سنڌ، انقلاب ۽ قومي ڪارڪن

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ افتخار علي چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏18 مارچ 2011۔

  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سنڌ، انقلاب ۽ قومي ڪارڪن


    اختر دايو


    سنڌ جا قوم پرست ڪارڪن انتهائي اٻوجهه ۽ سادا رهندا آيا آهن جو معاملن جي گهرائي ۾ وڃڻ بجاءِ پنهنجي اڳواڻڻ جي ڳالهين ۾ جلد اچيو وڃن ۽ پوءِ پنهنجون قيمتي زندگيون به ارپيو ڇڏين، ڪير کين سمجهائي ته ٻيلي ايڏا اٻهرا ڇو ٿا ٿيو، ڪجهه سمجهه ۽ سوچ کان ڪم وٺو پر نوجوان جي جوش ۽ سنڌ جي انقلابي نعرن ۽ گيتن جي گونجار کين مست ڪريو ڇڏي. جيئي جيئي جا نعرا.....!!

    مهاتما گانڌي ۽ نيلسن منڊيلا، ڪامريڊ هوچي منهه، دنيا جي انقلابن ۾ تمام وڏا ڪردار رهيا آهن، سندن اڻ ٿڪ جدوجهد، ايمانداري ۽ سچائيءَ جا ڪيترائي مثال آهن، سندن انقلابي جدوجهد تي دنيا جي ليکڪن ۽ محققن ڪيئي ڪتاب لکيا آهن، جن جو جيڪڏهن انقلابي ڪارڪن مطالعو ڪن ته سندن اکيون کلي وينديون.

    سامراج کي شڪست ڏيڻ ۽ قبضي هيٺ آيل ملڪن مان دشمن کي ڀڄائڻ تمام ڏکيو ڪم هوندو آهي ۽ اهڙن انتهائي ڏکين ۽ مشڪل مرحلن مان گذرڻ لاءِ ايمانداري ۽ سچائيءَ سان جدوجهد ڪرڻ ڪيترو ڏکيو مرحلو هوندو آهي، اهو تڏهن معلوم ٿي سگهندو آهي جڏهن ماڻهو عملي طور ميدان عمل ۾ ايندو آهي.

    1980ع کان 1990ع وارو ڏهاڪو سنڌ جي قوم پرست شاگرد جدوجهد جو عروج وارو زمانو ليکيو ويندو آهي، هن ڏهاڪي ۾ پيدا ٿيندڙ شاگرد اڳواڻ اڄ سنڌ جي قومي سياست جا وڏا ڪردار ٿي سامهون آيا آهن.

    سائين جي ايم سيد جي قوم پرست نظريي تحت پيدا ٿيندڙ شاگرد اڳواڻ مختلف پارٽين جا قائد بڻيل آهن، سندن پارٽين ۾ هزارين پوئلڳ آهن، هيٺئين ۽ وچولي طبقي سان واسطو رکندڙ ڪالهه جا شاگرد اڳواڻ اڄ جا وڏا قوم پرست اڳواڻ ليکيا وڃن ٿا، سنڌ جي قوم پرست ۽ سچن ڪارڪنن سندن شخصيتن کي هن موجوده مقام تي پهچائڻ لاءِ تمام وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، شهادتون، جيل، ٿاڻا، تشدد، مائٽن جون بي عزتيون، بک، بيروزگاري اهوسڀ ڪجهه کين سنڌ جي آزادي ۽ انقلاب جي پاداش ۽ آدرشن جي حاصلات عيوض پلئه پيو.

    آدرش اهڙو لفظ آهي جيڪو فقط سنڌ جي قومي ڪارڪنن لاءِ جائز سمجهيو وڃي ٿو پر سنڌ جي انقلابي اڳواڻ لاءِ آدرش ڄڻ بي معنيٰ لفظ آهي، جنهن جي ڪا به معنيٰ نه آهي!؟

    ڪرپشن جتي به ديرو ڄمايو آهي، اتان ايمانداري، سچائي ۽ آدرش موڪلائي ويندا آهن، اڄ سنڌ جي تعليم تباهي اختيار ڪري وئي آهي، وڏا وڏا سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ادارا ڪرپشن جي ڪري تباهه ٿي ويا آهن، کاڌي، پيتي جي شين ۾ ملاوٽ، سچ جي جاءِ تي ڪوڙ ڳالهائڻ جو رجحان، منافقي، ٺڳي، چوري، ڪرپشن آهي.

    سنڌ جون قوم پرست پارٽيون ڪرپشن جي مرض ۾ مبتلا ٿي چڪيون آهن، ڀلي ڪو مڃي يا نه مڃي ۽ جڏهن کان اهڙو رجحان سنڌ جي قوم پرستن ۾ داخل ٿيو آهي تڏهن کان سندن ٿورو گهڻو جيڪو تنظيمي جوڙ جڪ جو رجحان ۽ سسٽم موجود هو اهو مڪمل طور ڪمزور ٿي چڪو آهي، ڇو ته قوم پرست پارٽين جي اندر جيڪي ٿورا گهڻا سياسي ۽ نظرياتي سوچ رکندڙ ڪارڪن هئا اهي پاسيرا ٿي چڪا به آهن ۽ هاڻي ڪيترا ئي اهڙا ڪارڪن پارٽين ۾ موجود آهن جيڪي پنهنجي مفادن تحت ويٺل آهن، جيڪا هڪ ڪڙي سچائي آهي.

    منهنجو مقصد هرو ڀرو اهو نه آهي ته آئون سنڌ جي قوم پرست ۽ انقلابي پارٽين تي تنقيد ڪري ڪارڪنن جي ذهنن ۾ مونجهارا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان، دراصل منهنجي تنقيد ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته سنڌي عوام لاءِ جدوجهد ڪندڙ سنڌ جون پارٽيون پاڻ مان خرابيون ڪڍڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ تي مجبور ٿين. مفاد پرست سياست ڪرڻ سان سنڌ جي عوام کي آجپو ڏيارڻ بجاءِ غلامي جي پنجوڙن ۾ ڦاسايو ويندو ۽ سنڌ جا قومي مسئلا حل ٿيڻ بجاءِ ڳنڀير ٿي ويندا.

    مهاتما گانڌي، نيلسن منڊيلا، ڪامريڊ هوچي منهه پنهنجي مفادن جي سياست ڪن ها ته ڇا سندن ملڪن ۾ قومون سامراج جي پنجوڙن مان آزادي ماڻي سگهن ها؟ اسين ڇو ڀلجي ويا آهيون ته اسان جو اصل رستو ۽ منزل ڪهڙي آهي؟؟؟

    ارڏي اُترادي ۽ حليم باغي کان ڪنهن پڇيو آهي ته اڄ اوهان جي قلم انقلابي گيتن سرجڻ ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟ مون کي اڄ به شهيد انور عباسي جون ٽوڙي ڦاٽڪ وٽ ڏنل اُهي صدائون ڪنن ۾ گونجي رهيون آهن ته ”ٻيلي بسون نه ڀڄايو ۽ هيٺ لهو“ ۽ پوءِ مون انهيءَ بس ۾ ڏٺو ته سندس مٿي مان ميڄالو ٻاهر نڪري رهيو هو!!! ڪهڙا مثال ڏئي ڪهڙا ڏجن اسان کان ڪهڙيون غلطيون ٿي چڪيون آهن، ڪهڙا مثال دهرائجن ته اسين شهيدن جي خون جو سودو به ڪريو ڇڏيون!!!

    سنڌ جي قومي جدوجهد واري سياست ۾ هاڻي غلطي جي گنجائش نه هجڻ گهرجي، غلا خوري، منافقي، ٺڳي ۽ ڪرپشن کي جيستائين پاڻ مان نه ڪڍنداسين تيستائين ڪنهن بهتري جي اُميد نٿي رکي سگهجي.

    اچو ته وچن ڪريون ته سنڌ ۽ سنڌي عوام جي آجپي لاءِ ايمانداري ۽ سچائيءَ جي بنياد تي جدوجهد ڪنداسين ۽ پاڻ مان غلطيون، ڪوتاهيون ختم ڪري نيڪ نيتي جي بنياد تي جدوجهد ڪنداسين.

    سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ ڪجهه قوم پرست پارٽين پارلياماني سياست جو آغاز ڪيو آهي، جيڪا چڱي ڳالهه ضرور آهي پر ڇا اسان پارلياماني سياست جا لوازمات سکيا آهن؟ اسان ته ڪارڪنن کان فقط زندهه آباد ۽ مردهه آباد جا نعرا لڳرايا آهن، جڏهن ته عوام جي مسئلن جي حل لاءِ اسان ڪي پختا قدم نه کنيا آهن، ماڻهن جي ڏکن ۽ ڏولاون کان ته اسين ڪوهين ڏور رهيا آهيون، ماڻهن جا ووٽ داخل ڪرائڻ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ جي ڪڏهن تڪليف به نه ڪئي آهي. اسان جي ڪارڪنن کي ته چندا گڏ ڪرڻ ۽ پلاٽن تي قبضا ڪرائڻ سيکاريو ويو آهي، ڇا ماڻهو اسان کي ايئن ئي ووٽ ڏئي اسان کي اسيمبلين ۾ پهچائيندا، اهو ممڪن آهي؟ جيڪي تنظيمون پارلياماني اتحاد ۾ شامل آهن، انهن پارٽين جا اڳواڻ توڙي ڪارڪن هڪ ٻئي سان ڪيترا سچا آهن؟ اتحادي پارٽين جو جيڪڏهن ڪو گڏيل جلسو ٿيندو آهي ته اها ئي ڪوشش هوندي آهي انهن پارٽين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي ته اسان جا جهنڊا اڳ ۾ هجن ته جيئن اسان جي ميڊيا ڪوريج وڌيڪ هجي، اها سچائي ته ڪونه ٿي بلڪه مفادن جي جنگ چئبي، ان مان صاف ظاهر آهي ته اسين سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي مفادن لاءِ نه پر پنهنجي شخصي مفادن لاءِ جدوجهد پيا ڪريون ۽ انهيءَ مفادن جي جنگ ۾ قرباني جو ٻڪرو ڪارڪنن کي ئي بڻايو پيو وڃي.

    اسين ته ايڌي ۽ ڇيپا جهڙا خير جا ڪم ڪرڻ کان به پري آهيون، جيڪڏهن انهن جهڙا نيڪي جا ڪم ڪريون ها ته ماڻهو جيءَ ۾ جايون ڏين ها پر سوال آهي ته ڇو خير جا ڪم ڪريون، اسان جي ذات کي ڪهڙو فائدو پهچندو، اسان کي ته پنهنجو پاڻ کي نوازڻو آهي، ڪروڙ پتي ۽ ارب پتي بڻجڻو آهي، ماڻهن سان اسان جو ڇا وڃي!!

    علم، عقل ۽ ڏاهپ جو جيڪڏهن صحيح ۽ مثبت استعمال ڪيو وڃي ته منهنجي خيال ۾ ڏکيائيون پيش نه اينديون، قيادت، ڪارڪنن ۽ عوام ۾ جيڪي وڇوٽيون آهن اهي آسان ٿي سگهن ٿيون، جيڪڏهن قيادت يا ڪجهه اڳواڻ غير آئيني ۽ غير قانوني رجحان طرف ڌڪجي ويندا ته ظاهر آهي ڪارڪن پڻ ڇڙ واڳي ڏانهن هليا ويندا ۽ پوءِ ڪنٽرول ۾ ڪجهه به رهي نه سگهندو، هڪ ٻئي جي عزت ۽ احترام وارو سلسلو ختم ٿي ويندو ۽ اها ئي اسان جي قوم پرست تنظيمن جي بد قسمتي آهي ۽ ٻي ڳالهه جيڪا محسوس ڪئي پئي وڃي ته اسان جون قوم پرست تنظيمون تنظيمي جوڙ جڪ جي حساب سان پاڻ کي منظم نه ڪري سگهيون آهن، ادارا ته سڀني تنظيمن وٽ موجود آهن پر ڏٺو اهو ويو آهي ته اهي ادارا شخصيتن جي تابع بڻيل آهن ۽ شخصيتن جا فيصلا ادارن مٿان مڙهيا ويندا آهن ۽ پوءِ نتيجو اهو نڪرندو آهي ته اڳتي هلي تنظيمون ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار بڻجنديون رهن ٿيون، جنهن جي ڪري ڪارڪن مايوسين جو شڪار بڻجي وڃن ٿا ۽ عوام جو اعتماد پڻ قوم پرست پارٽين تان کڄي وڃي ٿو، جنهن جي ڪري اسان جي قوم پرستن جون جڙون عوام ۾ پختيون نه بڻجي سگهيون آهن.

    سنڌ ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي، بشير خان قريشي، جلال محمود شاهه، عبدالواحد آريسر، اياز لطيف پليجو، امير ڀنڀرو، ڊاڪٽر صفدر سرڪي، عبدالخالق جوڻيجو، شفيع محمد برفت، رياض چانڊيو، ابرار قاضي، شاهه محمد شاهه ۽ ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ جي قيادت ۾ ننڍيون وڏيون پارٽيون سرگرميون ڪري رهيون آهن، جن مان ڪجهه تنظيمون سنڌ جي مڪمل آزادي لاءِ جدوجهد ڪري رهيون ته ڪجهه وري سنڌ اندر پارلياماني سياست ذريعي سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ۾ آهن ۽ سڀني پارٽين جي سياست جو محور سنڌ آهي، هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته اسان پنهنجي قول ۽ فعل ۾ ڪيترا سچا ۽ عوام جا هڏ ڏوکي آهيون، جنهن جو فيصلو اڳي پوءِ سنڌ جي عوام کي ئي ڪرڻو آهي.


    عوامي آواز جي ٿورن سان
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ، انقلاب ۽ قومي ڪارڪن

    محترم چوهاڻ صاحب لک ٿورا

    دايو صاحب جيڪو ڪجه لکيو آهي سڀ برابر ۽ سڀ ڳالهيون دل سان لڳيون آهن۔ بس ڇا چئجي، هتي ذاتي انائن ، ذاتي ٺٺ ٺانگرن کي قومي اصولن تي اوليت آهي۔

    اسان کي مٿين چيل جملن کي ورجائي انهن تي عمل ڪرڻو آهي ۽ هاڻي شايد غلطي جي گنجائش نه رهي
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سنڌ، انقلاب ۽ قومي ڪارڪن

    سائين لک احسان اوهانجا جو اوهان اختر دايو جن جو بهترين ۽ سچو ليک ونڊ ڪيو۔۔سائين جن جو سموريون ڳالهيون۔۔مونکي سچ لڳيون۔۔۔۔اسانکي سائين جن جي ڪجھ ڳالهين تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي۔
     
  4. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ، انقلاب ۽ قومي ڪارڪن

    جي ادا سليمان اوهان درست پيا فرمايو ، مهرباني پسند ڪرڻ لاءِ



    بلڪل ادا عاشق ضرورت آهي عمل ڪرڻ جي ، هاڻي ڏسون ته ڪڏهن ٿو هن جي ابتدا ٿئي
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌ، انقلاب ۽ قومي ڪارڪن

    ادا تمام بهترين ،
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو