• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جهونا ۽ فيس بڪ

علي ظفر

نائب منتظم
انتظامي رڪن

جهونا ۽ فيس بڪ


هت جهونن جو بازار گرم آ
بس مالڪ جو ڀوتار ڪرم آ
جهونا ناهيون جوان آهيون
ان ۾ نه ڪا لمڪار شرم آ
سلفي سوٽو ڪجه نه کپي
بس فيس بڪ ئي منٺار وضم آ
فيس بڪ تي پيا ڪڙڪندا وتندا
پرجهوني اڳيان وهنوار نرم آ
رات سڄي فيس بڪ تي گذاربو
اڃا ديد اکين جي دلدار مڌم آ
فاڙي نظرون فوٽو ڏسندا
ننگ ڏي نهارڻ سرڪار جرم آ
ماٺ ڀلي ٿي جهونا ظفر
رکڻو جهونن جو توکي يار ڀرم آ


 
جواب: جهونا ۽ فيس بڪ

هل ڙي جهونا تنهنجو فيسبڪ سان چاهه، چار ئي پهر فيسبڪ تي ويهڻ کانپو ماڻهون جو مٿو ڪيئن ٿو ڦري وڃي، اوهانجي هن نظم مان خبر پوي ٿي ۔۔۔

ٻي ڳالهه مون اها نوٽ ڪئي آهي ته جڏهن کان فيسبڪ تي اوهانجو وهنوار وڌيو آهي تڏهن کان اوهانجي شاعري ۾ ۾ به سڌار وڌيو آهي ۔۔۔

الله! خئير ڪري، يا ته اسانجو دوست علي علي وڏو شاعر ٿي وينــدو
يا وري کڻائي اچي سنڌو درياهه تي ٺهيل اسپتال “ گندو بدر” ۾ پوندو
 
جواب: جهونا ۽ فيس بڪ

ادا تمام ذبردست ...
جهونن کي به ساهه آهي فيس بڪ يوز ڪن يا ٻيو ڪجهه پر آهن ته انسان .....
 
Back
Top