خوشين جا سمورا پل نهايت چاهت ڀريل هوندا آهن، تنهن ڪري خوشي ڪنهنجي به هجي ان جو احساس ساڳيو ئي ٿيندو آهي، اسان هندو برادري جي هن خوشي واري ڏڻ تي دل جي گهراين سان مبارڪون پيش ڪيون ٿا۔۔شل سنڌ ڌرتي جا رنگ به هولي جي رنگن جيان سدائين سُرها رهن۔۔آمين
هولي جي تهوار تي سڀني هندو دوستن کي هن ڏڻ جون واڌايون پيش ڪجن ٿيون. ٿر جي ماروئڙن ۽ لاڙڪاڻي ۾ لڳل رات واري مذهبي باهه دل کي جهوريو آهي. پر پوء به ريتن ۽ رسمن جي پوئواري ۽ رسم ته نڀائڻي ئي پوي ٿي.
سنڌ، هند ۽ دنيا جي مڙني انسانن کي هولي جي ڏهاڙي جون واڌايون هجن ...
مذهب کي پاسي تي رکي ڏسجي ته هي ڏينهن هزارها سالن جي تاريخ رکي ٿو ... هي ڏينهن سنڌ ۽ هند ۾ آريا سماج کان وٺي ملهايو وڃي ٿو ،... هن ڏينهن کي بهار جو ڏينهن چئجي، رنگن جو ڏينهن چئجي. پيار ۽ محبت جو ڏينهن چئجي، چنڊ جي چانڊوڪيءَ جو ڏينهن چئجي، غلطين کي سڌارڻ جو ڏينهن چئجي، هڪٻئي جي اوڻاين کي معاف ڪرڻ جو ڏينهن چئجي يا وري بري ۽ ڀلي جي تميز جو ڏينهن چئجي ...!!!
هوليءَ جو ڏڻ سنڌ ۾ تمام قديم زماني کان ملهايو وڃي ٿو ... جنهن ۾ هارين جي خوشحالي، رشتن ۾ محبتن جو پئدا ٿيڻ ۽ هڪٻئي کي معاف ڪرڻ جي تلقين هجي ٿي ... هن ڏڻ ملهائڻ جو مقصد ڪو مذهبي نه پر نج ثقافتي آهي ... هر شئي کي مذهبي رنگ ۾ رنڱڻ انسانن جو پراڻو پيشو آهي ... جيئن ڪهاوت آهي ته ”سياري جي باه هر ڪو پاڻ ڏي سوري “... انڪري مذهبي پنڊت به ثقافتن ۾ پئدا ٿيل سٺين شين کي مذهب ڏانهن منسوب ڪري ان مان فائدو وٺندا آهن ... انڪري هولي جيڪو نج ثقافتي ڏينهن هيو انکي هندو مذهب سان جوڙيو ويو آهي ...
آءُ ان ڏهاڙي کي دنيا جي هاري ناري ۽ دنيا جي رنگن جو ڏينهن تصور ڪريانٿو ... انڪري سموري انسانيت کي ان ڏهاڙي جون واڌايون ...
سچ سدا سلامت رهي ...!!! فطرت جا سهڻا رنگ هميشه سلامت رهن ..