سُريلو راڳي ڦوٽو زرداري ڄم 1952ع وفات 16 مارچ 1996ع رزاق ميمڻ اڄ 16 مارچ آهي ۽ سنڌ جي ڀلوڙ راڳي ڦوٽو زرداري جو وڇوڙو 16 مارچ 1996 تي ٿيو چون ٿا ته هڪ ڀيري هالن ۾ ڪو ميلو لڳو، جنهن جي راڳ ۽ رنگ جو نگران سائين مخدوم طالب المولي جن پاڻ هوندا هُئا، اُتي هڪ محفل ۾ ڦوٽي زرداريءَ به ڳايو هو. ٻُڌندڙن سند تعريف سائين طالب المولي سان ڪئي، جنهن کيس گھُرائي بُڌو ۽ راڳ ٻُڌڻ کان پوءِ کيس مصري فقير جي حوالي ڪري ڇڏيو. جنهن هن تي تمام محنت ڪئي ۽ ٿورڙي ئي عرصي ۾ ڦوٽو زرداري وڏن ۽ سُهڻن ڳائڻن ۾ ڳڻجڻ لڳو. ڦوٽو زرداري 1952ع ۾ سرهاڙي ويجھو هڪ ڳوٺ عالم خان ۾ پئدا ٿيو، پاڻ به مصري فقير جو ديوانو هو ۽ اُنهيءَ کان ئي مُتاثر ٿي ڳائڻ شروع ڪيو هُئائين. هُن شروعات ۾ فقير عبد علي هنڱوري کان تربيت ورتي ۽ هُن جي خواهش هُئي ته هو وڌيڪ تربيت مصري فقير کان وٺي ۽ هن جي ان خواهش کي سائين طالب المولي پرکي ورتو ۽ پورو ڪيائون. اسٽيج تي مقبوليت کان پوءِ هُن ريڊئي ۽ ٽي وي جو رُخ رکيو. ريڊئي تي به هو مّخدوم صاحب جي معرفت پُهتو هو. هن پهرين رڪارڊنگ ريڊئي پاڪستان حيدرآباد تي ڪرائي هُئي، سندُس ريڊئي تي ڳايل پهريون ڪلام مُرتضي ا شاه ڏاڏاهيءَ جو آهي جنهن جا ٻول هي آهن : ”اي پرين پرديسي پيارا، پيار جي پارت هُجئي“ حون کان پوٰ هُن جا ريڊئي تي پروگرام ٿيندا رهيا، هو مُختلف شاعرن شاه، سچل، مُرتضا ڏاڏاهي، سيد صالح شاه راڻي پور وارو، طالب المولي ، رحيم بخش قمر ۽ غُلام حيدر گَجُوءَ وغيره جي شاعري ڳائيندو هو، هو هڪ لحاظ کان هڪ مُنفرد فنڪار هو، هُو ڌُن به پاڻ ٺاهيندو هو، ڪيسٽ وسيلي به پاڻ مڃايائين ۽ هن گھهڻا ڪلام طالب المولي جا ڳايا. ڦوٽو زرداري مّخدوم طالب المولي سان عقيدت ته رکندو هو پر پاڻ مُريد راڻي پور جي پير عبدالقادر جيلانيءَ جو هو ۽ اُن درگاه تي ب هن زندگيءَ جو ڳچ حصو گُذاريو. سائين صالح شاه جو ڪلام به هُن اُتان ئي ڳائڻ شوروٿ ڪيو هو. جنهن وقت راڻي پور شهر ۾ ناميارا راڳي ايندا هُئي، اُنهن منجھه ڦوٽي زرداريءَ کي خاص اهميت هوندي هُئي. هو مُختلف ميلن ملاکڙن، خاص طور شاه، سچل ۽ قلندر شهباز جي ميلن تي ڳائيندو هو. سندُس ڪُجھه مقبول ڪلام هي آهن. 1. مهربان ٻي ته وئي پر مُهن ڏيکارڻ کان به وئين (طالب المولي ا) 2. مٺا هاڻ مُهنجي اٿئي موڪلاڻي (دريا خان) 3. تماچي ڄام ڪيئن تڙ تي. 4. اي پرين پرديس وارا پيار جي پارت هُجئي. ڦوٽو زرداري 16 مارچ 1996ٿ تي گُذاري ويو.
جواب: ڦوٽو زرداري (سندس ورسي تي کيس ڀيٽا) ڦوٽو زرداري سنڌ جو سدا حيات آواز سندس ڳائئڻ جو هڪ مخصوص انداز هو۔ سنڌي ٽوپي پائي اسٽيج تي ڳائي ماڻهن کي به جهومائيندو هو۔ افسوس اڄ ڪنهن به ميڊيا جي اداري کيس ياد ناهي ڪيو نه ئي ڪنهن اخبار۔ سنڌ سلامت کي شاباس هجي جن کيس ڀيٽآ پيش ڪئي اهي۔ http://www.youtube.com/watch?v=aXdXELFgR9s
جواب: ڦوٽو زرداري (سندس ورسي تي کيس ڀيٽا) سنڌ جي سريلي فنڪار جي ورسي ڪٿي به ڪنهن چئنل تي ڪونه ملهائي وئي نه وري سنڌي اخبارن ڪو سندس ذڪر ڪيو۔ شاباس آهي سنڌ سلامت کي جيڪي پنهنجي محسنن کي ڀيٽا ٿا پيش ڪن۔ اوهان جي اهڙي ڪم جي قدر ڪجي ٿي
جواب: ڦوٽو زرداري (سندس ورسي تي کيس ڀيٽا) مهرباني سائين بلڪل اوهان جي ڳاله سان اتفاق ڪجي ٿو ته هن جو ڳائڻ ۾ پنهنجو خاص انداز هو
جواب: ڦوٽو زرداري (سندس ورسي تي کيس ڀيٽا) چانڊيو صاحب مهربانيون اوهان جي حوصلا افزائيء لاء مهربانيون۔ سنڌ سلامت انشاء الله اها ڪوشش جاري رکندي
مهراڻ جا موتي: ڦوٽو زرداري محمد عثمان ميمڻ سنڌ جي مشهور فنڪار ڦوٽو زرداري ولد شير محمد جو جنم 1956ع ڌاري سرهاڙي ڀرسان ڳوٺ عالم خان زرداري تعلقي شهدادپور ضلعي سانگهڙ ۾ ٿيو. پاڻ ريڊيو، ٽي. ويءَ ۽ اسٽيج جو مقبول ڳائڻو ٿي گذريو آهي. ڦوٽي زرداري جو تعلق هڪ غريب گهراڻي سان هو. وسيلا نه هجڻ سبب اعليٰ تعليم پرائي نه سگهيو. سندس معمولي تعليم هئي. ننڍپڻ کان ئي سندس دلچسپي راڳ طرف رهي. انهن ڏينهن ۾ مصري فقير سنڌي موسيقيءَ جي دنيا تي پوري طرح ڇانيل هوندو هو. ڦوٽو زرداري به کانئس بيحد متاثر هو. هو هميشه مصري فقير جي ڳايل ڪلامن کي پيو ٻڌندو هو. پنهنجي علائقي جي ڀرپاسي ۾ جتي ۽ جنهن محفل ۾ مصري فقير ڳائڻ ايندو هو، ڦوٽو زرداري ڪهي اچي سندس راڳ ضرور ٻڌندو هو ۽ سندس فني مهارت جو ڳوڙهو اڀياس ڪندو هو. هُو پنهنجي منهن سان راتين جون راتيون جاڳي رياض ڪندو هو. اهو ئي سبب هو جو ڦوٽي زرداري جي گائڪيءَ تي آخر تائين مصري فقير جو بيحد اثر رهيو. ايتري تائين جو سندس آواز به مصري فقير جي آواز سان ملندڙ جلندڙ هو. ڦوٽو زرداري جيتوڻيڪ مصري فقير جو باقاعده شاگرد ڪو نه هو. ڦوٽي زرداري راڳ جي باقاعدي تعليم عبد علي فقير کان حاصل ڪئي هئي پر ڦوٽي زرداريءَ جي مصري فقير سان روحاني محبت هئي جنهن عشق کيس مصري فقير جهڙو راڳي بڻائي ڇڏيو هو. شروع ۾ ڦوٽي زرداري کي پنهنجا والدين ڳائڻ وڄائڻ کان ڪيترو ئي وقت روڪيندا رهيا پر ڦوٽو زرداري راڳ ۽ آواز جي دنيا ۾ رڱجي ريٽو ٿي چڪو هو ۽ وڏن جي روڪ جي ڪا پرواهه نه ڪندي رياض جاري رکيائين ۽ نيٺ وڃي اعليٰ درجي تي پڳو. ڦوٽو زرداري هارمونيم تي ڳائيندو هو. راڳ جي حوالي سان سڄي سنڌ ۾ مقبول ٿيو. پاڻ سُريلي ۽ سوز واري آواز ۾ ڳائي محفل ۾ ويٺل ماڻهن کي مدهوش بڻائي ڇڏيندو هو ۽ ٻڌندڙ بي خوديءَ واري عالم ۾ جهومڻ لڳندا هئا. سندس گائڪيءَ ۽ آواز ۾ ايترو ته اثر هو جو جيڪڏهن ڪنهن سادي سودي شاعريءَ کي به آواز جا آلاپ ڏيندو هو ته اها شاعري پُرتاثير بڻجي پوندي هئي. پاڻ هلڪي ڦلڪي موسيقيءَ ۾ نيم ڪلاسيڪل رنگ ڀرڻ جو ماهر هو. ڪڏهن به ڪا ڌن چوري نه ڪيائين. هميشه ديسي ڌنن ۾ ڪلام ڳائيندو هو. آسا، ڪاموڏ، تلنگ، ڪوهياري، ڀيروي، پهاڙي ۽ راڻو راڳيڻ تي کيس عبور حاصل هو. ڦوٽي زرداري گهڻو ڪري شاهه سائين، طالب الموليٰ سيد مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهي، پير اعجاز، احمد شاهه، بلها شاهه ۽ ٻين نون پراڻن شاعرن جي شاعري ڳائي خوب داد حاصل ڪيو. هن ريڊيو ۽ ٽيليويزن کانسواءِ سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ سرڪاري ۽ خانگي محفلن ۾ ڳائي پنهنجو نالو ڪمايو هو. سندس آواز ۾ رڪارڊ ڪيل سوين آڊيو ڪئسٽون مختلف رڪارڊنگ ڪمپنين طرفان رليز ٿيل آهن. ڦوٽو زرداري سنڌي پنج درجا پاس هو. اهڙا ڪي ٿورڙا ئي فنڪار هوندا جيڪي گهٽ تعليم هجڻ باوجود ايترا شهرت يافته بڻيا هجن. ڦوٽو زرداري 71-1970ع ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي آڊيشن ذريعي منظور ٿيو. ان وقت ريڊيو جو انچارج انصاري صاحب هو. هن سڀ کان پهريائين مخدم طالب الموليٰ جي هڪ ڪافي ”پنهنجي دردن جي پنهنجي سورن جي ڪنهن سان ڳالهه ڪيان ڪنهن کي دانهن ڏيان“ ڳائي. جنهن بعد ريڊيو تي سندس پنجاهه کن ڪلام رڪارڊ ٿيا. سندس آواز ۾ هڪ ٻيو طالب الموليٰ جو ڪلام ”ڪنهن سانوڙي جو خواب آهيان“ پڻ بيحد مقبول ٿيو. کيس هڪ پٽ امجد علي ۽ هڪ ڌيءَ جو اولاد ٿيو. سنڌ جي هن سُريلي فنڪار 16 مارچ 1996ع تي وفات ڪئي اڄ به سندس سدا حيات آواز سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هوٽلن، اوطاقت ۽ گهرن ۾ گوجندو رهي ٿو.
ڦوٽي زرداري جي ياد نياز ڀنڀرو سنڌ جي سهڻي سنهڙي ۽ سريلي ڦو ٽي زرداري مرحوم جي اڄ 22 هين ورسي آهي ان حوالي سان ٿورڙيو مرحوم سان يادگيريو عر ض رکجن ٿيون. ڦوٽو زرداري 1952 ۾ سانگهڙ ضلعي جي ڳوٺ عالم خان زرداري جي رهواسي شير محمد زرداري جي گهر ۾ اک کولي ۽ سند س تعليم پرائمري پنج درجا هئي. مصري فقير کان متا ثر ٿي پهريان فقير عبد علي هڱورو کان راڳ جي سکيا ورتي ۽ ٿورڙي ٽائم ۾ ڦو ٽو زرداري باقائده راڳ جي سکيا مرحوم مصري فقير کان ورتي ۽ مصري فقير جي ڪاپي ڪرڻ ۾ ايترو ته ڪاميا ب ويو جو هڪ دفعو هالا جي مخدوم محمد زمان طالب مولا کيس کي اهو داد ڏيندي چيو ته اسان کان مصري فقير جدا نه پر روپ بدلائي سامهون آيو آهي. مصري فقير مخدوم طالب مولا، مخدوم محمد امين فهيم جي جيڪا به شاعري هئي ان جو ياد حافظ فنڪارن ۾ ليکيو ويندو هو، ان شئي جي گواهي قبلا سائين طالب مولا ڪتابن ۽ انٽريوز ۾ ڏيندا آيا آهن. مرحوم مصري فقير ۽ ڦوٽو زرداري جو راڻيپور درگاه سائين محمد رفيق شاه جيلاني جن وٽ اچڻ تما م گهڻو ٿيندو هو ۽ سائين عبدالقادر شاه جيلاني جن ٻنهي استاد شاگرد کي گڏ ڪلام چورائي ٻڌ ٻڌندڙ شوقينن کي لطف اندوزپڻ ڪندا هيا، ان شئي جي گواهي سندن آواز ۾ ڳايل ڪافيون اڄ به مصري فقير ۽ ڦوٽو زرداري پيج تي گواهي ڏيڻ جي لاء موجود آهن. ڦوٽي زرداري ۾ ڪيتريون ئي بي انداز خاصيتون ۽ خوبيون هيون هڪ ته ڪنهن به شادي مرادي ۾ فيس ڳالهائي نه ويندو هيو ۽ خاص ڪري غريبن جي شادين کي وڌيڪ ترجيح ڏيندو هو. ٻيو ته محفل ڳائڻ وقت سندس استاد جيئن باجو هنج ۾ رکي سڄي سڄي رات ڳائيدو هو. سندس ڳڻ يادگيرين تي شايد هيءُ بندو ڪتاب لکي تڏهن به گهٽ ٿيندو پر مختصر سندس چاهيندڙن لاء ڄا ڻ رکجي ٿي. مرحوم ڦوٽو زرداري 1996 ۾ ساه جي تڪليف هجڻ ڪري حيدر آبا د جي راجپوتانا اسپتال ۾ 16 مارچ يعني اڄوڪو ڏيهن اسان دوستن کان وڇڙي ويو پر سندس يادون ۽ مٺڙا ٻول اسان جي دلين تي اڄ به راڄ ڪري رهيا آهن.
مهرباني ٻي ته وئي پر منهن ڏيکارڻ کان به وئين سنڌ جو ڀلوڙ فنڪار ڦوٽو خان زرداري جي 21 ورسي جي مناسبت سان ابراهيم لاشاري ( وارهه) سونهاري سنڌ سر ۽سنگيت جي دنيا سان ڀري پئي آهي سر سنگيت جو فن به اسان وٽ اوالي زماني کان وٺي قائم آهي ، ڳائڻ وڄائڻ جي لاڏلن فنڪارن کي وقت به وقت سونهاري سنڌ ، ڪيترن ئي آواز جي جادوگرن کي پنهنجي هنج ۾ جنم ڏيندي پئي اچي هن سر زمين جي سر سنگيت جي ڄاڻن به هميشه کان ئي پنهنجو پنهنجي سرسبز زمين ، خطي جو نالو ڏيهان ڏيهه مشهور ڪرائڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي ڇڏي اهڙن سر سنگيت جي فردن منجهان ڦوٽو خان زرداري جو نالو به سنڌ جي چوٽي جي فنڪارن ۾ شمار ٿئي ٿوڦوٽو خان زرداري جي ننڍ پڻ کان وٺي ڳائڻ لاءَ دل پئي اڌمان کائيندي هيس ڦوٽو خان زرداري جو جنم زرداري برادري جي معزز شخصيت محترم شير محمد زرداري جي گهر ۾ سال 1952 ع ڌاري ڳوٺ عالم خان زرداري ڀرسان سرهاڙي تعلقي شهداپور ضلعي سا نگهڙ ۾ ٿيو سندس والدين تمام مسڪين هوندا هئا جنهن سبب جي ڪري هن سريلي فنڪار جي تعليمي تربيت سٺي نه ٿي سگهي ،سندس والد غربت سبب سنڌي پنج درجا مس پڙهائي سگهيو،پڙهائي ڇڏي ڳائڻ جي ڪرت سان لڳي ويو ، ننڍپڻ کان وٺي راڳ ڳائڻ سان تمام گهڻي دلچسپي هوندي هئي سندس والدين راڳ ڳائڻ کان منع ڪندا هئا مگر ڦوٽو خان سر سنگيت جي دنيا سان سلهاڙجي چڪو هو والدين جي منع باوجود هن ڳائڻ کي ترجيح ڏني رياض ڪندو ڪندو نيٺ وڃي ڳائڻن ۾ نالو ڪڍرايائين جنهن زماني ۾ ڦوٽو خان زرداري کي ڳائڻ جو رنگ لڳو هو ان زماني ۾ مصري فقير سنڌ فنڪارن ۾ وڏو نالو هوندو هو جنهن کان متاثر ٿي ڦوٽو خان زرداري هارمونيم تي ڳائيندو وتندو هو مصري فقير جي ڳائڻ ايترو ته محوهي ڇڏيو جو جتي به مصري فقير ڳائيندو هوته ڦوٽو اچي کيس ڀر ۾ ويهي ٻڌندو هويس، هو مصري فقير جو مداح هوندو هو هر دم مصري فقير جا ڪلام پيو جهونگاريندو وتندو هو بعد ۾ مشهور فنڪار عبد علي هنگوري کان باقائده ڳائڻ جي تربيت ورتائين هن جي تمنا هئي ته آءَ مصري فقير جو شاگرد ٿيان سندس اها خواش پوري ٿي اهو ئي سبب هو جو ڦوٽي زرداري جي ڳائڻ تي مصري فقير جو اثر ايترو رهيو جو ڦوٽو خان جو آواز به مصري فقير جي آواز سان ملندو هو راڳ جي حوالي سان ملڪان ملڪ پذرائي مليس پاڻ پنهنجي سريلي ۽ سوز ڀري آواز ۾ ڳائي محفل ۾ ويٺل ماڻهن کي مدهوش بڻائي ڇڏيندو هو سندس پرستار آواز تي عاشق هوندا هئا ۽ ان سبب ڪري سندس گائڪي ۽ آواز ۾ ايترو ته اثر هو جو ڪنهن سادي سودي شاعري کي به آواز جي روپ ۾ لاجواب بڻائي ڇڏيندو هو پاڻ هلڪي ڦلڪي موسيقي ۾ نيم ڪلاسيڪل رنگ ڀرڻ جو پڻ ماهر سڏيو ويندو هو ڪڏهن به ڌاري ڌنن ۾ نه ڳائيندو هو ديسي ڌنن ڳائڻ جو لاجواب طرح سان ڳائڻ جو فن هيس ڪوهياري، ڀيروي ،تلنگ ،ڪاموڏ ،آسا ،پهاڙي ۽ راڻو راڳڻين تي کيس وڏي مهارت (عبور) هيس .ڦوٽو خان زرداري محنت ڪري ٿورڙِي عرصي ۾ ئي وڏن فنڪارن ۾ ڳڻجڻ لڳو اسٽيج جي مقبوليت کان پوءَ جلد هن سال 1970ع يا 1971ع ڌاري ريڊيو پاڪستان ۽ ٽيليويزن پاڪستان ڏانهن لاڙو ڪيائين ريڊيو جي مائڪرو فون تي هن کي مخدوم محمد زمان طالب المولي جي معرفت انصاري صاحب آڊيشن وٺي پاس ڪيو ۽ سندس محنت رنگ لاتو هن سڀ کان پهريان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي مشهور شاعر محترم مرتضي شاهه ڏاڏاهي جو ڪلام ( اي پرين پرديس وارا پيار جي پارت هجي ) رڪارڊ ڪرايو هڪ انٽرويو ريڊيو کي ڏيندي ٻڌايو ته آءَ سڀ کان اول ڪلام محترم طالب المولي صاحب جو (پنهنجي دردن جي پنهنجي سورن جي ڪنهن سان ڳالهه ڪيان ، ڪنهن کي دانهن ڏيان ) ڳايو هو سنڌ جي هي ڀلوڙ فنڪار تنهن بعد ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي مخلتف وقتن تي پيو ڳائيندو هو . ڦوٽو خان زرداري مخلتف شاعر جي ڪلام ڳائي سڄي پاڪستان ۾ مشهور ٿيو هن شاعرن ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح ، حضرت سچل سرمست رح ، مرتضي شاهه ڏاڏاهي، سيد صالح شاهه راڻي پوري، مخدو محمد زمان طالب المولي ، رحيم بخش قمر ۽ غلام حيدر گجو جي شاعر کي دل سان ڳايو ڦوٽو خان زرداري سنڌ جو واحد منفرد فنڪار هو جنهن جا سندس ڳايل سمورن ڪلامن کي عوامي مقبوليت ملي هو ڌنون پڻ پاڻ ٺاهيندو هو ڪيسٽن وسيلي به وڏي پذيرائي ماڻيائين، سندس مخدو طالب المولي جو گهڻو تڻو ڪلام ياد هوندو هيس، پاڻ مخدوم صاحب کي خوب ڳايائين، ڦوٽو زرداري مخدو طالب المولي سان نيهنجو ناتو هيس پيري مريدي جو سڳو وري راڻيپور جي پير سيد عبدالقادر شاهه جيلاني جو ورتائين .هن سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ محفلن سرڪاري توڙي خانگي ۾ ڳائي وڏو داد حاصل ڪيو مختلف ميلن ملاکڙن ۾ خاص ڪري حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح ، حضرت سچل سرمست رح ۽ قلندر لعل شهباز عثمان مروندي رح جي ميلن تي به زبردست نموني پذيرائي حاصل ڪئي سندس آواز ۾ رڪارڊ ٿيل سوين آڊيو ڪيسٽون مختلف رڪارڊنگ ڪمپنن پاران رليز ٿيل آهن جنهنڪري اڄ به سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هوٽلن اوطاقن، محفلن ۽ گهرن ۾ ڦوٽي خان زرداري جو سداحيات آواز گونجندو رهي ٿو هن عظيم فنڪار پنهنجي زندگي ۾ ٻه شاديون ڪيو جنهن منجهان (ٽي ) ٻه نياڻن جي اولاد اٿس سندس پوئرن منجهان پٽن ۾ امجد حسين زرداري ۽ شاهد حسين زرداري پنهنجي پي جي ڪرت ( ڳائڻ سان ) سلهاڙيل آهن، باقي سندس هڪ پٽ زاهدحسين زرداري ڳوٺ ۾ زمين جي ڪرت سان لاڳاپيل آهي ، سنڌڙي سونهاري جو هي عوامي ،ڀلوڙ عظيم مشهور فنڪار زندگي جون 44بهارون 2 مهينا ۽ 17 ڏينهن گذاري 18مارچ 1996ع سومر ڏينهن جسم ۾ بند ٿيل پڃري مان روح جو پکيڙو اڏامي دارالبقا ڏانهن پرواز ڪري ويو، ڦوٽو خان زرداري سر سنگيت جا ساز بند ڪري هميشه لاءِ راهه رباني ٿي ويو سندس تربت ڳوٺ عالم خان زرداري جي قبرستان ( زمان شاهه ) موجود آهي ڦوٽو خان زرداري جا ڪجهه مشهور ڳايل ڪالم جن کي وڏي عوامي مقبوليت ملي انهن منجهه ڪنهن سانولڙي جو خواب آهيان ، مهرباني ٻي ته وئي پر منهن ڏيکارڻ کان به وئين ( طالب المولي )، مٺا هاڻي منهنجي اٿئي موڪلاڻي (دريا خان )، تماچي ڄام ڪئين تڙ تي ، اي پرين پرديس وارا پيار جي پارت هجئي زبردست مقبوليت ماڻي ان کان علاوه سندس سوين سنڌ جي هن سهڻي فنڪار جا ڳايل ڪلام ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ،ريڊيو پاڪستان خيرپور ۽ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي ميوزڪ لائبريري منجهه ٽيليويزن پاڪستان ، ۽ سنڌالاجي ۾ پڻ محفوظ ٿيل آهن سندس 18 مارچ تي اڄ 21 هين ورسي ملهائي ويندي ________________________________________________________