جاويد نواز
سينيئر رڪن
غزل
منهنجي چاهت وساري ڇا ٿو ملئي
مون کي ايڏو روئاري ڇا ٿو ملئي
گهاريون گڏجي پڇاڙي جون گهڙيون
مون کان هيکل گذاري ڇا ٿو ملئي
ڇڏ ته ڀونئرو وٺي گلن جو مزو
مزو ڀونئري جو ماري ڇا ٿو ملئي
پنهنجي نيڻن جا مُرڪندڙ موتي
ائين ڳلڙن تي هاري ڇا ٿو ملئي
عشق کي ڇڏ ته پئي وڃي کڏ ۾
عشق کي ايڏو ساري ڇا ٿو ملئي
آکنڊ کير ٻئي ٿيئون هاڻي
کير مٺڙي کي کاري ڇا ٿو ملئي
عشق ظالم اهيو ٻڏل آ چڱو
عشق ظالم کي تاري ڇا ٿو ملئي
منهنجي محبت کان سَوَ دفعا زاري
چڻگ محبت جي ٻاري ڇا ٿو ملئي
جاويد نواز
دعائن ۾ ياد
منهنجي چاهت وساري ڇا ٿو ملئي
مون کي ايڏو روئاري ڇا ٿو ملئي
گهاريون گڏجي پڇاڙي جون گهڙيون
مون کان هيکل گذاري ڇا ٿو ملئي
ڇڏ ته ڀونئرو وٺي گلن جو مزو
مزو ڀونئري جو ماري ڇا ٿو ملئي
پنهنجي نيڻن جا مُرڪندڙ موتي
ائين ڳلڙن تي هاري ڇا ٿو ملئي
عشق کي ڇڏ ته پئي وڃي کڏ ۾
عشق کي ايڏو ساري ڇا ٿو ملئي
آکنڊ کير ٻئي ٿيئون هاڻي
کير مٺڙي کي کاري ڇا ٿو ملئي
عشق ظالم اهيو ٻڏل آ چڱو
عشق ظالم کي تاري ڇا ٿو ملئي
منهنجي محبت کان سَوَ دفعا زاري
چڻگ محبت جي ٻاري ڇا ٿو ملئي
جاويد نواز
دعائن ۾ ياد