سنڌ جي تمام قداوري شخصيت مرزا قليچ بيگ

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ پسر شهيد طرفان آندل موضوعَ ‏21 مارچ 2011۔

  1. پسر شهيد

    پسر شهيد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 مارچ 2011
    تحريرون:
    84
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ايران " قم
    مرزا قليچ بيگ جا وڏڙا اصل جارجيان جا رهاڪو هئا جنهن علائقي کي گرجستان جي نالي سان به سڏيو ويندو هو جيڪو علائقو ڪوهه قاف کان اتر طرف ڏانهن آهي ۽ ان علائقي ۾ ايران جي بادشاهه جون جنگيون اڪثر ڪري روس سان ٿينديون هيون ۽ جارجيا ملڪ به ان زماني ۾ روس جي قبضي ۾ هو ان ڪري ئي ايراني حملن کان بچي نه سگهندو هو، اهڙين جنگين ۾ مرزا قليچ بيگ جو ڏاڏو ۽ پڙ نانون مارجي به ويا هئا ان وقت مرزا جي ڄمار فقط 7 سال هئي مرزا صاحب کي سنڌ ۾ ان وقت کان جڳهه ملي جڏهن مرزا قليچ بيگ کي 5 0 8 1 ع ۾ سندس نانا کي پٽيوالي ملي ۽ ان وقت ميرن جي سنڌ تي حڪومت هئي ۽ سنڌ جو بادشاهه مير ڪرم علي خان ٽالپر هو ۽ ان وقت مرزا قليچ بيگ جي ڄمار 5 1 سال هئي. مرزا قليچ بيگ جارجيان مان ڪوچ ڪري سنڌ ۾ پنهنجي نانا سان گڏ آيل هو ۽ سندس والد ان کانپوءِ ويهارو کن سالن بعد سنڌ ۾ اچي ديرو ڄمايو مرزا قليچ بيگ جو نانو مرزا خسرو بيگ انگريزن جي صاحبي ۾ 0 6 8 1 ع ۽ مرزا صاحب جو والد مرزا فريد ون بيگ 1 7 8 1 ع ۾ وفات ڪري ويا.


    مرزا صاحب ان کانپوءِ ويڳاڻو برابر رهيو پر پاڻ سنڌ جي ڳوٺ ٽنڊو ٺوڙهو ۾ اچي رهيو ۽ سندس پيدائش وارو ڳوٺ به اهوئي آهي. مرزا قليچ بيگ جنهن کي ساڍا چار سئو ڪاتبن لکڻ جو اعزاز مليل آهي ۽ پاڻ سنڌي، هندي، سنسڪرت، عربي، اردو، انگريزي ٻولين کانسواءِ ڪيترن ئي زبانن جو ڄاڻو ۽ ادب جي حوالي سان پاڻ انهن ٻولين ۾ ساڍا چار سئو کان به وڌيڪ ڪتاب لکيا مرزا قليچ بيگ جي وارثن سندس نالو قليچ رکيو جنهن جي ترڪي زبان ۾ معنيٰ آهي ترار ان ڪري پاڻ ننڍي هوندي کان ئي لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ ترار کان به تيز هئا. مرزا قليچ بيگ جو ڳوٺ حيدرآباد کان اٽڪل 2 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي هوندو هو ۽ هو اتان کان روزانو پنڌ ڪري حيدرآباد تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ايندو هو، ڳوٺان نڪرڻ بعد پهريان سنڌوءَ جي آخوند ولي محمد وٽ ويندو هو ۽ پوءِ آخوند صاحب کين اسڪول ۾ خود وڃي ڇڏي ايندو هو. مرزا قليچ بيگ کي ٻن ٻولين تي عبور حاصل هو، پهريان سنڌي ۽ ٻي فارسي جن ٻولين ۾ وڏي مهارت رکندو هو جن ٻولين ۾ کيس ڪيترائي ڀيرا انعام به مليا. مرزا قليچ بيگ جي ذهن ۾ ٻالڪپڻ کان ڪتابن سان ڏاڍي محبت هئي ان ڪري پاڻ جو لاڙو ادب ڏانهن ئي گهڻو هوندو هيس. مرزا قليچ بيگ جي والد مرزا فريد ون بيگ جي وفات 1 7 8 1 ع کان پوءِ 2 7 8 1 ع ۾ مرزا بمبئي جي ايلفيسٽن ڪاليج ۾ دخلا ورتي جڏهن ته مرزا قليچ بيگ حيدرآباد هاءِ اسڪول ۾ پنجين ڪلاس ۾ پڙهيو ان بابت سنڌ جي نالي واري ليکڪ قاسم ٻگهيو پنهنجي هڪ سنڌي ادبي ڪتاب »سنڌي ادب جو سدا روشن سج¶ ۾ لکيو آهي ته جڏهن مرزا قليچ بيگ پنجين درجي ۾ پڙهندو هو ته ان وقت هڪ انگريز بهادر فلٽن سنڌ جو ايجوڪيشنل انسپيڪٽر هو ۽ هڪ ڀيري هن حيدرآباد هاءِ اسڪول جو دورو ڪيو ۽ ان اسڪول جو هيڊماستر »ڀنڊارڪر¶ هو جنهن ان انگريز آفيسر کي چيو ته هي ننڍڙو مرزا شاعري جو وڏو هوشيار آهي سو انگريز آفيسر به شاعرن جو قدردان هو تنهن هڪڙو ڪاغذ جو پنو ۽ پين کڻي مرزا کي ڏنائين ۽ چيائين ته هن تي ڪونئون شهر ٺاهي ڏيکار ٿورڙي دير بعد مرزا قليچ بيگ هڪ مناجات ٺاهي اچي فلٽن کي پيش ڪئي، اهڙي شاعري کان متاثر ٿيندي ان سنڌ جي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر مسٽر فلٽن انهي پنجين درجي کي هن ساڳي ئي حيدرآباد اسڪول ۾ چاليهه روپين جي ماهوار پگهار تي فارسي جو استاد مقرر ڪيو جيڪو پنجين درجي کان گهٽ وارن ڪلاسن کي باقاعده فارسي به پڙهائيندو مرزا ان اسڪول ۾ شاگرد هئڻ سان گڏوگڏ استاد 2 1 مهينن تائين رهيو ۽ پاڻ ڏهون درجو سال 2 7 8 1 ع ۾ پاس ڪري انهي ساڳئي سال ۾ بمبئي جي ڪاليج ۾ پڙهڻ لاءِ داخلا ورتي جتي کيس پهريان ته خرچ پکي جي بي انتهائي ڏکيائي محسوس ٿي ليڪن محبت ۽ جفاڪشي هن جي دماغ ۾ سمايل هئي ان ڪري پاڻ همت نه هاريندي پڙهائي مان هٿ نه ڪڍيو. ان وقت کيس 0 2 روپيا اسڪولي اسڪالر شپ ملي جيڪا ان ڪاليج ۾ ذهين ۽ هوشيار شاگردن کي ملندي هئي. مرزا قليچ بيگ هوشيار شاگردن کي پارسي ۽ گجراتي به پڙهائڻ جو آغاز ڪيو جتان کيس مهيني سر 5 روپيا ملندا هئا، مرزا قليچ بيگ فارسي جو تمام گهڻو ماهر هو ان ڪري کيس هن ئي ڪاليج ۾ فارسي پڙهائڻ جو اعزاز مليو ان وقت کيس ترڪي زبان ۾ تمام گهڻي ڄاڻ هئڻ ڪري ساڻن ترڪي جي هڪ سفير بمبئي ڪاليج ۾ اچي ملاقات ڪئي ۽ ان سان بعد ۾ تمام گهڻي گهرائپ به ٿي وئي. مرزا قليچ بيگ جي اها خاصيت هئي ته هو دنيا جي هر ٻولي واري ماڻهو سان ويجهو رهندو هو ۽ ان جي زبان سکي وٺندو هو تنهن ڪري پاڻ ترڪين سان ويجهو رهي ترڪي زبان ۾ مهارت حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ هن مرهٽي، پارسي، عربي، گجراتي، سنڌي، هندي، انگريزي سان گڏ رهي اهي ٻوليون سکيون ۽ انهن ٻولين ۾ مهارت به حاصل ڪيائين اهڙين زبانن سکڻ بعد مرزا سنسڪرتن سان گڏ رهي سنسڪرت زبان سکيو پٺاڻ ۽ بلوچن سان گڏ رهي پشتو ۽ بلوچي زبان سکڻ ۾ ڪامياب ٿيو مرزا صاحب جنهن زبان، نسل يا مذهبن واري ماڻهو سان گڏ رهندو هو ته ان جي زبان سکڻ سان هن جي مذهب جو سمورو ڍانچو دماغ ۾ رکي اهو ان ٻولي ۾ ڪتابن جي صورت ۾ پيش ڪندو هو. مرزا قليچ بيگ ڪاليج پاس ڪرڻ کان پوءِ سنڌ ۾ پهريون ڀيرو انگريزي اخبار سنڌ نيوز جي ايڊيٽر جا فرض به نڀايا ۽ بعد ۾ هن جي ڪراچي ۾ رهندي ئي واقفيت سنڌ محسن ڄاڻون ،عالمن ۽ اديبن سان ٿي جن ۾ نمايان حسن علي آفندي، ديارام ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن.

    مرزا قليچ بيگ جو ڌاڪو هنڌ، سنڌ ۾ ويهي ويو هو سو اهوئي سبب ٿيو جو جڏهن پهريون سنڌي ڪاليج کليو ته هن کي اتي پروفيسر ٿيڻ جي آڇ ڪئي وئي جنهن تي هن انڪار ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته کيس روينيو کاتي ۾ نوڪري ڪرڻ جو شوق هو. مرزا کي نيٺ نوڪري ملي انهي دوران هن قانون جي ڪتابن کي رٽڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ ٿيو ائين جو پاڻ مئجسٽريٽ ٿيڻ لاءِ امتحان ڏنائين جنهن امتحان ۾ سموري سنڌ ۾ هي اڪيلو مئجسريٽي ۾ پاس ٿيو هو. ان دوران کيس ڪراچي روينيو کاتي مان بدلي ڪري ڪڪڙ تعلقي ضلع دادو ۾ روينيو هيڊ منشي طور مقرر ڪيو ويو جنهن بعد هي مختيار به ٿيو سندس محنت تي سرڪار کيس ڊپٽي ڪليڪٽر ڪري ڇڏيو مرزا قليچ بيگ روينيو کاتي ۾ ڪليڪٽر هئڻ سان گڏ علمي ۽ ادبي ڪم کي نه روڪيندي ان ڪرت کي جاري رکيو ۽ سندس عملي ادب خدمتن جي ڪري کيس ان وقت جي سرڪار 4 2 9 1 ع شمس العلماءِ جو خطاب ڏنو. مرزا قليچ بيگ سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ڪليڪٽر طور ڪم ڪيو جن شهر ۾ جيڪب آباد، شڪارپور، لاڙڪاڻو، وارهه، ميهڙ، ٿرڙي محبت ۽ ڪوٽڙي شامل آهن.

    مرزا قليچ بيگ پنهنجي هڪ انگريزي دوست ڊاڪٽر بينجمن جي صلاح سان ميجر صوبيدار سردار بهادر شيخ اسماعيل جي نياڻي زليخان سان شادي ڪئي زليخان جا مائٽ يهودي هئا جيڪي بعد ۾ مسلمان ٿيا جيڪا شادي 5 2 ڊسمبر 8 8 8 1 ع ۾ ڪراچي شهر ۾ ٿي جنهن جو نڪاح مولوي تاج محمد پڙهايو هو مرزا صاحب جي پهرين گهر واري 5 1 پسند جنهن سالن بعد 3 3 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪري وئي ۽ پاڻ پنهنجي ئي خاندان مان 7 0 9 1 ع ۾ ٻي شادي ڪئي ۽ سندس اها زال شادي کانپوءِ 8 0 9 1 ع ۾ ويم دوران فوت ٿي وئي پاڻ ٽئين شادي مرزا قلب علي مرحوم جي نياڻي سان ڪئي جيڪا سندس سموري حياتي جو سهارو بڻي. مرزا قليچ بيگ 9 0 9 1 ع ۾ نوڪري تان رٽائرڊ ٿيو ته ان وقت سندس ڄمار 5 5 سال هئي. مرزا قليچ بيگ جڏهن 9 1 آگسٽ 8 2 9 1 ع تي رٽائرڊ وٺڻ بعد بمبئي ويو ته اتي کيس گردي ۾ سور جي تڪليف ٿي ۽ ان دوران ڊاڪٽرن کيس لکڻ کان به روڪيو پر پاڻ لکڻ کي روڪي نه سگهيو ۽ ادب سان محبت ڪندي ڪيترائي ڪتاب لکندو رهيو. بمبئي مان موٽڻ کانپوءِ پاڻ 9 2 9 1 ع اپريل جي پهرين تاريخ هالا جي مخدوم صاحب وٽ ويو اتان موٽندي کيس گردن ۾ ڏاڍي تڪيلف پيدا ٿي پئي نيٺ گردن جي سُور کيس لکڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ سندس جولاءِ پهرين 9 2 9 1 ع وارو سندس لکڻ جو آخري ڏينهن هو ان ڏينهن کانپوءِ قلم هٿ ۾ کڻي نه سگهيو ۽ آخر 2 جولاءِ 9 2 9 1 ع وارو سڄو ڏينهن کيس دل تي ڏاڍي منجهه رهي آخرڪار رات جو 1 1 لڳي اچي چادر تاڻي سڌو ٿي سمهي رهيو ۽ ان حالت ۾ ئي سندس روح جو پکي پرواز ڪري ويو ۽ پاڻ وڃي خالق حقيقي سان مليو.
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ جي تمام قداوري شخصيت مرزا قليچ بيگ

    ادا رضا حسين۔۔۔ تمام بهترين ليک ونڊ‌ ڪيو اٿوَ، هن کي پڙهڻ سان مست جهڙي گهٽ علم وارن ماڻهن جي علم ۾ اضافو ٿيو آهي، پر ادا هڪڙي ڳالهه واضح ڪيو هي ليک توهان جو پنهنجو آهي يا ڪنهن ٻئي دوست جو آهي؟؟؟​
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ جي تمام قداوري شخصيت مرزا قليچ بيگ

    تمام سهڻو ليک آهي

    مرزا قليچ بيگ سنڌي نثر ۽ سنڌي ادب جي اوائلي شخصيتن ما آهي جن اڻ کُٽ ڪم ڪيو۔

    ادا ڪوشش ڪري لکڻ واري جو يا ڪتاب جو حوالو ضرور ڏيندا ڪيو
     
  4. پسر شهيد

    پسر شهيد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 مارچ 2011
    تحريرون:
    84
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ايران " قم
    جواب: سنڌ جي تمام قداوري شخصيت مرزا قليچ بيگ

    ادا دوست جو آهي پر انشاءالله آئيدا پنهنجو لکيل ئي ڏيندا سين
     
  5. پسر شهيد

    پسر شهيد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 مارچ 2011
    تحريرون:
    84
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ايران " قم
    جواب: سنڌ جي تمام قداوري شخصيت مرزا قليچ بيگ

    ادا دوست جو آهي پر انشاءالله آئيدا پنهنجو لکيل ئي ڏيندا سين
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ جي تمام قداوري شخصيت مرزا قليچ بيگ

    ادا خير آهي

    اسان به ٻين دوستن جا ليک هتي شيئر ڪندا آهيون۔ ڄاڻ وارا موضوع هتي بلڪل ونڊ ڪرڻ گهرجن پر ادا جنهن دوست محنت ڪري ليک لکيو هجي ان جو به اهو حق هوندو آهي ته ان جو نالو پيش ڪجي۔ هي هڪ بهترين ليک آهي۔ مرزا قليچ بيگ جي شخصيت سنڌي ادب جي تمام قداور شخصيت آهي۔
     
  7. ابو جواد

    ابو جواد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    343
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    قم ايران
    جواب: سنڌ جي تمام قداوري شخصيت مرزا قليچ بيگ

    ادا تمام معلوماتي ليک آهي جنهن به لکيو آهي ان جي بهترين ڪاوش آهي اوهان اسان تائين پهچايو اوهان جا به لک لائق توهان جي وڌيڪ لکڻين جو انتظار رهندو
     
  8. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: سنڌ جي تمام قداوري شخصيت مرزا قليچ بيگ

    تمام سهڻو ليک آهي
    مهرباني وند ڪرڻ جي ادا اوهان جي مزيد شيئرنگ جو شدت سان انتظار رهندو
     
  9. mاعلي جواد

    mاعلي جواد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 مارچ 2011
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌ جي تمام قداوري شخصيت مرزا قليچ بيگ

    تمام سهڻو ليک آهي

    مرزا قليچ بيگ سنڌي نثر ۽ سنڌي ادب جي اوائلي شخصيتن ما آهي جن تمام گهڻو ڪم ڪيو۔
    ادا ڪتاب جو حوالو ضرور ڏيندا ڪيو
     
  10. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌ جي تمام قداوري شخصيت مرزا قليچ بيگ

    سائين تمام سهڻو ليک آهي .
     
  11. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ جي تمام قداوري شخصيت مرزا قليچ بيگ

    مرزا قليچ بيگ سنڌي ادب جي تاريخ ۾ تمام مٿاهين حيثيت رکي ٿو، هي اهي ڏاها آهن جن موجوده سنڌي ادب جي شروعات ڪئي ۽ سنڌي الف ب ٺهڻ کانپو ڪوشش ڪري دنيا ڀر جو علم کڻي اچي سنڌي ادب ۾ شامل ڪرايو ۔۔۔ ڏسندي ڏسندي سنڌي ٻولي مالا مال ٿي وئي ۔۔۔

    پر افسوس پاڪستان ٺهڻ کانپو سنڌي ٻولي کي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا آهن ۔۔۔ ۽ پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي ۔۔۔ غلام قوم جي غلام ٻولي طور سڃاتي وڃي ٿي ۔۔۔

    محترم پسر شهيد ( شهيد جي پٽ) کي سلام ۽ سنڌ سلامت تي ڀليڪار ۔۔۔۔

    رب العالمين مرزا صاحب کي جنت الفردوس ۾ اعلا مقام عطا فرمائي ۔۔۔ آمين
     
  12. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ جي تمام قداوري شخصيت مرزا قليچ بيگ

    تمام سٺو مهرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو