ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!
پيارا وحيد کوسا توهان جي همت افزائين جو دلي ٿورائتو آهيان ۔ مهرباني اداتمام خوبصورت آزاد نظم دل کي ڇهندڙ ۽ من موهيندڙ سٽون
لاجواب سائين نثار ناز صاحب قابل تعريف
تمام بهترين نظم آهي ونڊ ڪرڻ جا لک ٿورا
سائين نثار ناز سلام
سماج جي ڏاڍ خلاف بهترين نظم ۽ انهن براين جي صحيح نشاندهي ڪيل آهي۔ اوهان جي لفظن ۽ اوهان جي سوچ کي سلام آهي۔ سنڌ سان ٿيندڙ ظلم ۽ پنهنجن جا ڪيل ڪلور اوهان بيان ڪيا آهن۔ اوهان جي هر سٽ جا لفظ سيني ۾ خنجر جيان پيا چڀجن۔
لک ٿورا اوهان جي سهڻي ونڊ جا
ادا مست جو ٿورائتو آهيان جو کيس منهنجي سادي ۽ سئولي شاعري ۾ لفظ به سادا ۽ سئولا لڳا معاشري ۾ سچ جو ڍنڊورو هر ماڻهو کي ڏيڻ گهرجي، ادا اسان کي دعائون ڏيو ته شال اهڙا سچ سدائين پنهنجي فرضن مان سمجهي برائي جي خلاف هر جهاد جي صورت ۾ لکندا رهون ۔سادن ۽ سولن لفظن ۾ بهترين ڳالهه لکيل آهي، معاشري جي سچ کي شاعريءَذريعي نروار ڪرڻ سنڌ جي مهان شاعرن جو شان رهيو آهي، اوهان ان ريت کي نڀايو پيا، تمام بهترين ڳالهه آهي
سائين تمام بهترين شاعري بهترين لفظ ، بهترن خيالات ، بهترين ديزائن ڪهڙي شي جي تعريف ڪري ماڻهون ڪهڙي جي تعريف ڪري نثار ناز جي شاعري هجي تعريف جي لائق نه هجي اهو ٿي نٿو سگهي الله پاڪ شال اوهان جي جڙيو رکي
سائين محترم نثار ناز، اوهانجي لفظن ۾ اسانجو آواز ۔۔۔ اوهانجي قلم مان نڪتل لفظن ۾ اسانجي ڳالهه آهي ۔۔۔ قومي جذبي سان سرشار نظم آهي ۔۔۔
نعرا هڻي هڻي ته قوم سڄي کي نڙيون پئجي ويون آهن پر ڪو کڙ تيل نڪري نٿو، بلڪه هاڻ ته قوم به نعرا هڻڻ ڇڏيندي وڃي ۔۔۔۔ قومي سياستدان آهن جو ڏينهن و ڏينهن وڃن ٿا لالچ ۽ انڌ جي گپ ۾ گچندا ۽ وفاقي سياستدان وڃن ٿا سنڌ کي کائيندا ۽ کپائيندا ۔۔۔
سماجي ڍانچو وڃي ٿو تباهي جي ڪناري تي پهچندو ۔۔۔ سچ، اصول، حياء، ايمان ۽ سڀ گڻ، ماضي جا قصا ٿيندا وڃن ۔۔۔ اقتصادي حالت بک ۽ بدحالي جي ور چڙهيل آهي ۔۔۔ چور جو پيٽ ڀريل آهي ۽ ايمان وارو بکن ۾ آهي ۔۔۔
سنڌ جا سماجي، سياسي، تعليمي ۽ مذهبي ادارا ناڪاره ۽ ڍڳو پير پيران واري روش تي ڪاربند آهن ۔۔۔
اوهان ان ڏکوئيندڙ وايو منڊل کي لفظ ڏئي سنڌ جو آواز ٻاهر ڪڍيو آهي ۔۔۔
لک شاباسون ۔۔۔ لک شاباسون
سنڌ سلامت ساٿ سلامت
اسان جا چُپ سبيل ناهن