سنڌ سان پيار ڪندڙ دوستن کي سلام مان آهيان ابرار حسين ميمڻ، منهنجي رهائش سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ آهي۔ منهنجي پيدائش ۽ اصل اباڻو شهر قنمبر اڳوڻو ضلع لاڙڪاڻو هاڻوڪو قنمبر شهدادڪوٽ۔ منهنجي سياسي وابستگي پاڪستان پيپلز پارٽي سان آهي (1966 کان ) ۽ سچل ڳوٺ ۾ سماجي ڪارڪن طور عملي ڪم ۾ مصروف آهيون۔ سنڌ سلامت بابت سليمان وساڻ ۽ فيس بوڪ تي گهڻين شيئرنگ سبب ڄاڻ ملي۔ اوهان جون انٽرنيٽ تي ٻوليء لاء تمام گهڻيون محنتون آهن
جواب: سنڌ سان پيار ڪندڙ دوستن کي سلام سائين محترم ابرار حسين و عليڪم السلام هن مثالي سنڌ دوست اوطاق تي ڀلي ڪري آيا سائين سليمان وساڻ هن اڱڻ جو هيرو آهي الله انهن جي قلم ۾ وڌيڪ اثر عطا ڪري جنهن اوهان جهڙن دوستن کي هن اوطاق تي آندو آهي اوهان جي علمي ۽ فڪري لکڻين جو انتظار رهندو
جواب: سنڌ سان پيار ڪندڙ دوستن کي سلام ادا ابرار صاحب اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد ٿا چئون ادا ابرار صاحب اسان کي اوهان جي نڪور لکڻين جو پڻانتظار رهندو سدائين گڏ
جواب: سنڌ سان پيار ڪندڙ دوستن کي سلام ادا ابرار صاحب اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد ٿا چئون مطلب ته سچل ڳوٺ جيڪا ڪراچي جي سنڌين جي هڪ مثالي وسندي آهي هاڻي سنڌ سلامت کي سڃاڻن لڳي آهي ان طرف لاڙو ڪرڻ لڳي آهي تمام بهترين ڳاله اهي اسان سنڌين کي اتي ضرور پهنجو ن ڪاوشون ڏيکارڻ گهرجن ادا ابرار اوهان کي ادي سيلمان وساڻ ان فورم بابت ٻڌايو اوهان قرب جا قدم ڀري آيا اوهان جا لک ٿورا ۽ ڪروڙين قرب جاني ادو سليمان وساڻ اسان جو دلبر ماڻهون آهي انشاء الله اوهان به اسان سان ادي سليمان وانگر هن فورم کي اڳتي وڌائڻ ۾ اسان جو ڀرپور ساٿ ڏيندا اوهان جي مهرباني ادا ۔۔۔ هڪ دفعو ٻيهر اوهان کي سنڌ سلامت جي اڱڻ تي خوش آمديد
جواب: سنڌ سان پيار ڪندڙ دوستن کي سلام محترم ابرار ميمڻ صاحب اوهان کي ڀليڪار محترم ابرار ميمڻ پيپلز پارٽيء جو پراڻو ڪارڪن ۽ هڪ تمام سٺو سماجي ورڪر آهي۔ پاڻ سدائين چڱن ڪمن ۾ دوستن سان گڏ هوندو آهي۔ سچل ڳوٺ کي سنوارڻ ۽ خاص ڪري سچل ڳوٺ جي ليز لاء سندس گهڻيون ڪاوشون رهيون ۽ گهٽيء گهٽيء وڃي سروي جي ڪم ۾ سرڪاري عملدارن سان گڏ رهيو. سنڌ سلامت جي سهڻي فورم ۾ شامل ٿيڻ تي خوشي ٿي۔ اميد ته اوهان پنهنجي خوبصورت لکڻين سان فورم کي سونهن بخشيندا رهندا۔
جواب: سنڌ سان پيار ڪندڙ دوستن کي سلام ادا ابرار ميمڻ اوهان کي هن محبتي فورم تي ڀليڪار اميد آهي ته اوهان کي فورم ضرور وڻيون هوندو ۔ اوهان جي لکڻين جو انتظار رهندو !!!
جواب: سنڌ سان پيار ڪندڙ دوستن کي سلام سنڌ دوست ۽ سنڌي ٻولي دوست جا سان غلام آهيون۔۔انهن جي جُتي جا ڪوڪا۔۔۔با هي سٿ صرف ۽ صرف سنڌين جي آهي۔۔۔۔۔ويلڪم ادا