جدا ته ٿي

عاشق چانڊيو

سينيئر رڪن
غزل
جدا ته ٿي به سڄڻ کان رهي نه ٿوسگهجي
جدائي به ته ستم آ سهي نه ٿو سگهجي

ڏسان ٿو توکي محل ۾ ايئين ٿي بي وس مان
زمين تان چنڊ ڪڏهن به ڇُهي نه ٿو سگهجي

بچي آ رات گهڙي کن ته گڏجي گهاريون ٻئي
وري ٿئي نه ٿئي صبح چئي نه ٿو سگهجي

هليو تون ويندين ايئين ڪهڙي خبر هئي عاشق
لکيو آ لوهه قلم ۾ ڊهي نه ٿو سگهجي

عاشق چانڊيو
 
Back
Top