ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
هي صفر تڏهن ختم ٿيندو
هي بي عدلي جو گرم بازار هر طرف ظلم و ستم جي نئين ڌار ، نه مال نه ، عزت، محفوط آهي هر طرف عجب هُو جو عالم آهي ، بي يقيني جي عجيب ڪيفيت آهي ڪو ماڻهون گهر کان نڪرڻ کان پوءِ پنهنجي سلامتي جو واحد مختار پنهنجي قسمت( يعني الله ) کان علاوه ٻئي ڪنهن کي نه ٿو سمجهي ، ۔ اها بي يقيني واري ڪيفيت الائي ڪڏهن ختم ٿيندي اڄ مون نهج البلاغه کي پڙهيو ٿي ته اهو آّّّخر نتيجو ڇا جو آهي ۽ ان حقيقت جي پٺيان ڪهڙا ڪهڙا عوامل ڪارفرما آهن ته اها حقيقت به سمجھ ۾ آئي۔ حضرت علي عه فرمائين ٿا ته جهاد جنت جي دروازن مان هڪ دروازو آهي ( هڪ ته اسان وٽ جڏهن لفظ جهاد پيش ٿيندو آهي ته بس قتل و غارت گيري اکين اڳيان اچي ويندي آهي ) جڏهن ته جهاد جي مصدر جهد آهي جنهن جي معنى ڪوشش آهي ۽ جڏهن لفظ جنت ايندو آهي ته اسان جي نظر ۾ جنت جو به فقط هڪ ئي خيال هوندو آهي ته جنت مان مراد مرڻ کان پوءِ مسلمان جنت ۾ ويندو جنهن ۾ هورون پريون هونديو ۔جي ڪو رخ مونکي سمجھ ۾ اچي ته هٽ ڌرمي سان ٻئي جي مقصد جو انڪار نه ڪرڻ گهرجي ان ۾ ڪو شق ناهي ته اها جنت هوندي آهي پر الله جي ڪلام جا ڪيترائي رخ آهن۔ جنت اسان وٽ معاشري ۾ سڪون جي معنى ۾ استعمال ٿيندي آهي ۽ سڪون جو تعلق دل سان آهي جي ڪو اهڙو عمل ڪيو وڃي جنهنن سان انسان جي دل ۾ بيچيني اچي وڃي ته اتي انسان الله ڪرڻ سان ان ۾ اطمينان کي ته داخل نه ٿو ڪري سگهي پر اتي حضرت علي عه جو هي فرمان ته اسين الله جو زڪر آهيون عيني اسان زندگي جو طرزِ عمل الله جو زڪر آهي ۔ يعني انه جي زندگي کي اپنائي اسان پنهنجي دل جي اضطرافي ڪيفيت کي ختم ڪري سگهون ٿا۔ان جاءِ تي مونکي نارِ نمرود جو هڪ واقعو ياد پيو اچي ته جڏهن نمرود حضرت ابراهيم عه کي باھ ۾ اڇلڻ جو پورو بندوبست ڪيو ۽ جنهن وقت باھ پنهنجي عروج تي هئي ته هڪ ننڍڙو پکي جنهن کي اسان هُد هُد چوندا آهيون پري کان پنهنجي چنهنب ۾ پاڻي کڻي اچي پيو ۽ اچي ان باھ ۾ اڇلائي پيو ته ٻين پکين يا ڪنهن فرشتي هن کان پڇيو ته ڏي احوال هُد هُد تون پنهنجي چهنب زريعي آتشِ نمرودکي وسائي سگهندين ڇا تنهنجي انهن قطرن سان هي ڀنڀڙ وسامي ويندو ته هن رهندي دنيا تائين اهي ماڻهون جي چوندا آهن اسان اڪيلا ڇا ڪريون کي سبق ڏئي ڪري اسان جهڙن سستن ۽ ڪاهلن جو منهن بند ڪري ڇڏيو هُد هُد چيو الله مونکي جيترو ظرف ڏنو آهي آءُ ايتري ته ڪوشش ڪيان پوءِ باھ وسامي يا نه هي منهنجو مسئلو ٿورئي منهنجو مسئلو ته ڪوشش ڪرڻ آهي هُد هُد جي هن ڪوشش کي جي جي جهاد چئجي ته آساني ٿي پوندي ) هن چيو ته ياد رهي ته جڏهن به مؤرخ تاريخ لکندو ته منهنجو نالو باھ وسائڻ وارن ۾ هوندو باھ لڳائڻ وارن ۾ نه هوندو۔ يعني جڏهن هن پنهنجي وجود آهر ڪوشش ڪئي ته هي مطمعن آهي پُر سڪون آهي ته نه منهنجو نالو تماشو ڏسڻ وارن ۾ آهي نه ئي منهنجو شمار باھ لڳائڻ وارن ۾ آهي ۔ اسان جي حقيقت ته هن هد هُد جهڙي به ناهي ۔ ۽ فخر آهي ته اشرف المخلوق آهيون۔
اڳتي امام عه فرمائين ٿا ته جنهن کي الله پنهنجي خاص دوسن لاءِ کوليو آهي هي پرهيزگاري جو لباس آهي ۽ مظبوط ڍال آهي جنهن هن کان پنهنجو دامن بچائيندي هن کي ڇڏيوآهي ، خدا ان کي ذلت و رسوائي جو لباس پارائيندو ۽ مصيبت و بلائن جي چادر پارائي ڇڏيندو آهي ۽ ذلت و خواري سان ان کي ڌتڪاري ڇڏيندو آهي ۽ مدهوشي و غفلت جا پردا ان جي دل تي ڇائنجي ويندا آهن ، ۽ جهاد کي ضايع ۽ برباد ڪرڻ سان حق ان کان واپس ڪيو ويندو آهي ذلت ان کي سهڻي پوندي آهي ۽ انصاف ان کان رڪجي ويندو آهي ، هاڻي حضرت علي عه جي هنن جملن تي غور ڪريون ته اها حقيقت سمجھ ۾ اچي ٿي ته هي جيڪي اسان جا حالات آهن انهن حالاتن جا در حقيقت ۾ موجب اسين آهيون۔ اسين ڪنهن ظالم جي اڳيان ان کي ظالم چؤن اهو ته پري آهي پر اسان ته ڪنهن پاڙي جي ٻار کي غلطي ڪندي ڏسي به ان کي غلط چوڻ وارا ناهيون ۔ جي ڪنهن وڏي کڻي ڪجھ چيو ته ٻار جو پي ته بعد ۾ پهچندو پهريان ان ٻار جي امان بيٺي هوندي ته تو هي منهنجي ٻار سان ظلم ڇو ڪيو آهي ۽ هڪ جهاد مان فساد جي جڙ شروع ٿي ويندي آهي يعني هن معاشري جي حقيقت ايتري ته ڪري چڪي آهي جو ماڻو غلط ڏسي ڪنهن کي غلط ان لاءِ نه ٿا چون ته خوامخواھ ڳالھ جو بتنگڙ بڻجي ويندو پاڻهي سمجنهدا مون ڪو ٺيڪو کنيو آهي ڇا جڏهن ته صبر جنهن جي معنى آهي ثابت قدم رکڻ جو دامن اسان کان ڇڏائي چڪو آهي ۔ ته مون عرض ٿي ڪيو ته اسان ڪنهن وڏيري کي ڇا سچ چونداسين اسان ته ڪنهن ٻار کي سمجهائڻ لاءِ علمِ بغاوت بلند نه ٿي وڃي جي ڊڄ کان پوئتي هٽي ويندا آهيون ۔ امام حسن عسڪري عه جو هڪ مبلغ فرمان ڪجھ ڏينهن پهريان سندن ولادتِ باسعادت تي پڙهڻ جو شرف حاصل ٿيو جنهن ۾ معصوم عه فرمايو ته عنقريب ماڻهن تي اهڙو وقت اچڻ وارو آهي انهن جا چهرا ته شادمان هوندا پر انهن جادل اندوه و تاريڪ هوندا سنتِ خدا بدعت ۽ بدعت الاهي سنت هوندي ، انهن جي وچ ۾ مومن حقير ۽ فاسق محترم هوندو ، انهن جا عالم ظالمن جي درٻار ۾ هوندا انهن جا حڪمران جاهل ۽ ستمگر هوندا هاڻي هن سڀني فرمانن کي کڻي جي ٿا پنهنجو پاڻ کي ڏسون ته اها حقيقت روزِ روشن جيان عيان آهي اهي حڪمران اسان وٽ اسانجي ڪري اسان تي فرمانروا لڳا ويٺا آهن ڪو ڪنهن کي سچ چوڻ لاءِ تيار ڪونهي انجي حقيقت حَضرت علي عه جي هن فرمان جيان آهي جنهن ۾ پاڻ عه فرمائين ٿا ته توهان جا جسم ته هڪ جهڙا آهن پر اوهان جون خواهشون هڪ ٻئي کان مختلف آهن توهان جو ڳالهيون ته سخت پٿرن کي به نرم ڪري ڇڏينديون آهن ، ۽ توهان جو عمل اهڙو آهي جيڪو دشمن کي توهان تي پنهنجا ڏند تيز ڪرڻ جو موقعو ڏيندو آهي ۔ پنهنجي مجلسن ۾ ته توهان چؤ ٿا ته اسان هيئن ڪري ڇڏينداسين اسان هونءَ ڪري ڇڏينداسين ۽ جڏهن جنگ ڇِڙي ٿي ته توهان ان کان پناھ گهرڻ لڳو ٿا ۔ بس هن موضوع کي هن فرمانِ امام حسن عسڪري عه تي بند ٿوڪريان جڏهن ته لکڻ لاءِ ته گهڻو ڪجھ آهي پر اختصار کان ڪم وٺندي پاڻ عه فرمائين ٿا جنهن عزت دار حق کي ڇڏيو ته اهو ذليل ٿي ويو ۽ جنهن ذليل حق تي عمل ڪيو ته اهو عزت دار ٿي ويو ۔ الله اسان کي حق تي ايندڙ آزمائش تي ثابت قدم ( صبر ڪرڻ ) جي توفيق عطا ڪري ۔ وسلام