ويندس يار مري۔۔ استاد منظور علي کان منظور سخيراڻي تائين

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
ويندس يار مري۔۔ استاد منظور علي کان منّظور سخيراڻي تائين​
۔
لوڪ لهوارو وهي، تون اوچو وهه اوڀار،
منجهان نينهن نهار، وون پٺيرو پرينءَ ڏي.​

۔شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح سنه 1689ع ۾ حيدرآباد ضلعي جي هاڻوڪي ٽنڊي آدم تعلقي جي هڪ ڳوٺ سُئي ڪنڌر، هالا حويلي۾ ڄائو. شاهه عبداللطيف حبيب شاهه جو پٽ، عبدالقدوس شاهه جو پوٽو، جمال شاهه جو پڙپوٽو ۽ جمال شاهه شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جو ٽيون پٽ هو. شاه تاڃيءَ پيٽي سيد هو۔۔۔۔۔۔شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي فلسفي ۽ درس تي عمل ڪندي ملڪ مان دهشتگردي ۽ انتها پسندي جوخاتمو ڪري سگهجي ٿو ڇاڪاڻ ته سندس ڪلام ۾ پيار محبت، ڀائيچاري امن ۽ سموري انسانيت جي فلاح آهي. شاهه لطيف ڀٽائي جي شخصيت ۽ شاعري جي حوالي سان نه رڳو سنڌي زبان ۾ پر هندي، انگريزي، جرمني، چيني ۽ دنيا جي ڪيترين ئي زبانن ۾ گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي. ملڪ جي سمورن سياسي ۽ مذهبي پارٽين کي گهرجي ته شاهه لطيف جي فڪر ۽ فلسفي تي عمل ڪن ۽ پاڻ ۾ پيار محبت اتحاد، اتفاق ۽ ڀائيچاري جو مظاهرو۔ شاهه صاحب جي شاعري کي سنڌ جي هر فنڪار پنهنجي پنهنجي انداز ۾ ڳايو آهي، ۽ هر فنڪار پاڻ نڀايو آهي، هون ته شاهه صاحب جي مشهور ڪلام ۔۔ ويندس يار مري، تنهنجي درد فيراق ۾ ۔۔ هميشه استاد منظور علي خان جي آواز ۾ ٻڌندا پئي آيا آهيون جنهن جي وڊيو پڻ هت پيش ڪئي وئي آهي مگر اهوئي ساڳيو ڪلام موجوده دور جي مشهور فنڪار منظور سخيراڻي به ڳايو آهي اچو ته ڏسو ۽ ٻڌون۔

http://www.youtube.com/watch?v=Zv_Jbk5FkCE
http://www.youtube.com/watch?v=bsAkwLTtmA0
 
جواب: ويندس يار مري۔۔ استاد منظور علي کان منظور سخيراڻي تائين

تمام بهترين شيئرنگ

استاد منظور علي خان سنڌ جو خان صاحب راڳي ٿي گذريو آهي
 
Back
Top