بحرين ليبيا ۽ يمن جي حڪمرانن جي نانء

'سنڌي شاعري' فورم ۾ علي ظفر طرفان آندل موضوعَ ‏20 مارچ 2011۔

  1. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    يمن هجي يا بحرين هجي يا ليبيا جتي مسلمان مسلمانن جو خون پيو وهائي جتي غريب قوم جي جذبات ئي نه پر انهن جي جان و مال کي نشانو بڻايو پيو وڃي انهن جي لاء فرانس جرمي ۽ ٻين ملڪن مان فوجون گهرائي پنهنجي ئي قوم تي ظلم ڪيو پيو وڃي اهي حڪمران جن جا رعايا انهن جي هٿن ۾ امانت هوندا آهين اهي امانتدار انهن سان خيانت ڪري رهيا آهين حق جي لاء اواز بلند ڪندڙن کي هميشه جي ننڊ سمهاريو پيو وڃي اهو ظلم ڪيسيتائين هلندو ان ظلم کي ڪير روڪيندو؟ اهو ظلم آخر عوام سان ڇا جي لا ڪيو پيو وڃي اهي اهڙا سوال آهين جن جا جواب ملڻ مشڪل ئي نه پر ۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    [​IMG]
    بحرين ليبيا ۽ يمن جي حڪمرانن جي نانء

    اميري ڏِٺي ٿي نه غريبي ٻُڌي ٿي
    توکان ڪنهن جي نه فقيري سَٺي ٿي
    پنهنجن جا ڪنڌ ڪپي ڌار ڪيا تو
    ڌاري قوم توکان نه ڪڏهن ڪُٺي ٿي
    بکايل ، ستايل ڏکايل هن ماڻهون
    تنهنجي ئي قوم نه توکان سُکي ٿي
    ڌارين کي گهرائي ڪُهين ٿو قوم پنهنجي
    ايڏي قوم توکي سستي لَڌي ٿي؟
    گوليون هلايئي جنهن حق گهريو
    ظلم جي تحريڪ نه توکان رُڪي ٿي
    پهنجن جي سار ڪڏنهن نه لڌي تو
    ڌاري قوم توکي ڪڏهن کان مِٺي ٿي ؟
    ظلم ڪرڻ کان مُڙي وڃ ،ظفر،
    مظلوم جي دانهن ڏاڍي تِکي ٿي
     
  2. جاويد نواز

    جاويد نواز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    386
    ورتل پسنديدگيون:
    91
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: بحرين ليبيا ۽ يمن جي حڪمرانن جي نانء

    يار علي تمام بهترين
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: بحرين ليبيا ۽ يمن جي حڪمرانن جي نانء

    ادا علي علي توکي انسانيت جي پُڪار جو واسطو تون اها شاعري انگريزي ، عربي يا فارسي ۾ ترجمون ڪري انهن مُلڪن جي سنڌ سلامت جي فورم جهڙين انگريزي، عربي يا فارسي سائٽن تي لڳائي، جو انهي تنهنجي شاعري کي ڏسي يا پڙهي انهن مُلڪن جي حُڪمرانن جي مٿي تي ڪا جُون سُري سگهي باقي تون جنهن قوم جو فرد آهين خدارا سڀ کان پهرين ان قوم تي ٿيندڙ ظلم کي ها لائٽ ڪر، ٿورو غور ڪر ته ان قوم کي ڪڏهن مذهب جي نالي تي ڪُٺو ويو آهي ڪڏهن ننڍي ڀا ۽ وڏي ڀا جي چڪر ۾ ان جا حق غضب ڪيا ويا آهن ۽ ڪڏهن ان قوم کي جاهل، ڄٽ ۽ چريو چئي ٻيڙي ٻوڙي وئي آهي، دوست جن حُڪمرانن جي ظلم تي تون هي سنڌي شاعري لکي ويٺو آهين انهن ظالم ۽ جابر حُڪمرانن ۽ اتي جي عوام کي ڪهڙي ضرورت پئي آهي جو تنهنجي هي سنڌي ۾ لکيل شاعري پڙهن، باقي پرايا سُور اسان سدائين پنهنجا سمجهندا آهيون، ڪڏهن اهو سوچيو اٿئي ڪڏهن به اهي قومون يا اهي حُڪمران اسان جي سُورن کي پنهنجو سور ڪونه سمجهندا آهن، جيڪڏهن تو وٽ ڪو اهڙو مثال هُجي ته پيش ڪر مٺا۔ باقي يار مونکي هڪڙي ڳالهه ته ٻُڌائي ظفر ڪڏهن کان ظالم ٿيو آهي جو پنهنجي هن مٿئين شاعري جي آخري مصرع ۾ لکيو اٿئي ته
    ظلم ڪرڻ کان مُڙي وڃ ،ظفر،
    مظلوم جي دانهن ڏاڍي تِکي ٿي​

    ادا جنهن ظفر سان تون مخاطب آهين اهو توڻي جو موسمي ٻٽيرو آهي ، توڻي جو زبردستي ٿيل جهونو آهي ۽ ڪڏهن گوڏي جيڏيون مُرليون کڻيو (جوڳي ٿي مُرليون وڄايان ) شهر جي چوڪن تي نظر ايندو آهي ان ظفر کي اسان چڱي طرح سُڃاڻو اهو سڀ ڪجهه آهي پر پر اهو ظالم نه ٿو ٿي سگهي ٿورو سوچ ۽ غور ڪرٽيڪنيڪلي طور اهو ظلمت وارو بارو هروڀرون تو ويچاري معصوم ظفر مٿان مڙهي ڇڏيو۔ باقي جيڪو توکي شاعري جو شوق جاڳيو آهي ان شوق کي اسان جو سلام آهي، بلڪل ائين ئي ڪچيون ڦڪيون شاعريون ڪري منهنجي هن سنڌ ڌرتي جو خوبصورت شاعر ٿي سگهين ٿو۔ تنهنجي شاعري جي اها مصرع فني طور تي ائين درست ٿي سگهي ٿي ته :
    ظلم ڪرڻ کان مُڙي وڃ ظفر چئي،
    مظلوم جي دانهن ڏاڍي تِکِي ٿَئِي ۔۔۔۔۔۔۔۔ !!!​

    اميد مون چرئي ٽي درجي واري شاعر جي اها ڳالهه سمجهي ويو هوندين جي نه به سمجهه ۾ اچي تڏهن به آئون تنهنجو ڪجهه به بگاڙي ڪونه ٿو سگهان آخر ته پرايو پُٽ آهين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  4. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: بحرين ليبيا ۽ يمن جي حڪمرانن جي نانء

    [justify]
    سائين اوهان جي ڪنهن مضمون تي لکڻ منهنجي اوقات ته ڪانهي پر آءُ اهو ٿو سمجهان ته هي انسان جنهن جي فطرت ۾ رحم محبت و احساس جهڙا زيور رکيل آهن اهو ظلم ڪهڙي به علائقي يا خطي ۾ ٿيندو هجي ان جي حرارت کي پنهنجي جيءَ ۾ محسوس ڪندو آهي شايد اهو جذبو سائين کي رُئاري ٿو يقين ڪيو جنهن وقت هي انسانيت سوز منظر ڏسون ٿا ته دل ۾ هڪ عجيب درد جي ڪيفيت ڪهي ٿي اچي جا رات جي ڪنهن پهر اٿاري روئاري ٿي ته ڪنهن وقتانساني شجائت جي احساسن کي طاقت ۽ شجائت لاءِ حمتائي ٿي آءُ ننڍو آهيان ادا جي غلطي ٿي آهي ته ننڍو ڀاءُ سمجهي معاف ڪجو باقي حقيقت هي آهي ته اوهان کي لکندي به مٿين مضمون کي پڙهندي اکين م لڙڪ آهن ڇا ڪيون انسان آهيون جي هو اسان جي درد تي ناهن رُنا ته هي هنن جو وطيرو آهي اسان جنهن ڌرتي جا آهيون اسان جي مٽي‌۾ شايد محبت همدردي آهي جا اسان کي روئاري ٿي ۔
    وسلام[/justify]
     
  5. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: بحرين ليبيا ۽ يمن جي حڪمرانن جي نانء

    سائين نثار ناز صاحب شل جڙيا هجو آباد هجو سائين اوهان جا لک ٿورا ۽ قرب جو اوهان مهنجي ان محنت کي پڙهيو ئي نه پر ان تي ايتري تفصيلي گفتگو به ڪئي سائين سڀ کان پهريان ته اوهان جي اصلاح جا لک ٿورا جو اوهان مهنجي تصحيح ڪئ باقي سائين ان کي انگرايزي يا عربي ۾ لکڻ جيترا پاڻ ايترا شاعر ناهيون ٿيان جو انهن ٻولين ۾ لکي سگهون البته اسان جي آواز کي وس وارو ترجمو ڪري سگهي ٿو ۔۔۔۔۔۔۔۔
    ادي ڏاڏل جا به لک ٿورا جن اها کر ڳاله ڪئي ته ظلم خلاف آواز بلند ڪرڻ سٺي انسان جو ڪم اهي بلڪه مان ايترو چوندس ته طلم تي خاموش رهڻ جو مطلب اهو آهي ته اسان جا ضمير مردده ٿي چڪا آهين جيڪو طلم ڪنهن ٻئي تي ٿي رهيو آهي اهو ظلم سڀاڻي اسان تي به ٿي سگهي ٿو بحرحال قيامت جا ڏينهن قريب پيا لڳن آثار ويجهو آهين بس توبه جي ضرورت آهي بس رب کان اها ئي دعا آهي ته جي اسان جي هي جان ڪنهن مظلوم جي ڪم اچي ڪنهن نيڪ ڪم ۾ خرچ ٿي ته اها ئي اسان جي لاء باعث سعادت اهي ۔۔۔۔
     
  6. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: بحرين ليبيا ۽ يمن جي حڪمرانن جي نانء

    ادا جاويد الله تعالي انسان کي اجر ان جي نيت تي به ڏيندوآهي خاص ڪري نيڪ عمل جي باري ۾ سو مظلوم سان همدردي به هڪ نيڪ عمل آهي اگر چه اهي جابر حڪمران اسان جي هي ٻولي نٿا سمجهن يا انهن تائين ممڪن آهي هي اسان جي ڳاله نه پهچي پر اسان ته مظلوم جي اغاثه تي لبيڪ چئون ان سان همدردي ته ڪيون باقي اسان جي جان به حاضر آهي جي ڪنهن مسلمان کي اسان جي خون جي ضرورت پئي ته ۔۔۔
    ادا مهرباني اوهان جي پسند ڪرڻ جي همٿائڻ جي
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: بحرين ليبيا ۽ يمن جي حڪمرانن جي نانء

    يار علي علي مان ته اڳي ئي لکي چڪو آهيان ته هي جهونو هاڻي مفڪرن جي جوڙ جو پيو لڳي۔ تمام بهترين نموني اوهان پنهنجي دل جو آواز لفظن ذريعي پيش ڪيو آهي۔ پاڻ شاعر ته نه آهيون جو اوهان جي شاعري تي ڪا ٽيڪا ٽپڻي ڪري سگهون پر موضوع ضمير کي جهنجهوڙيندڙ آهي۔

    مظلومن تي اوهان پنهنجي شاعري لکي ضمير کي جهنجهوڙيو آهي پر ڪالھ مغربي فوج جي لبيا مٿان ٿيل بمباري کانپوء ته اصل بي چيني وٺي وئي آهي۔ مغربي طاقتون تيل تي قبضو ۽ پنهنجو تسلظ برقرار رکڻ لاء ڪجه به ڪرڻ لاء تيار آهن، چاهي ان ۾ ڪيتريون به انساني جانيون ضايع ٿين۔
     
  8. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: بحرين ليبيا ۽ يمن جي حڪمرانن جي نانء


    ظلم جي انتها لڳي پئي آ
    اسپتال لاشن سان ڀري پئي آ
    مسلمان جوخون ايترو سستو ٿي ويو
    خون ڪرڻ لاء ٻولي لڳي پئي ا
     
  9. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: بحرين ليبيا ۽ يمن جي حڪمرانن جي نانء

    مظلوم جي دانهن ڏاڍي تکي ٿي ۔ سهڻا سائين اها سٽ اسلام آباد جي ايوانن ۽ پاڪستان جي فوجي جوانن ڏانهن به موڪلي ڇڏ ته انهن جي اکين جا به کوپا کلن۔
     
  10. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: بحرين ليبيا ۽ يمن جي حڪمرانن جي نانء

    ادا علي آخر مسلمان ئي ڇو پيا هر جڳهه پيسجن، پوري دنيا ۾ جٿي به ڏسو مسلمان کي دهشتگرد جي نگاهه سان ڏٺو پيو وڃي،
    مسلم دنيا چاهي ته ڇا نٿي ڪري سگهي، پر اسان ۾ ٻڌي ڪان آهي ان ڪري پيا مار کائون،

    ادا هي سڀ ڏسي ڏاڍو ڏک پيو ٿئي

    تمام بهترين ونڊ ڪيواٿو لاجوب شاعريء سان گڏ
     
  11. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: بحرين ليبيا ۽ يمن جي حڪمرانن جي نانء


    ادا عبدلڪريم جاني ۔ اهي به صم بڪم عمي آهين مطلب اکيون اٿن پر ڏسن ڪونه ٿا ڪن اٿن پر انهن تي پردا ڇڙهيل اٿن زبان اٿن پر حق لاء آواز بلند نه ڪرڻ وارا گونگا آهين ٿا بابا ۔۔۔۔۔۔ قسوه قلوبهم انهن جو دليون زنگجي ويو آهين انهن کي اهي جملا پا اثر ڪندا ۔۔۔ مهرباني جاني پسند ڪرڻ جي ۔۔ ۽ حوصله افزائي جي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو