اچو ته سوچيون......

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ افتخار علي چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏18 مارچ 2011۔

  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    اچو ته سوچيون......

    شبنم بلوچ

    دنيا جي عظيم هستين جو فرمان آهي ته علم حاصل ڪريو پينگهي کان قبر تائين ۽ ٻيو ته ”جڏهن ماڻهو علم حاصل ڪري ٿو ته ان وٽ درد اچي ٿو.“

    علم پرائڻ معنى آگاهه ٿيڻ، ماڻهو جيئن جيئن آگاهه ٿئي ٿو ته هو حال جي رمزن ۽ مستقبل جي اسرارن کي سمجهڻ شروع ڪري ٿو ۽ ائين هو درد جي درياهه ۾ گهڙندو وڃي ٿو. آگاهي ۽ درد هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن. اگر ائين نه هُجي ها ته مرشد لطيف ڀلا ڇو چوي ها ته:

    ”الله ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن“

    معنى ڏاهپ ٿي ڏک جي علامت. هاڻ ٿئي ائين ٿو ته جڏهن ماڻهو آگاهه ٿيندو آهي ته هُن کي سندس موجودگي، (دنيا) ۽ شين جي بي ترتيبي، بي چين/ بي سڪون ڪندي آهي. ڪي ڏاها ان بيچيني ۽ پنهنجي هُجڻ کي غير ضروري سمجهي جهرجهنگ ڏورڻ شروع ڪندا آهن ته ڪي وري پنهنجي بيچيني ۽ وڌيڪ ڄاڻڻ جي اُڃ ۽ اسرارن کي من ۾ لڪائي لوڪ سان نه هوندي به لوڪ سان ئي هلندا آهن. بظاهر هو عام هوندا آهن پر حقيقتن خاص.

    ويهي منجهين وڳ کتوري ڏار چري

    ماءُ تنهنجي ڪرهي پڌر پڳ نه دڳ

    وڳ سين جهڙو وڳ هيئين هُت چري.

    بيچيني ۽ اُڃ گوتم جي به ساڳي هئي ته جنيد بغدادي جي به ساڳي هئي. ٻنهي جي منزل ساڳي هئي. ٻئي حق ۽ سچ جا ڳولائو هئا پر ٻنهي جا طريقا مختلف هئا. گوتم تياڳ ۾ پاڻ پاتو ته جيئن وري جنيد بغداد جي مدرسي منجهه.

    اهو بحث ته مذاق چئبو ته گوتم غلط ۽ جنيد صحيح يا جنيد غلط ۽ گوتم صحيح هو. صوفين جا طريقا مختلف کڻي پر منزل ۽ مقصد ساڳيو هوندو آ، ڳولا ساڳي هوندي آ. ٻنهي وٽ پاڻ بي معنى ۽ ٻيو سڀ بامعنى هوندو آ. صوفي پاڻ مِٽائي پوءِ ئي منزل ماڻي ٿو ۽ ان بعد ئي هو هر مخلوق ۾ پنهنجو پاڻ پسي ٿو ۽ جيڪو پنهنجو پاڻ کي ٻئي ۾ پسي ٿو سو ئي هيرو هُجي ٿو. هاڻ اِهو ئي شخص رحمت جو باعث ته ٿي سگهي ٿو پر زحمت جو نه. هنن ماڻهن وٽ ”مان“ (Ego) هوندو ئي ناهي ۽ سچ به اهو ئي آهي ته ماڻهو جڏهن ”مان“ کي ماريندو آهي، تڏهن ئي نرواڻ ماڻيندو آهي ۽ ان نرواڻ جي صورت ۾ هو نئون جنم وٺندو آهي. هڪ نئين دنيا ۾ پير پائيندو آهي جتي ”مان“ ناهي صرف ”تون ئي تون آ“.

    ”جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن سڄڻ سامهون“

    صوفي اهو ٿي ئي نه ٿو سگهي جنهن وٽ ego هجي، پاڻ پڏائڻ هُجي. باقي جيڪڏهن ڪير اهو دعوى ڪري ٿو ته مان صوفي به آهيان ۽ مون وٽ ego به آهي ته يقينن هو ڀٽڪيل آ، هُن ته نرواڻ جي سمنڊ مان سک ۽ سُڪون جي هڪ چڪي به چکي نه هوندي، هُن ته اسرار ۽ رمزن مان مشاهدو ماڻيو به نه هوندو.

    صوفي گذري ويل وقت کان لادعوى ٿي لمحي جي اهميت اڳيان سر تسليم ڪري ٿو ۽ فڪر ۽ ذڪر ۾ مشاهدو ماڻي ٿو. ڳولا جي باهه ۾ ڪنڀار جي آوي جيئان اندر ئي اندر ۾ پچي ٿو، جيڪڏهن ڳالهائي ٿو ته اُهو ئي ڳالهائي ٿو جيڪو هو محسوس ڪري ٿو ۽ هنن صوفين جي محسوسات کي سمجهندڙ تمام گهٽ هُجن ٿا جيڪڏهن ائين نه هُجي ها ته منصور الحلاج بغداد جي ميڙ ۾ ائين بي سرو سامان نه ماريو وڃي ها. صوفي مفروضن تي نه بلڪه محسوسات تي ڀروسو رکن ٿا پر ڇا ڪجي اٺ ڪتابن کي پڙهندڙ اڄوڪي پڙهيل لکيل جيڪي تصوف کي فلسفي جي آئيني مان ڏسن ٿا ۽ ان تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بغير ڪنهن Conclusion جي ان جي حمايت يا مخالفت ۾ ڳالهائن ٿا. حمايت ڪندڙ وٽ به انا آهي ته مخالفت ڪندڙ وٽ به. هي ٻئي گروهه صرف ۽ صرف سندي خودي (ego) جي تسڪين لاءِ تصوف تي ڳالهائيندا آهن. جڏهن ته صوفي وٽ ”مان“ هوندي ئي ناهي.

    اڄ جي دنيا جيڪڏهن ڏک ۽ غم جي آماجگاهه آهي ته اُن ڪري آهي جو اسين سڀ پنهنجي پنهنجي اندر ۾ ”مان“ (ego) کي پاليو ويٺا آهيون. هي ”مان“ ئي آهي جيڪا اسان کان اُهو ڪجهه ڪرائي ٿي جيڪو نه هئڻ کپي. ”مان“ جي تسڪين لاءِ اسين روز بغير ڪنهن ندامت جي تواتر ڪوڙ ڳالهايون ٿا، هڪ ٻئي کي نيچ ڏيکارڻ لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بي معنى بحث ڪيون ٿا، انا جي هوڏ ۾ هڪ ٻئي کي تڪليف ڏيون ٿا، هڪ ٻئي کي قتل ڪيون ٿا. پوءِ اهو سڀ انفرادي طور ڪيون ٿا يا اجتماعي طور.

    انفرادي طور هڪ شخص سندي اَنا جي تسڪين لاءِ روز ڪرپشن ڪري ٿو، ڌوڪو ڏئي ٿو، ڪوڙ ڪري ٿو، اها ساڳي ئي انا جيڪڏهن اجتماعيت جو روپ وٺي ٿي ته قوم يا مذهب جي نالي ۾ ٻئي قوم يا مذهب لاءِ تباهي جو سبب بڻجي ٿي ۽ آدم انسان ان جو خميازو سالن جا سال ڀوڳي ٿو.

    ڪڏهن ويهي سوچيو آهي ته ان سڀ جو حاصل ڇا آهي سواءِ تباهي، بربادي ۽ درد جي. ڇا اسان جي انا اُن وقت ئي تسڪين ماڻي سگهي ٿي جڏهن ٻئي جي ”مان“ ۾ درد اُٿي؟ ڇا اسان جي ”مان“ ٻئي جي خوشي ۾ خوش ٿي نه ٿي سگهي.

    اڄ جي گلوبلائيزيشن جي دؤر ۾ اسين دنيا جي ڪهڙي ڪُنڊ ۾ به هُجون هڪ ٻئي سان ڳنڍيل هجون. چاهڻ جي باوجود به الڳ ٿي نه ٿا سگهون. لبيا جي بدامني تيل جي اگهن کي آسمان تي رسائي ٿي ته جپان ۾ آيل سونامي ايشيا جي مارڪيٽ کي لوڏي ٿي. عراق ۽ افغانستان جي جنگ جي باهه پاڪستان ۽ هندستان کي به ائين ئي سيڪي ٿي وٺي جيئن ڪابل کي. ها ان جي شدت گهٽ يا وڌ ٿي سگهي ٿي، نتيجا جلد يا دير سان ظاهر ٿي سگهن ٿا.

    هاڻ جڏهن اها ڳالهه پڌري پٽ پيل آهي ته اسان جي تباهي توڻي ترقي، خوشي ۽ غمي هڪ ٻئي سان inter link آهن ته پوءِ سوچ الڳ الڳ ڇو؟ رهڻو ئي جڏهن ڌرتي جي ساڳي گولي تي آهي ته ماپا ۽ قانون الڳ ڇو؟ قومن ۽ فرقن جي مت ڀيد ڇو؟ ڇا اسين سڀ ڪڏهن به جنس، قوم ۽ فرقن کان مٿانهون ٿي ڪري صرف، صرف انسان هُجڻ جي الم (جهنڊي) هيٺ يڪجا نه پيا ٿي سگهون؟ ڇا اهو ممڪن ناهي ته اسين هٿيارن جي واپار بجاءِ گلن جي import export ڪيون، نفرتن بجاءِ محبتن جو ٻج پوکيون. سندي سندي اندر جي ”مان“ کي ماري تون ئي تون جي پرچار ڪيون.


    دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.

    عبرت جي ٿورن سان
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: اچو ته سوچيون......

    سائين افتخار صاحب...تمام بهترين ۽ ڪارائتو موضوع ونڊ ڪرڻ جا ٿورا..
     
  3. فقير محسن

    فقير محسن
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 مارچ 2011
    تحريرون:
    120
    ورتل پسنديدگيون:
    57
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    398
    ڌنڌو:
    اڪائونٽنٽ
    جواب: اچو ته سوچيون......

    ادا سٺي ونڊ ڪئي اٿو..
     
  4. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: اچو ته سوچيون......


    ادا عاشق مهرباني اوهان جي





    ادا فقير محسن پسند ڪرڻ لا مهرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو