ميلو۔۔۔!

'مقالا' فورم ۾ آرزو طرفان آندل موضوعَ ‏19 مارچ 2011۔

  1. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور


    ميلا پوري دنيا ۾ مشهور آهن، ۽ ميلن ۾ ڪيترا ئي ماڻهو لطف اندوز ٿيندا آهن، ميلاپاڪستان ۽ هندسان سميت پوري دنيا ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي ٿيندا آهن، ڪٿي ڪنهن فيسٽوئل جي صورت ۾ ته ڪٿي پيرن جي عرس جي صورت ۾، ميلن ۾ ڀائر ڀينرن لا‌چوڙيون به خريد ڪرڻ ايندا آهن ته مڙس پنهنجي ونين لا‌ڪنگڻ به وٺڻ ايندا آهن، ۽ محبوب پنهنجي معشوقن جي لا سوکڙيون پسند ڪندا آهن، سڄو ڏينهن ٻنيِ ۾ ڪم ڪندڙ هاري به پنهنجو ٿڪ لاهڻ لا ميل ۾ اچي تفريح ڪندا آهن، دوست دوست پاڻ ۾ ٽولا ٺاهي پهچندا آهن ته ڳوٺ وارا بسن جو ٻيڻو ڪرايو ڀري ڪري ميلي ۾ گهمڻ ايندا آهن۔
    مطلب ته ميلي جا شوقين ميلا لڳڻ جو انتظار ڪندا آهن ۽ پو ميلي ۾ ميلو مچائيندا آهن،
    بد قسمتي سان منهنجو به چند ڏينهن اڳ لڳل ميلو جيڪو لکي غلام شاهه ويجهو وزيرآباد ۾ وڃڻ ٿيو، جتي ميلو ته گهٽ نظر آيو پر فحاشي ۽ بي حيائي حد کان به وڌيڪ نظر آئي، پوري ميلي ۾ سگريٽن ۽ نشي آور سوپارين جا وڌ کان وڌ اسٽال لڳل هئا، ميلو گهمڻ کان پو منهنجو وڃڻ عورتن واري سيشن ۾ ٿيو، جتي ناچڻين کي حد کان ڪريل ڪپڙا پاتل هئا، اٽڪل ٻه ديجن کن عورتون فحاش ميوزڪ تي فحاش ڊانس ڪري رهيون هيون، ۽ جڏهن ان حال ۾ ويٺل ماڻهن تي منهنجي نظر پئي ته سائين سچ پڇو منهنجي پيرن هيٺان زمين ڌڏندي محسوس ٿي، ان حال ۾ ويٺل پنهنجي تر جي وڏيرن سميت سنڌ جو ناميارون شخصيتون ويٺل هئون، جنهن ۾ سياستدان، ڪاروباري، ٺيڪيدار ۽‌ بالا آفيسرن معزز ماڻهن سميت ڪٻاڙي مزدور ۽ مختلف ظبقي ۽ مختلف قومن جا ماڻهو ويٺل هئا، جيڪي انهن ناچڻين مٿان پنج رپين جي نوٽن کان وٺي پنج هزار جي نوٽن تائين گهور ڪري رهيا هئا، مهنجي اندازي متابق هڪ ڪلاڪ ۾ ٻه لک روپن جي گهور نشي ۾ ڌت معزز ماڻهو ڪري رهيا هئا۔ اسان جي سنڌ مٿان ڏکي کان ڏکيو دور گزري رهيو آهي ماڻهن وٽ ٻه وقت ماني جيترا وسيلا نه آهن،
    بيروزگاري جي شرح ڪٿان کان ڪاٿي پهتي آهي،ڪرپشن ۽ ڏوهن جو عروج هلي رهيو آهي، اتي اسان جا سنڌي پنجاپين بيغيرتن جي ناچڻين جي مٿان ڪروڙين رپين جي برسات ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن ٻوڏ واري صورتحال ۾ اهي پئسه متاسرن تي خرچ ٿين ها ته ڇا اسان ڪو ڏکيو ڏينهن ڏسون ها؟؟؟ مان سمجهان ٿو ته هرگز نه،
    چيو ويندو آ ته ميلا سنڌ جي ثقافت آهن، ته ڪو آهي ٻڌائڻ وارو ته ڇا سنڌ جي ثقافت اها آهي ته ناچڻين جي مٿان ڪروڙين رپين جي برسات ڪئي وڃي فحاشي کي عام ڪيو وڃي، نئين نسل کي اها راح ڏيکاري وڃي،
    الله اسان کي سڌي راح تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي آمين۔۔۔

    اوهان لا۽ پيش آهن موبائيل تان ورتل ڪجهه تصويرون۔۔۔۔۔۔۔



    [​IMG][/IMG]
    >

    هڪ معزز ماڻهو جو هڪ ناچڻي جي اڳيان جهڪڻ جو انداز۔۔۔۔۔۔۔
    [​IMG][/IMG]
    [​IMG]
    [​IMG][/IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
     
  2. فقير محسن

    فقير محسن
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 مارچ 2011
    تحريرون:
    120
    ورتل پسنديدگيون:
    57
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    398
    ڌنڌو:
    اڪائونٽنٽ
    جواب: ميلو۔۔۔!

    ادا اسان جي ڳوٺ ۾ به ميلو ٿيندو آهي پر اتي اهڙيون شيون نه اينديون آهن ڇو جو جنهن سائين جو ميلو لڳندو آهي اهو اجازت نه ٿو ڏئي.
    پر گهڻن ئي ميلن ۾ اهي ماڻهون ايندا ئي انهن لا آهن.. ان سان ٿڪ نه لهندو ٻيو ڇا ٿيندو..
    ادا لڳي ٿو اوهان انهن ميلن ۾ گهڻي ڪدر ويندا آهيو..
    خير اوهان سٺي ونڊ ڪئي.
     
  3. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ميلو۔۔۔!

    لاحول ولا قوة الا بالله

    سائين هي آهن ميلن جا حال ، اوهان ئي ٻڌايو ڇا ڀلا ڪو شريف انسان اهڙن ميلن ۾ وڃي سگهي ٿو ، ادا ڳالھ اصل اها آهي ته اسين رڳو دنيا جي رنگينين جا مزا وٺڻ لا اهي طريقه اختيار ڪري رکيا آهن ، اصل ۾ اهي بزرگن ڪڏهن به ائين ميلا ڪرڻ جو ڪون چيو هو ، اسين هنن جي نالي تي الاهي ڇا ڇا ڪري ڇڏيو آهي جو الله پناه ڏي ، خير اوهان هڪ نازڪ ۽ ضروري ٽاپڪ ۽ اشو تي ڌيان ڇڪرايو هن لا اوهان جي مهرباني ، جيڪر هنن تصويرن کي هٽائي ڇڏيندا ته اوهان جو ٿورائتو هوندس۔
     
  4. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ميلو۔۔۔!

    دوستن جي ڪمنٽس جو انتظار رهندو۔۔۔
    باقي اوهان جو حڪم اکين تي تصويرن کي هٽايون ويندو۔۔۔۔۔۔۔
     
  5. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: ميلو۔۔۔!

    بس ادا الله رحم ڪري باقي اسان جي ثقافت کاتي جو حال پورو آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو