ڪالھ بمبئي ۾ کيڏيل ميچ ۾ سريلنڪا جي ٽيم نيوزيلينڊ کي آسان شڪست ڏئي گروپ اي ۾ ٽاپ تي اچي وئي آهي۔ سريلنڪا ٽاس کٽي پهريان بئٽنگ ڪئي پر اوپنر 19 جي مجموعي اسڪور تي آئوٽ ٿي ويا۔ پر پوء ڪپتان ڪمار سنگاڪارا ۽ مهيلا جيوردني جي ذميوارانه بئٽنگ سبب سريلنڪا جي ٽيم 50 اوورن ۾ 265 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي۔ سنگاڪارا شاندار 111 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو۔ جيوردني 66 رنسون ٺاهيون ۽ ميٿيوز 45 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو۔ ٽم سائوٿي 3 ۽ نيٿن ميڪلم 2 وڪيٽون ورتيون۔
جواب ۾ نيوزيلينڊ جي پوري ٽيم سريلنڪن اسپنرن جي اڳيان صرف 35 اوورن ۾ 153 رنسن تي ڍير ٿي وئي ۽ سريلنڪا هي ميچ 112 رنسن تان کٽي ورتي۔ مرليڌرن 4 ۽ مينڊس 2 وڪيٽون ورتيون۔
جواب ۾ نيوزيلينڊ جي پوري ٽيم سريلنڪن اسپنرن جي اڳيان صرف 35 اوورن ۾ 153 رنسن تي ڍير ٿي وئي ۽ سريلنڪا هي ميچ 112 رنسن تان کٽي ورتي۔ مرليڌرن 4 ۽ مينڊس 2 وڪيٽون ورتيون۔
هن ميچ جو هيرو سريلنڪن ڪپتان ڪمار سنگاڪارا جنهن 111 رنسون ٺاهيون
ميچ جون مڪمل جهلڪيون
http://www.youtube.com/watch?v=ELbNivZRv68

ميچ جون مڪمل جهلڪيون
http://www.youtube.com/watch?v=ELbNivZRv68