ٽن صوبن،فاٽا ۽ گلگت جي 13 لک ماڻهن سنڌ ۾رهائش اختيار ڪري شناختي ڪارڊ به ٺهرائي ڇڏيا

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏20 مارچ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ٽن صوبن،فاٽا ۽ گلگت جي 13 لک ماڻهن سنڌ ۾رهائش اختيار ڪري شناختي ڪارڊ به ٺهرائي ڇڏيا، نادرا جي تصديق

    اڄوڪي ڪاوش ۽ ٻين اخبارن ۾ هڪ اهم خبر ڇپي آهي۔ جيڪا سنڌ جي بقا لاء ڪنهن خطري کان خالي ناهي۔


    [JUSTIFY]اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي اجلاس ۾ نادرا چيئرمين علي ارشد حڪيم انڪشاف ڪيو آهي ته گذريل 7 سالن اندر خيبر پختونخوا صوبي جي 6 لک 33 هزار 916، پنجاب صوبي جي 5 لک 59 هزار 620 ۽ بلوچستان جي 82 هزار 482 رهواسين سوڌو ملڪ جي ٻين علائقن مان 13 لک کان وڌيڪ ماڻهن سنڌ مان سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي پاڻ کي عارضي طور سنڌ جو رهواسي ظاهر ڪيو آهي، هنن سنڌ ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي، پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي قومي اسيمبلي جي اجلاس بعد سڃاڻپ ڪارڊن بابت تفصيلي بريفنگ گهري ورتي آهي ۽ چيو آهي ته پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي هاڻي موجوده حڪومت جو احتساب شروع ڪندي، ڪالهه قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جو اجلاس چيئرمين چوڌري نثار علي خان جي صدارت ۾ ٿيو، پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي اجلاس دوران ڪاميٽي کي بريفنگ ڏيندي چيئرمين نادرا انڪشاف ڪيو آهي ته گذريل 7 سالن ۾ ملڪ جي ٻِين صوبن جي 13 لک 870 شهرين سنڌ صوبي اندر عارضي رهائش وارا شناختي ڪارڊ ٺهرايا آهن، نادرا چيئرمين موجب 6 لک 33 هزار 916 خيبر پختونخوا جي شهرين سنڌ ۾ رهائش جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرايا، جڏهن ته 5 لک 59 هزار 620 ماڻهن پنجاب، 52 هزار 259 ڪشميري ۽ 82 هزار 482 بلوچستان صوبي، جڏهن ته 28 هزار 443 فاٽا ۽ باقي گلگت بلتستان جي رهواسين سنڌ ۾ سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي پاڻ کي اتي عارضي رهواسي لکرايو آهي۔

    نادرا چيئرمين چيو ته ٻين صوبن مان خيبرپختونخوا صوبي ۾ ان عرصي ۾ هڪ لک 53 هزار ۽ پنجاب ۾ 4 لک 70 هزار شهرين عارضي رهائش وارا ڪارڊ ٺهرايا آهن، جنهن تي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي ميمبر نور عالم خان چيو ته اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ افغانستان جي هڪ قبيلي گهرو وزارت کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ لاءِ 40 ڪروڙ ڏئي پوري قبيلي جا ڪارڊ ٺهرايا، هن چيو ته دنيا ۾ مهاجرن کي شهريت نه ملندي آهي پر شهريت ملي وڃي ٿي، افغانين ملڪ کي مسئلن ۾ وجهي ڇڏيو آهي، جنهن تي نادرا چيئرمين ٻڌايو ته 90 هزار افغانين جي سڃاڻپ ڪارڊن کي رد ڪيو ويو آهي، پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي ميمبر پرويز ملڪ چيو ته لاهور ۾ رهندڙ شهرين جا به ڪارڊ ٺهيل نه آهن، جنهن تي نادرا چيئرمين ڪاميٽي کي ٻڌايو ته قانون واري وزارت کي لکيو آهي ته افغانين بابت پاليسي تبديل ڪئي وڃي، ڪاميٽي ميمبر حامد يار هراج چيو ته ملڪ اندر هڪ ماڻهو 2-2 ڪارڊ به ٺهرايا آهن، نادرا چيئرمين علي ارشد حڪيم ڪاميٽي کي ٻڌايو ته گذريل 7 سالن کان 2008ع تائين 5 ڪروڙ 40 لک 90 هزار سڃاڻپ ڪارڊ ٺهيل هئا، نادرا ڪم تيز ڪري 2008ع کان هلندڙ مهيني تائين 8 ڪروڙ 43 لک 30 هزار ماڻهن جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهيا آهن، جن ۾ 4 ڪروڙ 89 لک مرد ۽ 4 ڪروڙ 84 لک 30 هزار عورتن جا ڪارڊ ٺهرايا ويا آهن، نادرا پاران اليڪشن ڪميشن پاران ڏنل ووٽر لسٽ 2007ع جي تصديق واري رپورٽ بابت جڏهن بريفنگ ڏيڻ شروع ڪئي ته پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي چيئرمين چوڌري نثار علي چيو ته اليڪشن ڪميشن جي ووٽر لسٽ جي تصديق واري نادرا جي رپورٽ تي اڳوڻي حڪومت جي وزيرن اهو تاثر ڏنو ته هر تڪ ۾ 40 سيڪڙو جعلي ووٽر آهن، اهڙي رپورٽ منظر تي اچڻ بعد اليڪشن ڪميشن ۽ نادرا جو واضح موقف اچڻ گهرجي ها، هن چيوته جيڪڏهن جعلي ووٽر آهن ته به ان جي ذميوار اڳوڻي حڪومت آهي، ووٽر لسٽ اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ پرويز مشرف ٺهرائي، جنهن تي نادرا چيئرمين چيو ته اليڪشن ڪميشن کي ڏنل نادرا پاران رپورٽ ڳجهي هئي، اها ڪٿي منظر تي اچڻ بابت 2 ڌار ڌار جاچ ڪاميٽيون جوڙيون ويون آهن، جنهن تي چوڌري نثار علي چيو ته قومي اسيمبلي جي اجلاس بعد سڃاڻپ ڪارڊن جي مامرن سميت نادرا پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي کي بريفنگ ڏئي، جنهن ۾ ووٽر لسٽن جي تصديق وارو مامرو به شامل هجي، نادرا چيئرمين چيو ته هر شناختي ڪارڊ تي هڪ مستقل ۽ هڪ عارضي پتو هجڻ گهرجي، هن چيو ته مستقل پتو تبديل ڪرائڻ لاءِ ڊوميسائل ۽ ٻيا دستاويز طلب ڪيا ويندا آهن، جڏهن ته عارضي پتو گريڊ 16 يا ان کان مٿي جي گزيٽيڊ آفيسرن جي تصديق سان ڪئي ويندي آهي ۽ تصديق ڪندڙ جي به تصديق ٿيندي آهي ته ڇا ڪٿي تصديق ڪندڙ جعلي نه آهي، هن چيو ته ملڪ ۾ روزانو 60 کان 70 هزار شناختي ڪارڊ ٺاهي رهيا آهيون، پي اي سي جي پڇاڻي تي چيئرمين نادرا چيو ته غير مستقل پتي تي ماڻهن جي رجسٽريشن ٿي سگهي ٿي ان تي چوڌري نثار علي خان چيو ته دنيا ۾ ڪٿي به غير مستقل پتي تي رجسٽريشن ناهي ٿيندي، نور عالم چيو ته افغان مهاجرن باقاعده رجسٽريشن ڪرائي ڇڏي آهي، ان ۾ دهشتگرد به ٿي سگهن ٿا، گذريل ڏينهن ۾ هڪ پوري افغان قبيلي کي رجسٽريشن ڪري پاڪستاني بڻايو ويو آهي، اهڙا ماڻهو سعودي عرب ۽ آمريڪا ويندا آهن ته پاڪستان جو نالو بدنام ٿيندو آهي.[/JUSTIFY]

    روزانه جنگ 20 مارچ 2011 جي صفحي نمبر 42 تي به ساڳي خبر ڇپي آهي۔ جنهن جو عڪس پيش ڪجي ٿو۔

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو