• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بنگلاديش کي هڪ ٻي زلت آميز شڪست، ڏکڻ آفريڪا گروپ بي ۾ ٽاپ تي

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄ ميرپور ۾ ٿيندڙ ميچ ۾ بنگلاديشي بئٽنگ کي ٻيهر واري جي ديوار محسوس ڪيو ويو ۽ بنگالي ٽيم کي ٻيهر زلت آميز شڪست آئي۔ جنهن سبب بنگلاديش جي ٽيم ورلڊ ڪپ جي ڊوڙ مان ٻاهر ٿي وئي۔ پهريان بئٽنگ ڪندي ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم مقرر 50 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 284 رنسون ٺاهيون۔ ڪيلس 69 ، هاشم آمله 51، پليسس 52 ۽ ڪپتان سمٿ 45 رنسون ٺاهيون۔ بنگلاديش پاران روبيل حسين 3 ۽ شڪيب 2 وڪيٽون ورتيون۔

جواب ۾ بنگلاديش جي پوري ٽيم هڪ دفعو ٻيهر مڪمل ناڪام رهي 28 اوورن ۾ صرف 78 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي۔ بنگلاديش پاران شڪيالحسن کانسواء ڪو به بئٽسمين ڊبل فگر ۾ به نه آيو شڪيب 30 رنسون ٺاهيون۔ ڏکڻ آفريڪا پاران پيٽرسن 4 ۽ صوبِي 3 وڪيٽون ورتيون۔ ڏکڻ آفريڪا هي ميچ 206 رنسن جي وڏي فرق سان کٽي ورتي ۽ پنهنجي گروپ ۾ 10 پوانٽس سان گڏ ٽاپ تي اچي وئي۔​



اڄوڪي ميچ جو مين آف دي ميچ صوبِي

zxlmds.jpg



http://www.youtube.com/watch?v=I5LI7K7L_yM
 
جواب: بنگلاديش کي هڪ ٻي زلت آميز شڪست، ڏکڻ آفريڪا گروپ بي ۾ ٽاپ تي

مطلب ته هڪ ميزبان ملڪ هن ٽورنامينٽ‌ مان آئوٽ ٿي ويو۔۔۔۔ افسوس۔۔
 
Back
Top