• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عاشق سولنگيءَ کي 4000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
هن عشق جي انداز کي سمجهڻ ته ڏکيو آهي۔۔۔۔
اها سِٽ پوري اچي ٿي ته فقط هن فورم جي پياري دوست عاشق سولنگيءَ تي، جيڪو ڏينهن هجي يا رات، آنڌي هجي يا برسات، هن فورم سان پنهنجو نينهن سٺي نموني نڀائي رهيو آهي۔۔۔ سنڌ جي لاءِ سر ڏيڻ واري جذبي سان گڏ پنهنجي مزاح واري طبيعت سبب سنڌ سلامت کان علاوه فيسبوڪ تي سنڌي ڪميونٽي ۾ پڻ عاشق ڏاڍو مشهور آهي
عاشق انهن پيارن دوستن منجهان آهي جن سان سنڌ سلامت تي آن لائن هجڻ کان علاو پڻ رابطو رهي ٿو۔۔
اڄ سندس تحريرن تي نظر پئي ته 4000 جو انگ ڪراس ڪري چڪيون هيون۔۔ اسان جي دل مان سندس لاءِ دعائون نڪرن پيون۔۔
344t829.jpg
 
جواب: عاشق سولنگيءَ کي 4000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد

ادا عاشق سولنگي کي 4000 تحريرن تي مون پاران به سلام ۽ مبارڪون قبول پون

اوهان کي شاباسون آهن جيڪي سنڌ سلامت تي پنهنجو وقت ڏئي خدمت ڪري رهيا آهيو
 
جواب: عاشق سولنگيءَ کي 4000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد

ادا عاشق واقعي مبارڪ باد جا حقدار به آهيو
‌4000‌ هزار تحريرون ڪا مزاق جي ڳالهه نه آهي
پنهنجو قيمتي ٽائيم ڪڍي ڪنهن ٻي دوست جي شاعري
کي ڊزائين ڏئي نون رنگن روپن سان پيش ڪندا آهيو
جيڪا ساراهڻ جوڳي ڳالهه آهي
واقعي ادا عاشق اوهان مبارڪون لهڻيون
سدائين گڏ
 
جواب: عاشق سولنگيءَ کي 4000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد

153nnz6.jpg



عاشَق زهر پِياڪَ، وِهُ ڏسِي وِهُسَنِ گھڻو؛

سنڌ سلامت جي ساٿي، سهڻي دوست ۽ اسان سڀني جي عاشق (ڇو ته عاشق پاڻ سگنيچر ۾ لکيو آهي اوهان جو عاشق) عاشق سولنگيء کي 4000 تحريرون ونڊ ڪرڻ تي دلي واڌايون۔ عاشق يا ته مجبور هوندا آهن يا وري مجنون هوندا آهن پر اسان وارو عاشق ڪنهن مهل ڪيئن ته ڪنهن مهل ڪيئن هوندو آهي۔ ڪڏهن سنڌ جو عاشق، ڪڏهن شاعري جو عاشق، ڪڏهن سنڌ سلامت جو عاشق باقي اصل عاشقي ڪيئن اٿس اها ته پاڻ کي گهڻي خبر ناهي جو ادو همانگير ئي ٻڌائي سگهي ٿو جيڪو ڪافي ڏينهن کان فورم تان گم آهي۔

عاشق سنڌ سلامت سان گڏ فيس بوڪ تي هر وقت موجود هوندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهڙا جملا وال تي لکندو آهي جو مونکي لڳندو آهي ته عاشق ڪو ديوانو عاشق آهي۔ سندس ڊزائن ڪيل شاعري تمام سهڻن رنگن سان سجايل هوندي آهي۔ سنڌ سلامت لاء ڪيل سندس خمتن جو ثبوت سندس 4000 تحريرون ۽ خلوص آهي۔

سندس فورم لاء ڪيل ڪوششن تي کيس سلام۔ دعا آهي ته پاڻ هميشه خوش هجي ۽ اڃان وڌيڪ لکندو رهي۔

سُوري آهِ سينگار، اَڳَهِين عاشقن جو؛
مُڙڻ موٽڻ ميهڻو، ٿيا نِظاري نِروارُ؛
ڪُسڻَ جو قَرارُ، اصل عاشقن کي
 
جواب: عاشق سولنگيءَ کي 4000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد

عاشــــق زهــــر پيـــاڪ، وهه ڏســي وهسن گهڻـــو،
ڪــــــــڙي ۽ قـــــاتـــــل جـــــا، همــــــيشه هيراڪ،
لڳيـــن لــنئو لطيــــف چئــي، فنــــا ڪيـــا فـــــراق،
توڙي چڪنن چاڪ، ته به آهه نه سلن عام سين۔

عاشقن جي طبيعت ۾ وفاداري ۽ وفا شعاري هوندي آهي، انجي شاهدي ته لطيف سڳوري ڏني آهي، پر عملي ثبوت ڏنو آهي سنڌ سلامت جي رڪن محترم ”عاشق سولنگي“، عاشق پنهنجن جلون سان سنڌ سلامت سان نيهن جا ناتا اهڙا ته جوڙيا اهن ۔۔۔ جو عاشق کي ڏسي رونا ليلا جو ڳايل گيت ياد ايندو آهي ۔۔۔

لڳايم نيهن جو ناتو، اهو ناتو نڀائيندس،

سنڌ سلامت تي عاشق جون خدمتون سنڌ دوستيءَ واريون آهن، سنڌ سان پيار ۽ وفا سبب سنڌ سلامت سان پيار ۽ سنڌ سلامت جي دوستن سان دوستيون وڌائيندي ڪڏهن به ناهي ڪيٻآئيندو ۔۔۔

نوجوان ماڻهون آهي، سندس هلڻ جي رفتار اسانکان تمام گهڻي تيز آهي، انڪري 4000 تحريرون ته پوريون ٿيون آهن پر لڳي ٿو ته اڃان گهڻيون تحريرون پوريون ٿينديون، انڪري واڌايون ڪهڙين ڪهڙين ڪاميابين جي کيس ڏجي ۔۔۔ بس دعا ڪري ڇڏجي ته؛

رب العالمين عاشق کي هميشه سرخرو ۽ آباد رکي، سنڌ ۽ سنڌيت سان محبت سدائين قائم ۽ دائم رهي ۽ سنڌ سلامت جي دوستن سان دوستين ۾ پاڻ ملهائي ۔۔۔ آمين
 
جواب: عاشق سولنگيءَ کي 4000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد

هن
عاشق انهن پيارن دوستن منجهان آهي جن سان سنڌ سلامت تي آن لائن هجڻ کان علاو پڻ رابطو رهي ٿو۔۔
اڄ سندس تحريرن تي نظر پئي ته 4000 جو انگ ڪراس ڪري چڪيون هيون۔۔ اسان جي دل مان سندس لاءِ دعائون نڪرن پيون۔۔
[​

ادا عاشق اوهان جي محنتن کي سلام ،

ماشاءالله اوهان باقاعده فعال ميمبر آهيو جنهن جو ثبوت اوهان جون 4000 تحريرون ڏئي رهيون آهن ،

الله تعالى شل اوهان جو ساٿ قائم ۽ دائم رکي ، آمين​
 
جواب: عاشق سولنگيءَ کي 4000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد

ادا عاشق سولنگي کي اسان جي طرفان به 4000 تحريرون پوريون ڪرڻ تي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ٿا ڪريون .
 
جواب: عاشق سولنگيءَ کي 4000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد

ادا عاشق منهنجي پاران به اوهان کي واڌايون

اوهان جون 4000 تحريرون اوهان جي سرگرم هجڻ جو ثبوت آهن
 
جواب: عاشق سولنگيءَ کي 4000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد

عاشق ته آهي ئي عاشق سڀن جو ان جي ڪاوشن جي جيتري به تعريف ڪجي گهٽ آهي۔ خاص ڪري ڊزائن ۾ پاڻ ماهر آهي، ء سنڌ سلامت جو فعال ميمبر آهي،
منهنجي طرفان به 4000 تحريرون پوريون ڪرڻ تي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪجي ٿي .
 
جواب: عاشق سولنگيءَ کي 4000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد

محترم دوستو...!! جتي سنڌين جا ميلا هجن اُتي عاشق نه هجي..ته اها ڳالھ ٺهي ڪون ٿي...سو دوستو پاڻ سنڌ ۽ سنڌي دوستن جي پيرن جي خاڪ آهيون. مان سنڌسلامت جي سڀني ميمبرن کي مخلص ۽ سچو دوست سمجهندو آهيون.
هاڻي سچن سٺن سهڻ دوستن کي ٽائيم ڪيئن نه ڏيجي.
پنهنجو عشق سنڌي قوم ۽ سنڌ سان آهي....اول آخر سنڌ


سڄي سٿ جي مهرباني..قرب
 
جواب: عاشق سولنگيءَ کي 4000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد

ادا اسان جي طرف کان به توهان کي 4000 مرتبه مبارڪ........
 
جواب: عاشق سولنگيءَ کي 4000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد

--------------------------------------------------------------------------------

ادا عاشق واقعي مبارڪ باد جا حقدار به آهيو
‌4000‌ هزار تحريرون ڪا مزاق جي ڳالهه نه آهي
پنهنجو قيمتي ٽائيم ڪڍي ڪنهن ٻي دوست جي شاعري
کي ڊزائين ڏئي نون رنگن روپن سان پيش ڪندا آهيو
جيڪا ساراهڻ جوڳي ڳالهه آهي
واقعي ادا عاشق اوهان مبارڪون لهڻيون
سدائين گڏ


ادا عاشق اسانجا به اوهان لاء اهي ساڳيا ويچار آهن۔توهان جي باغ و بهار طبيعت جو اندازو توهان جي شاعرانا ذوق ۽ ڪمنٽس مان آساني سان لڳائي سگهجي ٿو۔​
 
جواب: عاشق سولنگيءَ کي 4000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد

ادا عاشق سولنگي صاحب هن محبتي اڱڻ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي 4000 تحريرون لکڻ تي توهانکي اسانجي طرفان به" 4000 دفعه مبارڪون"
 
جواب: عاشق سولنگيءَ کي 4000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد

ادا اسان طرف کان به توهان کي مبارڪ هجي
 
Back
Top