عبدالڪريم چانڊيو
سينيئر رڪن
ڪنجوس، حيادار يا ماھر نفسيات استاد ۽ جڏ و شاگرد
عبدالڪريم چانڊيو
ڪنجوس لفظ جو ضد آھي سخي ،اھي ٻئي خاصيتون ورلي ڪنھن هڪڙي ماڻھوءَ ۾ھونديون آھن، منھنجي ھڪڙي ننڍڙي عمر واري دوست،جنھن کي آءٌ پنھنجي ٻچن، دوستن ۽ استادن وانگر ڀائيندو ۽ عزت ڏيندو آھيان، جنھن ۾ زندگيءَ جا ڪيترائي رنگ سمايل آھن، جنھن کان گھڻو وقت پري رھڻ ڪري مون کي ڏاڍي مونجھ ۽ تڪليف پھچندي آھي، ھو ايترو ته سخي آھي جو پنھنجي سخاوت ڀريل ٻن ٻولن، لطيفن، مسڪراھٽن ۽ ٽھڪڙن جي ادائگيءَ سان ڏکايل دلين تان غمن ۽ گوندرن جا پھاڙ ھڪڙي ساعت ۾ لاھيو ڇڏي، پر ان ۾ سخاوت سان گڏ ھڪڙي عادت جنھن کي آءٌ غلطيءَ سان ڪنجوسپائپ سمجھي ويٺو آھيان داخل ٿي ويئي آھي.
ڪي ماڻھو ڪن ڳالھين ۾ ڪنجوس ته ڪي منھن تي سونڊ سجايون انسانن جي دلين کي آزارڻ، ڏکوئڻ ۽ رنجائڻ ۾ سخي ھوندا آھن. منھنجو ھڪ دوست جيڪو وڪيل به آھي، قانوني، علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي ڪتاب پڙھڻ م ايترو ته سخي ھوندو آھي جو ننڊ به ڪتابن سان گڏ ڪندو آھي پر لکڻ ۾ ايترو ڪنجوس جوھڪڙو لفظ به نه لکي. ڪچھري ڪندي مونکان سوال نڪري ويو، ته سڄو ڏينھن ٿو ويٺو پڙھين، پر پنھنجي ڄاڻ مان ٻين کي روشناس ڪرڻ لاءِ لکين ڇو نه ٿو؟ جواب ڏنائين ته لکڻ مور نه ڄاڻان باقي پڙھندو پنھنجي ذھني سڪون حاصل ڪرن لاءِ آھيان، ڳالھ مون کي به دل سان لڳي ، مون به پڙھڻ ۾ سخي پر لکڻ ۾ ايترو ته ڪنجوس جو بخار چڙھيو وڃي.
سائين اوھان کي ٻڌائيندو ھلان ته سچل ڳوٺ ۾ رھندي آءٌ به ھڪڙي ننڍڙي سڄاڻ گروپ جو ميمبر ٿي ويو آھيان، اهو گروپ ھڏ ڏوکي، محبتي ، قومي ۽ سماجي ڪمن جي جذبي سان سرشار ۽ اڪيڊمي جي لحاظ کان تعليم يافته آھي پر اسان مان گھڻائي انھن ماڻھن جي آھي جيڪي جديد سانسي ٽيڪنالائجي جي استعمال واري ڄاڻ ۾ ڪورا ڪاغذ آھن. مون کي اھو اعتراف ڪندي ڪوبه شرم محسوس نه ٿو ٿئي ته ان معاملي ۾ آءٌ نسوروئي جڏو ۽ جاھل آھيان. جڏھن آءٌ پنھنجي ان ننڍڙي دوست کي ڪمپيوٽر استعمال ڪندي ڏسندو آھيان ته فخر سان گڏ ريس به محسوس ڪندو آھيان ان لاءِ ته ان جديد شين جي استعمال کان اسان وانجھيل ڇالاءِ آھيون؟
جڏھن ان جديد شين جي استعمال بابت ان کان سوال ڪري ان جي ڪم ۾ رڪاوٽ جو سبب بنجندو آھيان ته دڙڪا ڏئي چوندو آھي ته “ سائين ! ھن وقت پڪن گھڙن کي ڪنا ڪٿان پوندا ؟ ”، پر آءٌ به رھيس ڍيڍھ جو ڍيڍھ اصل نه ڇڏيانس . ھڪڙي ڏينھن تنگ ٿي پيار سان پنھنجي ڀرسان ويھاري مون کان ڪجھ سوال پڇي فيس بڪ ۽ سنڌ سلامت تي منھنجون آئڊيون ٺاھي انھن تي ڪجھ لکي سڀاڻي ساڳي وقت تي اچڻ لاءِ چيائين . معمول مطابق جڏھن ساڳي وقت تي اتي ويس ته ڪمپيوٽر کولي مون بابت محترم نثار ابڙي سميت ٻين دوستن جا ھمٿائيندڙ ۽ تعريفي ليک پڙھي ٻڌائي چيائين ته “ پنھنجي عزت بچائڻ لاءِ ھاڻي وڃي تون پاڻ ڪمپيوٽر ھلائڻ سکندين ۽ اھو به چيائين ته ڪمپيوٽر خراب ٿيڻ جو ڊپ دل مان ڪڍي ان کي ھلائجان، جيترا به ڪمپيوٽر خراب ڪندين ته پرواھ ناھي ٻيا وٺي ڏيندوسانءِ ”. ھن وقت ٽي سوال منھنجي ذھن ۾ اڀرن ٿا ۽ انھن سوالن جا جواب دوست ئي بھتر ٻڌائي سگھندا، اھي ھي آھن.
سوال ..1 ڇا اھو دوست واقئي ڪنجوس آھي ؟ جو مونکي اھا مشين ھلائڻ نه ٿو سيکاري.
سوال..2 ڇا اھو استاد مون کان ننڍي عمر جو ھجڻ ڪري منھنجو ادب ڪرڻ ڪري مون کي نه ٿو سيکاري؟
سوال ..3 ڇا ھو نفسيات جو ماھر آھي؟ جو منھنجي نه سکڻ واري ڪمزوري معلوم ڪرڻ کان سواءِ مون کي ڪمپيوٽر ھلائڻ نه پيو سيکاري.
اوھان کي اھو به ٻڌائيندو ھلان ته ان استاد پاران استعمال ڪيل ان ٽِرڪَ کي ذھن ۾ رکندي ڪمپيوٽر ھلائڻ سکي رھيو آھيان ۽ ھي ننڍڙا ننڍڙا ليک دوستن سان ونڊي رھيو آھيان. اميد ته مڪمل ڪمپيوٽر ھلائڻ سکي وٺندس ۽ پنھنجي عزت بچائڻ ۾ ڪامياب ٿيندس.
اوھان کي ڄاڻ ھجي ته ان ننڍي عمر واري منھنجي حيادار ۽ نفسيات جي ماھر استاد جو نالو محترم محمد سليمان وساڻ آھي .