• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پروفيسر محبوب علي چنه جي شخصيت ۽ عملي، ادبي خدمتون

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
پروفيسر محبوب علي چنه جي شخصيت ۽ عملي، ادبي خدمتون​

علي اصغر اوٺو
وادي مهراڻ جي هن سون ورني ڌرتي تي ڪيترائي قديم ۽ تاريخي شهر اڄ به موجود آهن. انهن قديم شهرن مان (سيوستان) سيوهڻ به هڪ اهم ۽ تاريخي حيثيت رکي ٿو. سيوهڻ شهر نه رڳو تاريخي شهر آهي پر ان سان گڏ علم ۽ ادب جو مرڪز پڻ رهيو احي. هي شهر ادبي ميدان ۾ هڪ خاص مقام رکي ٿو. هن شهر ڪيترائي علم ۽ ادب جا گوهر پيدا ڪيا آهن. انهن گوهرن مان مرحوم پروفيسر محبوب علي چنه به هڪ شخصيت ٿي گذريو آهي. پروفيسر محبوب علي چنه، محمد صالح چنه (پوسٽ ماسٽر) جي گهر ۾ تاريخ 12 مارچ 1922ع بمطابق 1341هجري ۾ جنم ورتو، محبوب علي چنه شروعاتي تعليم پنجين درجي تائين سيوهڻ ۾ پوري ڪئي، مئٽرڪ حيدرآباد هاءِ اسڪول (هاڻوڪي نور محمد هاءِ اسڪول) مان حاصل ڪئي. 1939ع ۾ مٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ هن ڊي جي نيشنل حيدرآباد ڪاليج ۾ (ايف واءِ اي) ۾ داخلا ورتي ۽ هاير سيڪينڊري ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. مالي جمبورين جي ڪري انٽر آرٽس کانپوءِ هو ڪجهه سالن لاءِ تعليم جاري ڪري نه سگهيو. 1944ع ۾ بي اي جا ٻه سال ڪراچي ۾ ڊي جي سنڏ ڪاليج ۾ مڪمل ڪيائين.1945ع ۾ بي اي جي امتحان ۾ سنڌ مان پهريون نمبر آيو. ان ڪري بمبئي يونيورسٽي طرفان کين اعزازي ڊڪسنا فيلو شپ مليو، پروفيسر محبوب علي چنه جون ڊبل ايم اي ٿيل هيون. هڪ فارسي جي مضمون ۾ ۽ ٻئي سنڌي مضمون ۾ 1947ع ۾ ايم اي سنڌي، سموري بمبئي پريزيڊنسي ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. جنهن جي نتيجي ۾ بمبئي يونيورسٽي طرفان کين گولڊ ميڊل مليو، ان وقت اهو اعزاز سيوهڻ ته ڇا پر پوري سنڌ لاءِ فخر جو باعث هو. سنڌ ڌرتي کي اهڙن فردن تي اڄ به ناز آهي. پروفيسر محبوب علي چنه ملازمت جي شروعات هڪ استاد جي حيثيت سان ڪيئ ۽ پنهنجي نوڪري جا فرائض ميونسپل هاءِ اسڪول سيوهڻ، سنڌ مردسته الاسلام ڪراچي ۽ اين جي وي هاءِ اسڪول ڪراچي ۾ ادا ڪيا. پاڻ جڏهن ڪراچي ۾ نوڪري جون خدمتون ڏيئي رهيو هو تنهن دور ۾ کين فوڊ کاتي ۾ (ڊپٽي ڪليڪٽر) جي عهدي لاءِ آڇ ٿي پر جيئن ته اپڻ درس و تدريس، تصنيف و تاليف سنا گهڻي دلچسپي رکندا هئا تنهن ڪري پاڻ ان انتظامي کاتي ڏانهن وڃڻ پسند نه ڪيائون ۽ تعليم کاتي کي وڌيڪ ترجيح ڏنائون. 1948ع ۾ بي ٽي پاس ڪرڻ کانپوءِ گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد ۾ به حيثيت (سنڌي ۽ فارسي) ۾ ليچرار طور مقرر ٿيو. اهڙي طرح سان سنڌ جي مختلف ڪاليجن، جهڙوڪ شاهه عبدالطيف گورنمينٽ ڪاليج ميرپورخاص، گورنمينٽ ڪاليج جيڪب آباد جامع عربيه ڪاليج حيدرآباد، گورنمينٽ ڪالجيج لطيف آباد، سچل سرمست آرٽس ڪاليج حيدرآباد، ڪجهه وقت لاءِ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج راولپنڊي ۾ سيڪينڊ شفت وائيس پرنسپال جي حيثت سان خدمتون سرانجام ڏنيون. ،،،،،ڪراچي ۾ گورنمينٽ ڪاليج آف ايجوڪيشن ڪراچي ۽ گورنمينٽ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ڪراچي ۾ پرنسپال رهيو. ،،،،،1951ع کان سروري اسلاميه ڪاليج هالا جا پهريان بنياد وجهندڙ پرنسپال هئا. چنه صاحب 1953ع کان 1954ع تائين هڪ سال ۾ ڪجهه مهينن لاءِ سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي ضعبي جا انچارج ريها. جتي ڊاڪٽرن غلام علي الانا، آپا شمس عباسي، دادي ليلان ۽ نوربانو جهڙن شاگردن کي پڙهايو، چنه صاحب اسلام آباد ۾ نيشنل بوڪ فائونڊيشن جا سيڪريٽري ۽ آخر ۾ نيشنل ڪميشن آف هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل ريسرچ گورنمينٽ آف پاڪستان اسلام آباد ۾ به سيڪريٽري ٿي رهيا جيئن ته پروفيسر محبوب علي چنه هڪ وڏو تعليمي ۽ ادبي ماهر هو. سندس علمي ۽ ادبي مرتبي کي نظر ۾ رکندي آمريڪي سرڪار کين 1961ع ۾ خاص دعوت تي آمريڪا گهرايو، جتي اسپيمشنلسٽ ورلڊ ٽوئر جي حيثيت ۾ لڳ ڀڳ پنجن مهينن لاءِ بطور ميسنجر ٿي رهيو. ،،،،،هن اتي ڪيترن علمي، ادبي ادارن جا دورا ڪيا ۽ اتي جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۽ بحث مباحصا ۽ سيمينار ڪرايا. واپسي ۾ اتان ڪيترائي ناياب ڪتاب آندائون. ،،،،،پروفيسر محبوب علي چنه هڪ محقق، علام اديب، شاعر، مؤرخ، مقرر، تاريخدان ۽ تعليمدان طور ڪيترن ئي ادبي تاريخي، ثقافتي سوسائٽين جو ميمبر ۽ سرواڻ رهيو. جهڙوڪ، بزم شهباز سيوهڻ، بزم سچل ۽ سرواڻ رهيو. جهڙو بزم شهباز سيوهڻ، بزم سچل، بزم سروري، انجمن فروغ ادب هالا، ماهوار فردوس، بزم طالب الموليٰ وغيره. انجمن فروغ ادب هالا ۾ بحيثيت نگران اعليٰ پاڻ نون ۽ سکڙاٽ اديبن ۽ ليکڪن کي ادبي ۽ ثقافتي، سماجي خدمتن لاءِ تربيت ڏيندا رهيا. ،،،جن مان ڪيترائي مايه ناز اديب تربيت وٺي اڄ سنڌ جي ادبي ۽ ثقافتي سرمايه جو هڪ اهم حصو بنجي چڪا آهن. ،،،،جن ۾ ڊاڪٽر سليمان شيخ، الطاف شيخ، انور هالائي، عبدالغفار ابڙو، جمال الدين ميراڻي، هدايت الله ميمڻ، يوسف ابڙو، احمد علي قريشي وغيره. ،،،سندس ٻه ڪتاب مشهور آهن. ،،،،،،،،،هڪ” اسلامي تاريخ جو مطالعو“ ،،،،،،ٻيو ” هڪ شخصيت ٻه پهلو“ ،،،،،،هي ٻئي ڪتاب سندس ئي قائم ڪيل اداري ”اداره صالح سيريز“ ڇپائي پڌرا ڪيا. سندس لکيل ڪتاب” سنڌي ادب جا مختلف رجحانات“ جيڪو (سنڌي اردو ۽ انگريزي) ۾ لکيل آهي. انهي کان علاوه شاعري بابت به سندس ڪتاب قابل ذڪر آهن.پاڻ سنڌ جي صوفي بزرگن، شاعرن سان بي انتها محبت ۽ عقيدت هوندي هئي. هالا جي بزرگ مخدوم نوح رح جو شيدائي هو، جنهن جي ڪري مخدوم نوح سرور جي زندگي ۽ سندس همعصرن متعلق هڪ ڪتاب ”مخدوم نوح سرور رح جا سهيوڳي“ لکيائين.سندس مقابلو سنڌي ادبي بورڊ طرفان ٽماهي مهراڻ رسالي ۾ 1964ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان چپائي پڌرو ڪيو ويو. کين قلندر شهباز سان به تمام گهڻي عقيدت هئي. قلندر لال شهباز جي سالياني عرس جي حوالي سان ادبي ڪانفرنسون ڪوٺائڻ ۽ سووينئر ڇپائڻ ۾ به سندن ئي وڏو هٿ هوندو هو. حضرت قلندر لال شهباز جي جي عرس مباڪ تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنسن جا چنه صاحب خود ڪنوينر هوندا هئا. سندن مرتب ڏنل ڪتابن ۾ سيوهاڻي بادشاهه، ضياءُالقلندر، ضياءُ الشهباز، سردار قلندر، سنڌڙي جو شهباز، قلندر نامو سنڌي، قطب قلندر ۽ گلزار قلندر شامل آهن. سروري خاندان جي بزرگ ”مخدوم امين محمد عرف پکن ڌڻي جو ڪلام” لڪيات امين“ جي نالي سان ترتيب ڏنائون، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ وارن 1966ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي چيل بيتن ڪافين ۽ سنڌي اردو ۽ فارسي غزلن جو مجموعو ”ڪچڪول طالب الموليٰ“ جي عنوان سان ترتيب ڏنائون. هي ڪتاب سندس ئي ڪوششن سان بزم سروري هالا طرفان 1955ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. ان کان علاوه راضي فقير جي خيالن جو مرقع ڪنز قادري جي نالي سان ترتيب ڏنائون. جيڪو اڻ ڇپيل آهي. آثار قديمه بابت به سندن گهڻو ئي لاڙو رهيو. پاڻ مڪلي جي قبرستان تي تحقيق ڪري رهيا هئا، مڪلي ٽڪري جي حوالي سان سندن هڪ تحقيقي ڪتاب ”مڪلي ٽڪري جو سير“ جي عنوان سان لکيل آهي. پاڻ شاعري ۾ خاص ڪري مرثيه ۽ نعت تي لکيائون. نعت شريف جو هڪ مثال هيٺ پيش ڪجي ٿو: محبوب سندءِ ميخانه ۾ مئي خوار گهڻا مستانه گهڻا،،،مئي باقي ج يخمخانه مان لبريز ٿيا پيمانه گهڻا پاڻ پُرخلوص، محبت، نهٺائي، نماڻائي، سچائي ۽ نيڪ نيتي خوش خلقي ۽ انسان دوستي، سندن مزاج ۽ فطرت جون خوبيون ۽ خصوصيتون هيون. اهڙي طرح ان پروفيسر محبوب علي چنه سعودي عرب ۾ حج ڪرڻ کانپوءِ اوچتو بيمار ٿي پيا ۽ اتي تاريخ 24 نومبر تي وفات ڪري ويا ۽ مڪي جي مشهور قبرستان جنت المعليٰ ۾ مدفن آهن. بشڪريه عبرت
 
جواب: پروفيسر محبوب علي چنه جي شخصيت ۽ عملي، ادبي خدمتون

هميشه جيان سنڌي شخصيتن تي اوهان جي ونڊ لاجواب آهي ۔

ول ڊن ، جاري رکندا اچو ،
 
Back
Top