ڪٿي آهي منهنجي منزل سائين ڪٿي منهنجو ماڳ رات انڌيري ويل ايري چنڊ ستارا منهنجا ويري ڪڏهن اچي مون سان مل سائين پلي پيو آ ڀاڳ، ڪٿي آهي منهنجي منزل سائين ڪٿي منهنجو ماڳ ويهه ونجهه هٿان مان ڪيسين لهرن ساڻ لڙان مان ڪيسين، سمجهي نه ڪوئي ساحل سائين سامهون سمنڊ اجهاڳ ڪٿي آهي منهنجي منزل سائين ڪٿي منهنجو ماڳ ساٿ انهيءَ جو سنگ انهي جو نينهن انهي جو ننگ انهي جو ڳولا آ شامل سائين، مون سان منهنجو راڳ ڪٿي آ منهنجي منزل سائين ڪٿي آ منهنجو ماڳ. (شيخ اياز)
جواب: ُُُ( شاعري شيخ اياز ) ادا تمام سٺو۔ شيخ اياز جو سنڌ ۾ تمام سٺو ڪم ٿيل آهي ان کي بيان ڪرن اسان جو فرض آهي