گهر شماري ۽ آدم شماري لاءِ سنڌين کي ڪجهه صلاحون

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏21 مارچ 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    گهر شماري ۽ آدم شماري لاءِ سنڌين کي ڪجهه صلاحون​

    بشڪريه عوامي آواز
    سڀ کان پهريان هر شهر، هر ڳوٺ، هر واهڻ وستيءَ ۾ سڄاڻ نوجوانن تي مشتمل ڪميٽيون ٺاهيو جيڪي پاڻ عملي وارن سان گڏجي گهر شماري ۽ آدم شماري ڪرائين.اهي علائقا جيڪي مها ٻوڏ هيٺ هئا ۽ آهن، اتي ڪوشش ڪئي وڃي ته ڪو به گهر ۽ فرد گهر شماري ۽ آدم شماريءَ کان وانجهيل نه رهي، هنن علائقن جهڙوڪ ڪوهستان، ڪاڇو، ننگر پارڪر، جوهي، دادو، لاڙڪاڻو، وارهه، جيڪب آباد وغيرهه جهڙن علائقن تي خاص اک رکي وڃي.لکين لاڏائو گهرن جا پکا ۽ تنبو پڻ شماريات جي انگن اکرن ۾ ڳڻيا ۽ ڳڻايا وڃن، انهن ۾ ٻوڏ متاثرين جيڪي روڊن ۽ رستن ڀرسان ڪيمپن ۾ قيد آهن انهن کي پڻ پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ لکايو ۽ ڳڻايو وڃي.هر اهو ماڻهو جيڪو شادي شده آهي انهيءَ جو الڳ گهر لکيو وڃي، پوءِ ڀلي هو هڪ ويڙهي ۾ گڏ ئي ڇو نه رهندو هجي.ٻوليءَ واري خاني ۾ پنهنجي ٻولي صرف ۽ صرف ”سنڌي“ لکرايو، پوءِ ڀلي اهو ماڻهو سرائڪي، بروهي، بلوچي يا ٻي ڪا ٻولي گهر ۾ ڳالهائيندڙ هجي.آدم شماريءَ ۾ بيشڪ هڪ ڏينهن جو ڄاول ٻار ئي ڇو نه هجي، انهيءَ کي ڳڻپ ۾ شامل ڪيو وڃي.ٻهراڙين ۽ شهرن ۾ ”عورتن“ جي تعداد کي برابر لکرايو وڃي ته جيئن ڪا به عورت يا ڇوڪري ڳڻپ کان رهجي نه وڃي، جنهن کي اڪثر ماڻهو لکرائڻ پسند ئي ناهن ڪندا.پنهنجن پنهنجن علائقن جي باقائدي چوڪسي ڪندا رهجو، ڪٿي ايئن نه ٿئي ته ڪو ڌاريون ڪنهن به صورت ۾ آدم شماريءَ ۾ نالو لکرائي سنڌين جي حق تي ڌاڙو نه هڻي، گهڻائي ظاهر ڪري اتان جون صوبائي ۽ قومي سيٽون کٽي مالڪ بڻجي وڃن.ڪراچي جي پسگردائي ۾ رهندڙ سنڌين جي گهر شماري ۽ آدم شماري تي خاص ڌيان ڏنو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو