• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شاعري جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي سنڌ سميت سڄي دنيا جي سنڌي شاعرن کي سلام

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄ 21 مارچ سڄي دنيا ۾ شاعريء جي عالمي ڏينهن طور ملهايو پيو وڃي۔ سنڌ سلامت سميت سموري دنيا جي سنڌي ۽ ٻين ٻولين جي شاعرن کي سلام۔


189613_1919040613933_3627989_n.jpg


ان موقعي تي شيخ اياز جي شاعريء جي ڪتاب ”ڪونجون ڪرڪن روح تي“ مان چونڊ شاعري ونڊ ڪجي ٿي۔


متان چئين شاعري، ”ڪو نه نڀايو تو“
پوئينءَ گهڙيءَ جو تنهنجا ڳل ڇُهي ڏٺا.

اڄ تائين اَلهام جئن پيو شعر اَچي،
جِيئين مورُ نچي ڪارونجهر جي ڪورَ تي.

ساري عمر چئن آ ڪو نه ڏٺو آئون،
لائون ڏنائون مونکي توسان شاعري.

ننڊ اچي به ته ڪيئن، ٿي ڌونڌاڙي شاعري،
چوي پئي هيئن ” لک، اڃا لکڻو اٿئي.“

هو جيڪي سُرخاب اُڏرن پيا آب تي،
ايئين منهنجا خواب توکان مٿي شاعري.

رستو اَؤکو شاعري، ورتو آهي تو،
پرتو آهي تو جيڪي هن جنسار ۾.

منهنجي لاءِ نجات تون ئي آهين شاعري،
سارِي رات جيڪا مون جاڳي لکي.

ميان تنهنجي شاعري اَجرڪ تي ڇاپو،
تون منهنجو آپو سمجهي سگهندين ڪي نه ڪي.

پاڻ وهيڻي ڪا نه آهه هي جا منهنجي ڏات،
مون کي آڌيءَ رات لِکائين ٿو تون ميان!

جيئين ڪرڻا چنڊ جا، سِٽون آڻين تون،
تن کي ماڻين تون، ايڏيءَ اوندهه ۾ پڙهي.

اڃا اڱر رکَ ٿي اُجهاڻا ناهن،
چڻنگن جئن آهن سٽون اڃا ساهه ۾.


 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
جواب: شاعري جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي سنڌ سميت سڄي دنيا جي سنڌي شاعرن کي سلام

سنڌ دوست شاعرن کي عقيدت ڀريو سلام ۔۔۔

شاعري به انساني ڏات ۾ تمام اوچي ڏات آهي، جنهن ۾ انسان پنهنجن جذبن جو اظهار اهڙي ته سهڻي انداز سان ڪري ٿو جو ٻڌندڙ يا پڙهندڙ ائين سمجهندو آهي ته سندس جي جذبات جي ترجماني ٿيل آهي ۔۔۔

شاعري انسان جي عظمت ۽ ادارڪ کي به ظاهر ڪندي آهي ته انسان جي پستي ۽ تنزلي به ظاهر ڪري ٿي ۔۔۔ شاعري انسان جي پيار کي به ظاهر ڪري ته انسان جي نفرت کي به، مطلب ته شاعري انساني اظهار جو تمام ڪارائتو اوزار آهي ۔۔۔

سنڌ جي سڀني شاعرن جن سنڌ جي سماج ۾ چڱائي ۽ قومي جذبي کي اڀارڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي، اسانجو انهن شاعرن کي سلام ۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: شاعري جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي سنڌ سميت سڄي دنيا جي سنڌي شاعرن کي سلام

متان چئين شاعري، ”ڪو نه نڀايو تو“
پوئينءَ گهڙيءَ جو تنهنجا ڳل ڇُهي ڏٺا.

اڄ تائين اَلهام جئن پيو شعر اَچي،
جِيئين مورُ نچي ڪارونجهر جي ڪورَ تي.

ساري عمر چئن آ ڪو نه ڏٺو آئون،
لائون ڏنائون مونکي توسان شاعري.

ننڊ اچي به ته ڪيئن، ٿي ڌونڌاڙي شاعري،
چوي پئي هيئن ” لک، اڃا لکڻو اٿئي.“

هو جيڪي سُرخاب اُڏرن پيا آب تي،
ايئين منهنجا خواب توکان مٿي شاعري.

رستو اَؤکو شاعري، ورتو آهي تو،
پرتو آهي تو جيڪي هن جنسار ۾.

منهنجي لاءِ نجات تون ئي آهين شاعري،
سارِي رات جيڪا مون جاڳي لکي.

ميان تنهنجي شاعري اَجرڪ تي ڇاپو،
تون منهنجو آپو سمجهي سگهندين ڪي نه ڪي.

پاڻ وهيڻي ڪا نه آهه هي جا منهنجي ڏات،
مون کي آڌيءَ رات لِکائين ٿو تون ميان!

جيئين ڪرڻا چنڊ جا، سِٽون آڻين تون،
تن کي ماڻين تون، ايڏيءَ اوندهه ۾ پڙهي.

اڃا اڱر رکَ ٿي اُجهاڻا ناهن،
چڻنگن جئن آهن سٽون اڃا ساهه ۾.




ادا مهرباني مونکي خبر ڪان هئي ته اڃ شاعريء جو عالمي ڏينهن آ، سنڌ جي سڀني شاعرن کي مهنجي طرفان به کوڙ ساريون واڌايون

شاعرن جو شاعر ته شاهه سائين آهي

اسان جي پسند آهي استاد بخاري جنهن جو چوڻ هو ته عشق م مشهوري به هڪ ڪمائي آهي، جنهنجو ڪو ملهه ڪون آهي


هي مشهوري هي بدنامي، جيون جي ڪمائي آ جاني،
گمنام هيم،گمنام رهان، بس مون وٽ منهنجو مور ڇڏيو۔

يا پهچي ڇيرون ڇم ڇم ڏيو، يا وڇڙي واڪا ، ماتم ڏيو!
ڪا ياد بخاري ساڻ رهي يا سور ڏيو يا سرور ڏيو۔
بخاري

شيخ اياز جي لاجوب شاعري ونڊ ڪئي اٿو
 
جواب: شاعري جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي سنڌ سميت سڄي دنيا جي سنڌي شاعرن کي سلام

^:)^ سنڌ جي سڀني شاعرن کي مهنجي طرفان به کوڙ ساريون واڌايون ^:)^


ڀٽائي گهوٽ سنڌڙي آ ، قلندر لعل سنڌڙي آ۔۔۔
اديبن ۽‌ قلمڪارن سندو پنڊال سنڌڙي آ
علم جي دولتن سان سنڌ مالا مال آيارو
تنهنجو نعرو منهنجو نعرو سلامت سنڌ جو نعرو






ادا سليمان وسان صاحب ذهن نشين ڪرائڻ جي مهرباني...






۔۔
 
جواب: شاعري جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي سنڌ سميت سڄي دنيا جي سنڌي شاعرن کي سلام

هي ڀريل پنڊال تو سوا خالي آ
هي محفل ۽ موسيقيون تو سوا خالي آ
نه چاهيند به تنهنجو انتظار ڪندا رهياسين
رات جي پونئين پهر ۾ هي سنگت تو سوا خالي آ

ادا وساڻ مونکي خبر نه هئي ته 21 مارچ شاعري جو ڏينهن آهي. ادا توهانجي وڏي مهرباني جو اهڙن ڏينهن کان اسانکي آگاه ڪندا اچوٿا
 
جواب: شاعري جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي سنڌ سميت سڄي دنيا جي سنڌي شاعرن کي سلام

سڀني شاعرن کي ۽ سنڌ سلامت جي شاعرن کي مون پاران محبت ڀريو سلام

سدائين گڏ
 
جواب: شاعري جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي سنڌ سميت سڄي دنيا جي سنڌي شاعرن کي سلام

ننڊ اچي به ته ڪيئن، ٿي ڌونڌاڙي شاعري،
چوي پئي هيئن ” لک، اڃا لکڻو اٿئي.“

شيخ اياز


اڄ وري 21 مارچ، شاعريء جو عالمي ڏينهن۔

سنڌ جي سڀني شاعرن کي سلام
 
جواب: شاعري جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي سنڌ سميت سڄي دنيا جي سنڌي شاعرن کي سلام

هڪ دفعو ٻيهر

پاڻکي ته هر ڏينهن شاعرن جو ڏينهن لڳندو آهي پر جي اوهان چئو ٿا ته وري به عجيب مخلوق شاعرن کي اچوڪي ڏينهن تي اسان جا به قرب، پيار، پپيون قبول پون ...

شاعري، لطيف احساسن جي اظهار جو نالو آهي ۽ ڪي ڪي اظهار ايترا ته اثرائتا هوندا آهن جو بس دل ۾ گهري وڃي ڪات ڪهاڙا هلائيندا آهن.

لطيف سرڪار کي پڙهڻ کانپوءِ سمجهه ۾ اچي ٿو ته شاعري ڪيتري پر اثر ٿئي ٿي. لطيف جو هرهڪ بيت هرهڪ لفظ هزارن احساسن جو ترجمان هجي ٿو.

سلام دنيا ۽ خاص ڪري سنڌ جي سچن، سورهيه ۽ محبتي شاعرن کي ...
 
جواب: شاعري جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي سنڌ سميت سڄي دنيا جي سنڌي شاعرن کي سلام

ادا سليمان وساڻ صاحب اسلام عليڪم۔اسان به شاعرن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي انهن کي دل جي گهراين سان مبارڪ ڏيون ٿا۔اسان به مٺڙي ۽ ڏاهي سائين نثار ابڙو جي هيٺين خيالن سان متفق آهيون۔


شاعري، لطيف احساسن جي اظهار جو نالو آهي ۽ ڪي ڪي اظهار ايترا ته اثرائتا هوندا آهن جو بس دل ۾ گهري وڃي ڪات ڪهاڙا هلائيندا آهن.

لطيف سرڪار کي پڙهڻ کانپوءِ سمجهه ۾ اچي ٿو ته شاعري ڪيتري پر اثر ٿئي ٿي. لطيف جو هرهڪ بيت هرهڪ لفظ هزارن احساسن جو ترجمان هجي ٿو.
 
شاعري جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي سنڌ سميت سڄي دنيا جي سنڌي شاعرن کي سلام
_____

اڄ شاعريءَ جو عالمي ڏينهن آهي. مان شاعري ڪري ڪونه سگهيو آهيان ۽ نه ئي ڪري سگهندس، ڇو ته مان شاعر ناهيان. پر شاعري گهڻي پڙهي آهي ۽ ٻڌي آهي. مان اڪثر شاعرن جي تخليقن تي حيران ٿي ويندو آهيان ته هي ڪيئن ٿا اسان جي دلين جو راز ڄاڻن. سندن شاعري ڄڻ ته اسان جي احساسن جي ترجمان هجي ٿي. ڪنهن چيو شاعري وڇوڙي جو ورلاپ آهي! محبت جو آلاپ آهي! پيار جو پويتر احساس آهي! شاعري آتما جو آواز آهي! شاعري روح جو راڳ آهي! ڌرتي جي سونهن آهي! وُٺي جو واءُ آهي! ساجن جي سڪ ۽ وطن جي ڇڪ آهي! شاعري ڪوي جي دل درياءِ مان نروار ٿيل سچ جو آب آهي! شاعري مظلوم جو لڙڪ ۽ بندياڻي جو ٻُڙڪ آهي! شاعري مور جي اکڙين مان ڪريل آنسو برابر آهي، جيڪو ڊيل جي پيٽان وري وجود وٺي ڌرتيءَ تي ٽهوڪا ڪري ٿو! شاعري شاعر جي احساساتي حُسن جو پوپٽ آهي! شاعري سِتمن هٿان ستايل سريرن جو سڏ آهي! شاعري ساجن جي سِنهيرڙن هٿڙن جي اُها ريکا آهي جنهن ۾ عاشقي جي الستي لکيل آهي!

شاعريء جي عالمي ڏينهن تي سڀني سنڌي شاعرن ۽ دنيا جي سڀني ٻولين جي شاعرن کي عقيدت ڀريو سلام پيش ڪيان ٿو. ڪجهه شاعريء بابت خيال دوستن سان ونڊ ڪرڻ چاهيندس.

شاعر هڪ انسان آهي. جيڪو انسانن سان ڳالهائي ٿو، جنهن کي عام ماڻهن کان وڌيڪ شعور، جوش ۽ نازڪ احساس مليل آهن. سندس روح وسيع آهي، هن جو جذبو ٻين کان وڌيڪ لطف حاصل ڪري ٿو ۽ چاهي ٿو ته سڄي ڪائنات به انهن جذبن ۽ امنگن سان ٽمٽار هجي. (وليم ورڊس ورٿ)

شاعري قدرت جي حقيقت جي ترجماني ڪري ٿي منهنجي نظر ۾ شاعري قدرتي ڏات آهي، جيڪو هرهڪ ماڻهو نٿو ڪري سگهي. (سيد مرتضى ڏاڏاهي)

ڪوبه شاعر ڪڏهن به زور مس سان قلم کڻي تيستائين ڪجهه به لکي نٿو سگهي، جيستائين سندس دل محبت جي ٿڌا ساهه کڻڻ واري مس سان ملي نرم نه ٿي آهي. (شيڪسپيئر)

شاعري درد ۽ پيڙا جي پيٽ ڄائي آهي، هر اهو شخص جيڪو ڀوڳي ٿو ۽ درد سهي ٿو سو شاعر آهي هن جو هر هڪ لڙڪ هڪ شعر ۽ هر دک هڪ نظم آهي. (مائيڪ آندري)

شاعري انسان جي ذهن ۾ پيدا ٿيل پيڙا جو نالو آهي، شاعري حق ۽ سچ جو آواز آهي، شاعري مظلوم قومن جو ڏاج آهي، شاعري بس تاريخ جي گذريل باب هلندڙ وقت ۽ ايندڙ اوندهي طوفان سان ٽڪر کائڻ جو نالو آهي. (افضل قادري)

شاعر اهو آهي، جنهن جي سخن مان سچ، سونهن ۽ سچائي جون وصفون باڪمال طور بکن جنهن جي اندر مان، شعر اڌمو کائي نڪري ۽ جبل جي جهرڻي جيان اڇلون ڏيئي اُڀري پوي. (شمس العلماءَ ڊاڪٽر داؤد پوٽو)

شاعر، معاشري جو بيباڪ نقاد آهي هو اهڙي ته خوبصورتي سان سڀ ڪجهه ادا ڪري ويندو آهي جو پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن ۾ ذهني هلچل مچائي ڇڏيندو آهي، نڪته چيني ڪندي پنهنجو پاڻ مان به نه گسندو آهي. (مخدوم طالب الموليٰ)

جڏهن ڪنهن شاعر جو جذبو ۽ ان جو فن، ٻئي يڪسان پرخلوص ۽ سچا هجن ته اهوئي خلوص ۽ سچائي، ڪنهن شاعر جون امتيازي خصوصيتون آهن. (فيض احمد فيض)

شاعري، فن نه بلڪ فڪر جو نالو آهي، اهو فڪر جنهن کي نه ته توري سگهجي ٿو ۽ نه ان جو ملهه ڪٿي سگهجي ٿو. شاعري ڪبي ناهي، ٿي پوندي آهي، ڇو ته شاعري اندر جي آواز تي لبيڪ چوڻ جو نالو آهي. (عبدالرحمان)

شاعري پيغمبريءَ جو هڪ حصو آهي، پر جاهلن پنهنجي خر دماغيءَ سبب ان کي ڪفر ڪري ڄاتو آهي. (مولانا رومي رحه)

شاعر، بلبل جي مثال آهي، جيڪا انڌيري ۾ ويهي پنهنجي اڪيلائپ کي ريجهائڻ خاطر مٺڙا ٻول ٻوليندي آهي. (سيلي)

هر اهو ماڻهو شاعر ٿي پوندو آهي، جنهن کي عشق جي چوٽ لڳندي آهي. (افلاطون)

شاعر دنيا جي هر معاشري جي اهم ۽ ذميدار شخصيت هوندو آهي، سندس شخصيت معاشري ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، دنيا جا گهڻا انقلاب شاعرن جي زبان مان نڪتل شعر جي ڄڀن مان جنم وٺندا آهن، قومن ۾ سجاڳي ۽ غيرت پيدا ڪرڻ جا ذميوار به شاعر ئي آهن. (تهمينه مفتي)

دولت رام کتري لکي ٿو :

ادب جي دنيا ۾ شاعري هڪ اهڙو فن آهي، جيڪو انسان جي سڀ کان عظيم ”تخليق“ تصور ڪيو وڃي ٿو. شاعري رڳو لفظن جي سٽاءُ جو نالو ناهي، پر شاعري دل جو آواز آهي، سجاڳي جو پيغام آهي، پنهنجي دل جي آواز کي سماجي حالتن کي اظهارڻ ۽ انهن کي لفظن جي مالا ۾ پروڙڻ جو ٻيو نالو ”شاعري“ آهي. شاعر معاشري جو حساس ذهن رکندڙ ڪردار هجي ٿو، تنهنڪري فطرتي طور هو سماج ۾ ٿيندڙ ڀڃ ڊاهه ۽ تضادن تي گهرائي سان سوچي ٿو ۽ سماج ۾ ٿيندڙ تبديلين کي پنهنجي شاعري جو موضوع بڻائي ٿو. شاعر قومن جا سفير هجن ٿا جيڪي پنهنجي قومن جي بقا جي جنگ وڙهن ٿا، پنهنجي تاريخي ورثن ۽ تهذيبن مورچن کي بچائڻ ۾ هڪ شاعر پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.
 
Back
Top