دوستو انهائي دلچسپ مقابلن بعد خير سان ورلڊ ڪپ جو پهريون رائونڊ پنهنجي پڄاڻي تي پهتو 8 خوشنصيب ٽيمن ٻئي رائونڊ لا ڪواليفا ڪيو آهي جن جي ميچز جي تفصيل هن ريت آهي 23 مارچ پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جون ٽيمون ڍاڪا ۾ پهريون ڪواٽر فائينل۔ 24 مارچ آسٽريليا ۽ انڊيا جون ٽيمون احمد آباد ۾ ٻيو ڪوارٽر فائينل۔ 25 مارچ سائوٿ آفريڪا ۽ نوزيلينڊ جون ٽيمون ڍاڪا ۾ ٽيون ڪوارٽر فائينل۔ 26 مارچ سريلنڪا ۽ انگلينڊ جون ٽيمون ڪولمبو ۾ چوٿون ڪوارٽر فائينل کيڏنديون ۽ ها دوستو پنهنجي را ضرور ڏيندا ته اوهان جي اندازي مطابق ڪهڙيون ٽيمون سيمي فائينل ۾ پهچي سگهن ٿيون منهنجي نّظر ۾ پاڪستان آسٽريليا سائوٿ آفريڪا ۽ سريلنڪا ميدان ماري سگهن ٿا
جواب: ڪوارٽر فائينلس شيڊيول سائين منهنجي خيال ۾ ته پاڪستان ۔انڊيا،سريلنڪا ۽ سائوٿ آفريڪا سيمي فائنل ۾ اچي سًگهن ٿا 8->
جواب: ڪوارٽر فائينلس شيڊيول هڪ اهم ڳالھ ته جيڪڏهن پاڪستان ۽ هندستان جون ٽيمون ڪوارٽر فائنل کٽن ٿيون ته ٻنهي ٽيمن وچ ۾ موهالي ۾ سيمي فائنل ٿيندو۔ مان سمجهان ٿو پاڪستان، هندستان، سريلنڪا ۽ ڏکڻ آفريڪا جون ٽيمون سيمي فائنل ۾ اچي سگهن ٿيون
جواب: ڪوارٽر فائينلس شيڊيول ادا جواد صاحب تمام وڏي مهرباني توهانجي تمام سٺي شعرنگ ۽ سٺي معلومات پيش ڪئي آهي
جواب: ڪوارٽر فائينلس شيڊيول مان سمجهان ٿو پاڪستان، هندستان، انگلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا جون ٽيمون سيمي فائنل ۾ اچي سگهن ٿيون