پسر شهيد
سينيئر رڪن
منهنجو نالو زوار رضا حسين آهي ۽ مان 14 مارچ 1994 ۾ ڪوٽڙي ۾ پيدا ٿيس۔ 2005 ۾ پرائمري ۽ 2010ع ۾ ڪوٽڙي مان ئي ميٽرڪ ڪئي ۽ هاڻي ايران ۾ ديني تعليم پڙهي رهيو آهيان۔ توهان کي ٻڌائيندو هلان ته مان پنهنجو نالو پسر شهيد ڇو رکيو آهي اڄ کان تقريبن ڏيڍ مهينو پهرين 3 فيبروري 2011 تي منهنجي بابا شهيد علامه الطاف حسين الحسيني کي ڪوٽڙي ۾ شهيد ڪيو ويو ۽ ان جو ڏوه صرف اهو هيو ته هو علئ علئ ڪندو هيو ۽ هو پنهنجي هر تقرير ۽ مجلس ۾ چوندو هيو ته اسان جو ڏوه به ته اهو ئي آهي نه يا علئ علئ ٿا ڪيون يا حسين حسين ٿا ڪيون ۽ ان ئي ڏوه ۾ ان کي شهيد ڪيو ويو ۽ عين يزيدلعنتي جي پيروڪارن مونکي پنهنجي بابا سان آخري ملاقات جوموقعو به نه ڏنو بس اها ئي زندگي آهي جيڪا پنهنجي بابا جي ياد ۾ گزاري رهيا آهيون