سنڌ ۾ امن جي صورتحال ۽ پوليس جو ڪردار

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ پسر شهيد طرفان آندل موضوعَ ‏21 مارچ 2011۔

  1. پسر شهيد

    پسر شهيد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 مارچ 2011
    تحريرون:
    84
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ايران " قم
    هڪ وقت هوندو هو ته چور ڪنهن گهر ۾ چوري جي نيت سان داخل ٿيندو هو ته ڀاڳئي جي سجاڳ ٿيڻ يا هڪل ڪرڻ سان چور ڀڄي ويندو هو ان وقت چورن ۾ حياءُ ۽ شرم هوندو هو، پر ان وقت ۽ هاڻوڪي وقت ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي ان وقت چورن جي پٺڀرائي ڪوبه هئي ۽ هاڻ چور کي پوليس به عزت ڏئي ٿي ته تر ۾ به وڏو مان ۽شان اٿس پوءِ چاهي اهو چور ڌاڙيل جي روپ ۾هجي ياڦورو يا وري پاٿاريدار جي روپ ۾ هجي.

    اڄڪلهه جيڪڏهن تر جي پوليس به توهان جي عزت ڪري ته پوءِ چوري ڦر ڌاڙو هڻڻ جو وڏو مسئلو ئي ڪونهي ڇو جو عوام جي تحفظ ڪندڙ پوليس وارا توهان چورن جا ٻانهن ٻيلي آهن ته پوءِ توهان جو ڪير به وار ونگو ڪونه ڪندو جيڪڏهن واردات ڪرڻ دوران ماڻهو مري به ته ڪو وڏو مسئلو ڪونهي ڇو جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ پوليس جو ويٺي آهي جيڪڏهن توهان اتفاقن ظاهر به ٿي پيا ته پوءِ ڪو وڏو مسئلو ڪونهي عوام کي ڏيکارڻ لاءِ توهان کي گرفتار ڪري هلڪو ڦلڪو قلم لڳائي ڇڏيندا ته جيئن توهان جي ضمانت جلدي ٿي وڃي اهڙن واقعن ۾ پوليس جي ڍر امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ جو ڪارڻ بڻجي ٿي ڪڏهن ته ائين به ٿيندو آهي ته ڏوهارين جا ماثاري ايس ايڇ او يا وري پوليس آفيسر توڙي صوبيدار ڪنهن ٻئي هنڌ وڃڻ لاءِ اتان جي ڏوهاري ۽ ڦورو ماڻهن کي امن امان خراب ڪرڻ جو پراجيڪٽ ڏئي ڇڏيندا آهن پوءِ اهو ايس ايڇ او يا صوبيدار ۽ ڊي پي او تائين رسائي ڪرائي پاڻ کي مقررڪرائيندو آهي ته جيئن ان جي اچڻ سان امن امان جي صورتحال بهتر ٿيندي ائين ڪافي دفعا ٿيو به آهي ۽ ٿيندو به اچي پيو پوليس جيڪڏهن امن امان قائم ڪرڻ ۾ سچي ٿئي ته ڪوبه مسئلو ڪونهي پر پوليس به ناهي چاهيندي ته امن امان درست هجي ڇو جو چوري ڦر ڌاڙو پوليس جي ان ۾ حصيداري هوندي آهي جيڪڏهن امن امان هوندو ته پوءِ ٿاڻا ڪيئن هلندا ڳالهه رڳو اتي ڪونه ٿي کٽي، پوليس سياسي وڏيرن جو به پاڻ م گهرو ڳانڍاپو هوند وآهي پوليس به انهن جي ونگار ۾ گهڻو ڪجهه ڪري وجهندي آهي ڇو ته تر ۾ پوليس مان ياري هوندي ته ان وڏيري جي داٻي ۾ همت هوندي. پوليس سان ياري باشي ۾وڏيرو پاٿاريدار بڻجي پوليس جي ڪمائي جو پڻ ذريعو رهي ٿو ٻڌڇوڙ جڏهن وڏيري جي هٿ ۾ هوندي ته علائقي تر جا ماڻهو به کانئنس لهرائيندا! گهڻا سرندي ۽ اثر رسوخ وارا وڏيرا تر ۾ پنهنجو صوبيدار رکرائيندا آهن منظور نظير صوبيدار هجڻ سان وڏيري جي مستي ۾ ٿورو وڌيڪ اضافو هوندو آهي.

    اسان جنهن معاشري جو حصو آهيون اهو هڪ بگڙيل معاشرو آهي عام ماڻهن کي سرڪار جي ٺاهيل ادارن مان انصاف ڪونه ٿو ملي سرڪار جيڪو به آئين ٺاهي ٿي ان تي عمل ڪونه ٿو ٿئي انساني حقن جون ڀڃڪڙيون روز جو معمول بڻيل آهن چوريون ڌاڙا ڦرون اغوا جون وارداتون توڙي ٻيا ڏوهه هن معاشري جو ڄڻ ته حصو ٿي ويا آهن پوليس جوصحيح معنيٰ ۾ ڏوهن جو خاتمو آڻڻ لاءِ ڪوبه ڪردار نظر نه پيو اچي عوام مان پوليس پنهنجو اعتبار وڃائي ويٺي آهي مون کي ياد ٿو اچي ته ڪجهه سال اڳ سانگهڙ جي هڪ ڊي ايس پي جيڪو هاڻوڪي دور ۾ ٻه سال سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جو پروٽوڪول آفيسر به رهيو هاڻ وري ڪنهن ضلعي جو ڊي پي او آهي ڳالهائڻ جو مٺو ۽ يار ويس آفيسر آهي ان سانگهڙ ۾ هجڻ دوران پوليس ۽ عوام کي ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي ان آفيسر اهڙي ويجهڙائي عوام مان پوليس جو خوف ختم ڪرڻ لاءِ عوامي رابطه مهم جو آغاز ڪندي هڪڙا پمفليٽ ڇپرايا ويا جيڪي سانگهڙ جي مڙني ٿاڻن تي لڳرايا ويا جيئن ٿاڻي تي ايندڙ شخص پوليس کان خوف نه ڪري کيس عزت ملي جيڪو ان جو حق آهي جيستائين اهو آفيسر سانگهڙ ۾ هو پوليس عوام جي عزت ڪندي هئي هنگامي صورتحال ۾جاءِ واردات تي جلدي پهچي ويندي هئي پاڻ جڏهن ذڪر پوليس ۽ عوامي رابطن جو ڪيو آهي ته پوءِ انهن آفيسرن کي به وسارڻ نه کپي ته انهن جي ڊيوٽي دوران عوام سان وڏو ڳانڍاپو رهيو گرمي جي ڏينهن دوران ايئر ڪنڊيشنڊ واريون عاليشان آفيسون ڇڏي کليل ڪچهريون لڳائي عوام جو درد ٻڌندا هئا ڊاڪٽر مير شيخ ولي ا· دل عبدالخالق شيخ جڏهن سانگهڙ ۾ ڊي پي او هئا ته ٻاهر شاميان لڳائي روزانو کليل ڪچهريون ٻڌي چور جي هجي يا وري زمين جي قبضي جي يا وري پوليس واري جي ڇو نه هجي اهڙو ڳانڍاپو رکڻ سان امن امان ڪافي بهتر هو ۽ پوليس هروڀرو ڪنهن وڏيري جي ڪمداري ڪونه ڪندي هئي.

    عوام جو درد محسوس ڪندڙ اهڙا آفيسر جڏهن بدلي ٿي وڃن ته ان ضلعي ۾ٻائيتال مچي ٿو وڃي عوام روڊن تي اچي ٿو وڃي.پر اهڙا آفيسر وري سياسي ڀوتارن کي پسند ناهن هوندا ڇو جو جهنگ جي قانون ۾عوام جي ڪير ٻڌندو. اسان وٽ سياسي ڀوتار ۽ وڏيرو هلندي پڄندي وارا آهن آئين ۾ ڄاڻايل حقن جي پاسداري نه ٿي ٿئي ته انهن ۾ به سياسي ڀوتار ۽ وڏيري جو وڏو ڪردار آهي انهن ماڻهن جو جيڪڏهن پوليس جي ڊڪشنري مان نالو ڪڍي ڇڏيو ته پوءِ انهن جي ڪابه حيثيت ڪونهي پوليس جون بدليو ن مقرريون به جيڪڏهن انهن جي رحم و ڪرم تي هجن ته امن ڌوڙ ٿيندو حقيقت جو پڙدو کڻڻ سان ئي تبديليون اينديون آهن ته پوءِ ڇو نه پڙدو کڻجي ،جڏهن ڪردار ڀلو هوندو ته سڀ ڪو ساراهه ڪندو پوليس ۾ سڀ خراب ڪونهن پر گهڻائي وارو ڀاڱو به سندن حصي ۾ ڪونه ٿو اچي جيڪڏهن ائين هجي ته پوءِ سنڌ مان ڪنهن جو پيءُ، پٽ، ڀاءُ اغوا نه ٿئي ايڏي دليري سان ڪنهن جي ڦر يا ڌاڙو نه لڳي ته پوءِ پاڻ ڇو نه انهن حقيقتن جو پڙدو رکون جن جو پاڻ ذڪر ضروري سمجهون ٿا ڳالهه ته پاڻ ان پوليس آفيسر جي ڪرڻ ضروري سمجهون ٿا جنهن جڏهن ضلعي جي ڪمانڊ سنڀالي ته کيس ڪجهه ڏينهن ۾ هڪ لسٽ پيش ڪئي وئي ان لسٽ ۾ تيل چوري ڪندڙ چورن جي نالن کان وٺي موٽرسائيڪل ڦورن تائين چند ڏوهاري هجن جڏهن بدلي ٿيو ته ذڪر ڪنهن ڳالهه تان ڇڙيون، پوءِ چيوسين ته سائين آخر انهن ماڻهن کي پڪڙيو ڇو نه ٿا چيائين ابا پڪڙيون ته وڏو ممڻ مچي ويندو پاڻ کان اهي زور آهن پنهنجو جيڪو نصيب هو پاڻ هتي کاڌوسين هاڻ وري ٻئي ضلعي جو داڻو پاڻي لکيل آهي اڄ ڪلهه نوڪريون به سياسي ڀوتارن وٽ ته مقرريون ۽ بدليون به اهي ڪرائين ۽ اسان به انهن جا، اچون به انهن جي مرضي سان ته پوءِ اسان انهن سان ڇو ڦٽايون ڳالهه ته ان آفيسر به صحيح ڪئي. ان جي انهن جملن مان گهڻيون ئي معنائون نڪرن ٿيون ۽ اهي حقيقتون هجڻ سان ئي مسئلا جنم وٺندا آهن امن امان به خراب ائين ئي ٿئي ٿو گهڻا آفيسر اهڙيون ڳالهيون ناهن ڪندا ها معاملا گهڻي هجڻ سبب ان مڙئي ڳالهه ڪڍي ڇڏي.

    جڏهن اهڙيون حقيقتون سامهون اچن ته پوءِ ڇا ڪجي ڇا جنهن خرابي واري رفتار سان هي سماج هلي رهيو آهي ان کي ائين ئي هلڻ ڏجي ڏيا وري پاڻ به ان حصيداري ۾ شامل ٿي وڃون، جيڪڏهن پاڻ کي حصيدار ٿيڻو آهي ته پوءِ خرابي طرف ڇو وڃون پاڻ پنهنجي عقل ۽ فڪر جي حساب سان هڪ تبديلي ڇو نه آڻيون هي جيڪو ڪجهه ٿئي پيو ڇا اهو سڀ صحيح آهي. مڃون ٿا هن سماج ۾ خرابيون آهن ته پوءِ انهن کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن قدرت توهان کي موقعو ڏئي ته پوءِ ڇا اهو موقعو ضايع ڪندا، هرگز نا!! ضروري ناهي ته توهان اهو سڀ ڪجهه ڪيو جيڪو توهان جي وس ۾ ئي ناهي، پر اهو ضرور ڪيو جيڪو توهان کي ڪرڻ کپي، هميشه هڪ سٺي سوچ انقلاب آڻيندي آهي ائين ڪرڻ سان اسان تبديلي طرف وڌي سگهون ٿا ۽ تبديلي اسان جو حق آهي ۽آئين به اسان کي اجازت ڏئي ٿو ته پاڻ هاڻ سياسي ڀوتارن ۽ وڏيرن کي گهڻو ڪجهه خوش ڪيون سين هاڻ سٺي انسان جي تلاش ڪرڻ ضروري آهي پنهنجا وڏڙا انهن وڏيرن جي اوطاقن تي ويٺا هوندا هئا پر هاڻ وقت گذرڻ سان انهن وڏيرن جي اوطاقن تي رش ڪونهي، اها به هڪ تبديلي آهي امن امان جي رفتار جيڪا توهان ۽ اسان ڏسون پيا اها جيڪڏهن ائين ئي هلندي آئي ته ايندڙ نسل اسان کي ڪڏهن به بخش نه ڪندو اڌ صدي کان مٿي عرصو ملڪ کي آزاد ٿيندي گذريو آهي پر پاڻ ڪوبه بهتر ادارو ٺاهي ناهيون سگهيا جتان انصاف ملي سگهي هاڻ انهن حڪمرانن کي به سوچڻ گهرجي ته هن خدائي مخلوقات تي رحم ڪن عوام ڪرپشن کان پا ڪ معاشرو ٿو گهري، امن امان ٿو گهري پوليس کي سياست مان ڌار ڪرڻ سان ڪافي برايون ختم ٿي وينديون ان هڪ ڏينهن جي وزيراعليٰ ٿيڻ واري فلم جيان توهان تي به فرض عائد ٿئي ٿو ته توهان تبديلي آڻيو.
     
  2. mاعلي جواد

    mاعلي جواد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 مارچ 2011
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌ ۾ امن جي صورتحال ۽ پوليس جو ڪردار

    تمام سهڻو ليک آهي

    ادا ڪتاب جو حوالو ضرور ڏيندا ڪيو
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌ ۾ امن جي صورتحال ۽ پوليس جو ڪردار

    سائين تمام بهترين .​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو