عرس پريو
سينيئر رڪن
رخسانه پريت
عشق عَلم کي کوڙي وئي آ،
هر ڪو جيءُ جهنجهوڙي وئي آ.
نڪري پئي جو، پوءِ جهليندڙ،
هر ڪا ٻانهن مروڙي وئي آ.
چاهت هن جي وڻ ويڙهيءَ جان
سوچ حواس وڪوڙي وئي آ.
مستيون ڄڻ ته هوا ۾ جاڳيون،
وار سمورا ڇوڙي وئي آ.
ساجن سامهون گهڙو ڪچو هو،
پار وجهي يا ٻوڙي وئي آ.
اهڙي پيار ڏني پڪ آهي،
ساٿ نه ڪنهن جو توڙي, وئي آ.
مس سورهن سالن جي هوندي،
پر صدين جو لوڙي وئي آ.
هُن جو جوڀن چولو ڪهڙو،
چاڪ چتيون هو چوڙي وئي آ.
عشق عَلم کي کوڙي وئي آ،
هر ڪو جيءُ جهنجهوڙي وئي آ.
نڪري پئي جو، پوءِ جهليندڙ،
هر ڪا ٻانهن مروڙي وئي آ.
چاهت هن جي وڻ ويڙهيءَ جان
سوچ حواس وڪوڙي وئي آ.
مستيون ڄڻ ته هوا ۾ جاڳيون،
وار سمورا ڇوڙي وئي آ.
ساجن سامهون گهڙو ڪچو هو،
پار وجهي يا ٻوڙي وئي آ.
اهڙي پيار ڏني پڪ آهي،
ساٿ نه ڪنهن جو توڙي, وئي آ.
مس سورهن سالن جي هوندي،
پر صدين جو لوڙي وئي آ.
هُن جو جوڀن چولو ڪهڙو،
چاڪ چتيون هو چوڙي وئي آ.