• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

زمبابوي جي ڪينيا جي خلاف ڪاميابي

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
جيتوڻيڪ هي ميچ رسمي هئي ڇو ته ڪوارٽر فائنل ۾ پهچندڙ ٽيمن جو فيصلو ٿي چڪو آهي۔ ڪلڪته ۾ ٿيندڙ اڄوڪي ميچ ۾ زمبابوي جي ٽيم پهريان بئٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 308 رنسون ٺاهيون۔ ارون 66 ، سنباڊا 61 ۽ ٽيبو 53 رنسون اسڪور ڪيون۔ اوٽيانو 2 وڪيٽون ورتيون۔

جواب ۾ ڪينيا جي سموري ٽيم 36 اوورن ۾ 147 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي۔ اوڍيامبو 44 رنسون اسڪور ڪيون۔پرائس، ليمب ۽ ڪريمر ٻه ٻه وڪيٽون ورتيون ۽ زمبابوي هي ميچ 161 رنسن تان کٽي ورتي۔ ڪينيا ٽورنامينٽ ۾ هڪ به ميچ نه کٽي سگهي۔

ڪريگ ارون کي مين آف دي ميچ جو اوارڊ ڏنو ويو

501701.html




اڄوڪي ميچ جون جهلڪيون

http://www.youtube.com/watch?v=qqTXQUIJ7fE
 
Back
Top