچي وڃي ۽ زبان بند ٿي وڃي ۔
    اهي گناھ جن سان عتاب ايندو آهي اهي هي آهن ؛
    هٽ دهرمي سان صاحبِ علم جي مخالفت ڪرڻ
    ماڻهن تي دست درازي ڪرڻ انهن تي ٺٺول ڪرڻ ۽ انهن جي تحقير ڪرڻ [/size][/justify]


    اهي گناھ جن سان روزي ۾ گهٽتائي ايندي آهي
    پنهنجو پاڻ کي محتاج ظاهر ڪرڻ
    مغرب ۽ ججر جي نماز وقت سمهڻ
    الله جي نعمتن کي حقير ڄاڻڻ ۽ پنهنجو معبود جي شڪايت ڪرڻ ۔

    اهي گاناھ جن سان رسوائي ملندي آهي اهي هي آهن _شراب پيئڻ ، جوا کيڏڻ
    ماڻهن کي کلائڻ لاءِ بيهوده مذاق ڪرڻ
    ماڻهن جا عيب بيان ڪرڻ
    برن ماڻهن سان اٿڻ ويهڻ ۔

    اهي گناھ جن سان بلاؤن نازل ٿينديون آهن اهي هي آهن_مصيبت زده جي پڪار کي نه ٻڌڻ ،
    مظلوم جي مدد نه ڪرڻ ،
    امر باالمعروف و نهي ان الامنڪر نه ڪرڻ ،
    اهي گناھ جن سان دشمن کي غلبو حاصل ٿيندو آهي ، اهي هي آهن_
    اعلانيه ظلم ڪرڻ
    ظاهر ظهور بدڪاري ڪرڻ
    ناجائز کي جائز سمجهڻ
    نيڪ ماڻهن جي مخالفت ڪرڻ
    برن ماڻهن جو ساٿ ڏيڻ
    اهي گناھ جن سان معاشري ۾ بگاڙ پيدا ٿيندو آهي اهي هي آهن ،بد نيتي ،
    خبثِ باطني ،
    ڀائرن سان منافقت ،
    فرض نمازن جو وقت تي ادا نه ڪرڻ
    نيڪي ۽ صدقي جي زريعي سان الله جو قرب حاصل نه ڪرڻ ،
    فضول گفتگو ۽ فحش گفتگو ڪرڻ ۔
    وسلام
    نوٽ اساان کي گهرجي ته اسان فلسهءِ احڪام کي ڄاڻو ته الله جي ڪنهن شي جو حڪم ڏنو آهي ته ڇو الله ته بي نياز آهي پوءِ هو اسان کي بندگي جو حڪم ڇو ٿو ڏيئي
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    الله پاڪ عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو