هڪڙي دفعي جي ڳالھ سابه سچي هڪ رات اسان چار دوست اونهاري جي گرميء ۾ لائيٽ نه هجڻ جي ڪري ڳوٺ وڏي اوطاق جي وڏي ميدان ۾ کٽ وجهي ويٺا هئاسين ڳالهيون ڪندا رهياسين..ڪڏهن سياست ڪڏهن مذهب ته ڪڏهن قوم پرست....ته وري ڪڏهن سنڌ ۾ ٿيندڙ ڀتاخوري...سنڌ ۾ ٿيندڙ مينهن جي چوري......جڏهن اسان جي ڳالهين جو عنوان چوريء تي آيو ته...هڪ دوست چيو يار ڪجھ ڏينهن جي ڳالھ آهي..مان ۽ مُنو ان رات.....ڪاڪي تاجل واري مڇيء جي تلاء تان چوري مڇي ماري آياسين....هتي هڪ دوست رياض چوڻ لڳو...اڙي مڇي ماري ڪاڏي ڪيو.......مُنو مڇي کپائي....سين سج نڪرڻ کان اڳ ساڍن ستن سون جي ٿي.....اڄ به اسان جو مونڊ آهي...مولو جي تلاء تان مڇي مارڻ جو....ته مونکي رياض چوڻ لڳو..عاشو ڇا پروگرام آهي.....ته مان کلڻ لڳس.....اڙي ڇورا پڪڙجي پيون ۽ گهر وارن کي خبر پئي ته....؟؟ مُنو اڙي عاشو دل ٻڌ پُٽ ڪجھ ئي نه ٿيندو ڙي....مولو...نينڊ جو گڏھ آهي...اصلي خبر ئي نه پوندس....ٻيو ته هو رات جو ٻارهين کان بعد ۾ ٿو اچي...اسان يارهين کان اڳ ئي مڇي ماري ٿا اچون........اتي مونکي دل ۾ خيال آيو...جيڪڏهن پڪڙجي پياسين...۽ بابا کي خبر پئي ته پادرن ۾ صفا مري وينداسين....خير دوستن جون ٽيڪرن ۽ دل جاين مونکي....نيٺ تيار ڪيو...اسان هڪ ٻئي سان ڊاڙون هڻندا....هڻندا..نيٺ تلاء تي وڃي پهتاسين....اُتي هيڏي هوڏي نظر ڦيرائين سين ته ڪاري وارا ڪک ۽ گدڙن جو ڪُو ڪُو لڳي پئي هُئي....اسان جلدي ۾ ڪپڙا چينج ڪري پوتڙا...ٻڌاسين ۽ کڏ ۾ ڄار سميت لهي پياسين....منهنجي خيال ۾ اسان ڪلاڪ کن ۾ ٽيھ ڪلا مڇي ماري سين....مڇي ماري اسان جلدي ۾ نڪتاسين.....سڀ ڪو وٺ پڪڙ ۾...هر ڪنهن پنهنجا پنهنجا ڪپڙا پاتا....مون به جلدي ۾ ڪپڙا پاتا....ڪپڙا پائي...مون چپل....ڏي خيال ڪيو ته چپل..لڀي ئي ڪون پئي...مون چيو مُنو کي اڙي منهنجي چپل ڪاڏي وئي...چيائين اڙي اتي هوندئي...ڏس خيال سان انڌا....مون وري به هيڏي هوڏي ڏٺو..چپل نظر نه آئي.....مان پريشان ٿي ويس....ته ڀيهان چپل ڪاڏي وئي...هاڻي مان چپل کان بغير گهر ڪيئن ويندس....آخر مان به دوستن سان گڏ...بغير چپل جي...روانو ٿي ويس....۽ دل ئي دل ۾ سوچڻ لڳس..ته منهنجي چپل وئي ڪاڏي.......!!! ڪجھ پنڌ اڳتي هلياسين...ته هڪ دوست چوڻ لڳو اڙي عاشو..تون چپل گهڻي ۾ ورتي هُئي...مون چيو ڙي...چپل ته مون پنجن سون ۾ ورتي هُئي. هتي ٻيو دوست چوڻ لڳو...يار کڏ تي ڪوئا به ڏاڍا آهن لڳي ٿو تنهنجي چپل ڪوئا يا گدڙ کڻي ويا. ان ڏينهن کان مون اهو پڪو پھ ڪري ڇڏيو ته..عاشق کائبو ته محنت ڪري کائبو نه ته بُک تي ڀلا آهيون.....چوري اسان کي فائدو نه پر نقصان ڏيندي......حرام حرامي کي ئي لڳندو آهي...ماري جي گهر ۾ هڏن جو ڍير...سچ ته مون انهن دوستن سان اڄ ڏينهن تائين نه ڳالهايو آهي...اڇو ٻڌ ڪاري سان رنگ ته نه مٽائيندو پر عادت ضرور مٽائيندو....ڇني ڪُتن وانگر کائڻ ۾ مزو نه آهي.
جواب: هڪڙي دفعي جي ڳالھ صفا اصل ڀلو ڪيو ادا جو انهن سان ڳالهائڻڇڏي ڏنو توهان سهي آهيو ادا حرام جو مال حرام کي ئي لڳندو آهي سدائين گڏ
جواب: هڪڙي دفعي جي ڳالھ سائين عاشق سولنگي صاحب اوهان بلڪل صحيح لکيو آهي، حرام جي مال مان پنهنجو نقصان ئي ٿيندو
جواب: هڪڙي دفعي جي ڳالھ ماشاء الله ادا عاشق ڪمال ٿا ڪيو يار اهڙو پيارو مضمون جوڙيو آهي اوهان جنهن ۾ پڻ هڪ سبق سمايل آهي ۔ يقين ڄاڻو مونکي ڏاڍي خوشي ٿي آهي اوهان جي هن مضمون لکڻ تي ، ٻيلي هن سلسلي جي جاري و ساري رکجائين الله تعالى اوهان کي خوش رکي ، آمين