ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
فقيري جو آغاز آهي
اسان جي هر ڳالھ تي توکي اعتراز آهي
سمجهان ٿو ته ان ۾ ڪهڙو راز آهي
سالڪ سمجهايو طعنا مهڻا پٿر پون
سهي سرخرو ٿي هي فقيري جو آغاز آهي
ماڻهن کان مارائي پٽيون ٿو ٻڌي پاڻ
پرين جي پنهنجائپ جو عجب انداز آهي
فَاَلهَمَهَا افَجورَهَا وَ تَقواهَا قَدَ افَلَحَ مَن زَڪاهَا
هادي جي هدايت جو چٽو ٻڌو آواز آهي
جا برائي ۽ بي حيائي کان روڪي ها
دل قائم ڪري نه سگهي سا نماز آهي
خدا سان ٿئي ته خلق کان خلق سان ته خدا کان
عشق ڪندو انسان کي بي نياز آهي
سجدو ڪري سر کڻين قلب ڪافر رهي
گفتگو ڏاڏل جي ڏاڍي دلنواز آهي
سمجهان ٿو ته ان ۾ ڪهڙو راز آهي
سالڪ سمجهايو طعنا مهڻا پٿر پون
سهي سرخرو ٿي هي فقيري جو آغاز آهي
ماڻهن کان مارائي پٽيون ٿو ٻڌي پاڻ
پرين جي پنهنجائپ جو عجب انداز آهي
فَاَلهَمَهَا افَجورَهَا وَ تَقواهَا قَدَ افَلَحَ مَن زَڪاهَا
هادي جي هدايت جو چٽو ٻڌو آواز آهي
جا برائي ۽ بي حيائي کان روڪي ها
دل قائم ڪري نه سگهي سا نماز آهي
خدا سان ٿئي ته خلق کان خلق سان ته خدا کان
عشق ڪندو انسان کي بي نياز آهي
سجدو ڪري سر کڻين قلب ڪافر رهي
گفتگو ڏاڏل جي ڏاڍي دلنواز آهي