[font="al_mushaf"]سنڌ ۾ آدمشماري ۽ ٿيندڙ سازشون[/font] تازو اها خبر آئي آهي ته، جلد ووٽرن جون نيون لسٽون تيار ڪيون وينديون. ڪجهه ڏينهن اڳ اها خبر پڻ آئي هئي ته، آدمشماريءَ لاءِ لطيف آباد لاءِ مقرر 460 رڪني عملي ۾ رڳو 8 سنڌي آهن. انديشو اهو آهي ته اهڙي صورتحال سنڌ جي ٻين علائقن ۾ به ٿيندي، خصوصي طور تي ڪراچيءَ ۾. ڪراچيءَ ۾ خاص طرح سان امڪان آهي ته پهرئين مرحلي ۾ سنڌي ماڻهن جا ووٽ داخل ئي نه ڪيا ويندا، جيئن سندن آدم شماري گهٽ ڏيکاري سگهجي. ٻئي مرحلي م جيڪڏهن ڪي نالا لسٽ ۾ اچي به وڃن ٿا ته انهن مان به گهڻي ڀاڱي ڪو نه ڪو عذر ڄاڻائي سنڌي ووٽرن جا نالا خارج ٿيڻ جو امڪان آهي. سنڌي ماڻهن جا نالا جيئن ته پڌرا هوندا آهن، تنهنڪري اهو ڪم انهن لاءِ مشڪل نه آهي. مان پاڻ ڄائي ڄم کان ڪراچي ۾ آهيان، پڙهيو به اتي آهيان، 30 سالن کان رهان به ساڳي جاءِ ۾ پيو، تڏهن به منهنجو نالو لسٽ ۾ نه هوندو آهي ۽ آئون پاڻ هر ڀيري منهن ماري ڪري پنهنجو نالو داخل ڪرائيندو آهيان. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جا وارث ان ڳالهه جي اهميت کي نظر انداز نه ڪن ۽ جيڪڏهن هو ”ريڊ ايڊين“ نٿا ٿيڻ چاهين ته پوءِ اهو ضروري آهي ته هر سنڌي ووٽر، هر ”مرحلي“ تي اها پڪ ڪري ته سندس ۽ سندس گهر جي سمورن ڀاتين جا نالا ووٽر لسٽ ۾ موجود آهن يا نه. ان کانسواءِ اهو به ضروري آهي ته هر سنڌي پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري. گڏوگڏ اها ڪوشش به ڪجي ته جعلي ووٽرن جو اندراج ممڪن نه ٿئي. اهڙي انديشي کي دور ڪرڻ جي ضرورت آهي. هر سنڌيءَ لاءِ اهم آهي ته اهو آدم شماريءَ ۾ بهرو وٺي. سنڌي عوام ۾ اها سجاڳي پيدا ڪرڻ ضروري آهي ته ملڪ جي وسيلن جي ورڇ توڙي سهولتون، جهڙوڪ: رستا، اسپتالون، اسڪول، نوڪريون وغيره آباديءَ جي لحاظ سان مقرر ڪبيون آهن. سنڌي ماڻهن لاءِ اها ڄاڻ ضروري آهي ۽ کين خبر هئڻ گهرجي ته زال ۽ مڙس هڪ گهر ليکبو آهي ۽ سنڌي، بلوچي، سرائيڪي، بروهي ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ سنڌي آهن ۽ سنڌي ٻولي ئي هتان جي زبان آهي. پير محسن شاهه راشدي/ڪراچي ڪاوش جي ٿورن سان