حاجي غلام شبير ڪليار

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏22 مارچ 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    عوام کي انصاف ڏياريندڙ ايماندار پوليس آفيسر
    حاجي غلام شبير ڪليار​


    پرويز ڪليار

    سنڌ ڌرتيءَ اهڙن املهه ماڻڪ شخصيتن کي جنم ڏنو آهي. انهن املهه ماڻڪ شخصيتن هميشه عوام کي انصاف ڏياريو آهي. اهڙين شخصيتن ۾ ايماندار پوليس آفيسر حاجي غلام شبير ڪليار مرحوم جو نالو به تاريخ ۾ امر نانءُ لکيل آهي. حاجي غلام شبير ڪليار ضلع نوشهرو فيروز جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ٻنڊي اتل شاهه ۾ 1926ع ۾ جنم ورتو. پاڻ ڪراچي مان بي اي ۽ ايل ايل بي جي ڊگري حاصل ڪئي. ڪراچي جي ڪاليج ۾ شاگرديءَ واري وقت ۾ به سرگرم ڪردار ادا ڪيو. حاجي غلام شبير ڪليار پنهنجي نوڪريءَ جي شروعات فوڊ کاتي ۾ اسٽنٽ فوڊ ڪنٽرولر سان ڪئي. جنهن بعد پاڻ پي ايس آئي دادو ضلعي ۾ ٿيو. ان کان پوءِ هو پروموشن ملڻ تي سکر ۾ پراسيڪيوشن انسپيڪٽر ٿيو جنهن بعد حيدرآباد ۾ اينٽي ڪرپشن ۾ پي ڊي ايس پي ٿيو ان کان پوءِ هن کي پروموشن ڏئي ايڊيشنل ايس پي حيدرآباد مقرر ڪيو ويو.سندس پوليس کاتي ۾ بهترين عوامي خدمتن کي مڃتا ڏيندي کيس 1973ع ۾ ايس ايس پي سانگهڙ مقرر ڪيو ويو جنهن ڪجهه عرصو سانگهڙ ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ پوءِ کيس ايس ايس پي حيدرآباد مقرر ڪيو ويو. ايس ايس پي حاجي غلام شبير ڪليار عوام سان هروقت قانون مطابق انصاف ڪيو. جنهن ڪري عوام مرحوم ايس ايس پي حاجي غلام شبير ڪليار کي سچي پوليس آفيسر جو لقب ڏئي ڇڏيو. مرحوم ايس ايس پي حاجي غلام شبير ڪليار ڪيسن جي معاملي ۾ ڪنهن به وڏيري جي سفارش نه ٻڌندو هو جنهن ڪري غريب ماڻهن کي ڪيسن ۾ جلد انصاف ملي ويندو هو. سندس اهڙين بهترين خدمتن عيوض وقت جي حڪمرانن کيس اي آئي جي اسپيلشل ڪراچي مقرر ڪيو ۽ پاڻ ان عهدي تي به ايمانداري سان خدمت ڪئي. حاجي غلام شبير ڪليار اي آئي جي جي عهدي تي ترقي ڪري پهتو ۽ ان عهدي تي به ايمانداري سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. حاجي غلام شبير ڪليار جي اهڙي سچائي ۽ ايمانداري واري جذبي کي ڏسي ڪيترائي ماڻهو پنهنجا فيصلا ڪرائڻ جي لاءِ امين طور کيس مقرر ڪندا هئا ۽ سندس ايمانداريءَ وارو فيصلو قبول ڪري وٺندا هئا. هن وقت حاجي غلام شبير ڪليار جسماني طور اسان وٽ موجود نه آهي پر سندس ڪيل خدمتون اڄ به سونهري اکرن سان تاريخ ۾ لکيل آهن موجوده وقت ۾ به جيڪڏهن پوليس آفيسر حاجي غلام شبير ڪليار وانگر ايمانداري سان پنهنجا فرض ادا ڪن ته ماڻهن جا مسئلا حل ٿي وڃن ۽ هر ماڻهون کي انصاف ملي وڃي ۽ ماڻهن انصاف لاءِ دانهون ڪرڻ احتجاج ڪرڻ ڇڏي ڏين. جيڪڏهن حاجي غلام شبير ڪليار جهڙي ايماندارپوليس آفيسر سچائي ڏيکارين ته سڄي ملڪ ۾ ڪٿي به ڏوهه جي واردات نه ٿيندي ۽ هر پاسي امن امان جي صورتحال بهتر هوندي. سنڌ جي اهڙي ئي امر ايماندار پوليس آفيسر حاجي غلام شبير ڪليار کي سنڌ جي عظيم شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي هن بيت سان ڀيٽا ڏئي رهيا آهن.ماڻهون سڀ نه سهڻا ، پکي سڀ نه هنج،ڪنهن ڪنهن ماڻهون منجهه، اچي بوءِ بهار جي. (شاهه)اهڙا ماڻهو امل ماڻڪ هوندا اهن جن تي ڌرتي به فخر ڪندي آهي. اسان حاجي غلام شبير ڪليار کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جون هي صفون ياد ڪندي کيس خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين آديسي اٿي ويا مڙهيو مون مارينجي جيءَ کي جيارين،سي لاهوتي لڏي ويا.اسان ايماندار پوليس آفيسر حاجي غلام شبير ڪليار کي ايستائين ياد ڪندا رهنداسين جيستائين هي ڌرتي آباد آهي بشڪريه عبرت .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو