وقت نيلامي پُڄاڻِي ٿِي ويو !

'نثار احمد ناز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏22 مارچ 2011۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا سنڌي ساٿيو جيئي سنڌ هڪڙو آزاد نظم کڻي آيو آهيان جيڪو في الحال منهنجي دل جو آواز آهي ، منهنجا ريڊي ميڊ خيال اجهو اهڙا هوندا آهن، جي توهان هن کي پنهنجي دل جو آواز سمجهو ته به مونکي ڪو اعتراض ڪونهي، خير سڀ جو خير سڀ جو ڀلو ( مان جوئي آهيان سوئي آهيان) مان غلط آهيان تڏهن به مان ئي آهيان جيڪڏهن مان صحيح آهيان تڏهن به مان مان ئي آهيان ، ساڳوڻي صورتحال توهان سان به هوندي وقت ڇو وڃايون هي آزاد نظم جنهن جو عنوان آهي :

    وقت نيلامي پُڄاڻِي ٿِي ويو !​


    وقت نيلامي پُڄاڻِي ٿِي ويو !
    نثاراحمدناز .
    اسان جي سوچڻ
    اسان جي سمجهڻ کان،
    توهان جون سوچُون صفا ،
    وڏيون هِن،
    توهان جا جذبا وشال آهن،
    جُتِي توهان جِي ءَ ۾
    پير سائين ڀلا ڪيئن پايون ،
    مُمڪن ئي ڪونهي ،
    توهان جُون سوچون نوان اُجالا
    اسان اکر انڌيري ۾ قابو،
    توهان جي چؤدا ر لڳل قطارون ،
    توهان سان چاهت ڪندڙن جون آهن ،
    توهان سان ناتا ڳنڍڻ لاءِ جانان ،
    قسم سان آتو جهان آهي ،
    اسان سان چاهت ڪندڙ نه ڪوئي ،
    اسان سان ناتا ،
    نه ڪوئي ڳنڊيندڙ ،
    اسان جو جيون صرف کوٽو سڪو،
    ملي نه جنهن مان ا و جوڙ جيڏا
    نه ڀُڳڙن جي مُٺ ڪائي،
    اسان ته رستن جا
    رولاڪ آهيون
    اڪيلائي جي آسمان جا ،
    ٽُٽل ستارا ،
    وقت جي نيلام گهر ۾
    اسان خريديل غلام آهيون
    اسان وڪاميل غلام آهيون
    اسان تي ٻوليون وفا جون جانان
    لڳائڻ ڇڏي ڏيو،
    وفا جا واڪ لڳائڻ کان پهرين
    اهو ته سوچيو،
    ”وقت نيلامِي پُڄاڻِي ٿِي ويو“
    توهان جا دڙڪا،
    توهان جي ڪاوڙ ،
    اکين تي سائين ................... !
    اکين تي سائين ................. !
    اکين تي سائين. ................ !
     
  2. جاويد نواز

    جاويد نواز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    386
    ورتل پسنديدگيون:
    91
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: وقت نيلامي پُڄاڻِي ٿِي ويو !

    واهه واهه دل ٺري پئي
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: وقت نيلامي پُڄاڻِي ٿِي ويو !

    سائين ڀلا خئير ته آهي، اصل اهڙو دل ٽوڙ نظم لکيو اٿوَ ۔۔۔؟؟؟؟
    ڀلا ڪنهنجي جتي ۾ پير وجهڻ جي جرآت ڪئي اٿوَ ۔۔۔؟؟؟؟
    ڪکاوان ڇڏي، محل ۾ پير پائڻ جي غلطي ڪئي اٿوَ ۔۔۔؟؟؟؟
    دڙڪي، دهمان، ڪاوڙ جي ور زندگي چاڙهي ڇڏي اٿوَ ۔۔۔؟؟؟؟
    ان وڪري ۽ خريد واري غلامي ۾ به اکيون وڇايون اٿوَ ۔۔۔؟؟؟؟
     
  4. و حيد کوسو بلوچ

    و حيد کوسو بلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2011
    تحريرون:
    298
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    نيشنل بئنڪ ۾ OGII OFFICER
    ماڳ:
    پوسٽ ڌنڱ ڳوٺ ڌنڱ تعلقه شهداد ڪوٽ
    جواب: وقت نيلامي پُڄاڻِي ٿِي ويو !

    تمام بهترين سائين نثار ناز واه واه
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: وقت نيلامي پُڄاڻِي ٿِي ويو !

    شڪر جو اسان جي غريباڻي شاعري سان ڪنهنجي دل ته ٺري پائي ادا جاويد ۔مهربانيون ادا توهان جي همت افزائين جو دل سان ٿورائتو آهيان۔
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: وقت نيلامي پُڄاڻِي ٿِي ويو !

    مهرباني ادا وحيد کوسا جو هن آزاد نظم تي توهان بي اختيار واهه واهه چيو۔ لک لائق سائين جن جا ٿورا۔
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: وقت نيلامي پُڄاڻِي ٿِي ويو !

    [justify]يار نثار ابڙا سائين تون به درويش آهين قسم سان تون هي نظم پڙهي ڏس مون ڪڏهن ڪنهنجي جُتيءَ ۾ پير پائڻ جي ڪوشش يا جُرئت ڪئي آهي، محل ۽ ڪکاون گهرن جي قسم سان وري پڙهي ڏس مون لکڻ جي به ڪا غلطي ڪونه ڪئي آهي ڪنهن کي مجال آهي جو ڪير مون ٽي درجي واري شاعر کي دڙڪا يا داٻا ڏي، پر يار ان ڏات جي ديوي جو ڇا ڪجي جيڪا اهي عجيب سٽون لکائي ويئي آهي، ادا اسان ته اها توهان کي خبر آهي هرڪنهن جا ٻانهن ٻڌل غلام آهيون خريديل غلام آهيون تون ٻُڌائي ڇا مان تنهنجو غلام ناهيان بلڪل آهيان دوست مان ته هر سنڌي ماڻهوءَ جو خريد ٿيل غلام آهيان سائين باقي سُهڻن سڄڻن جا دڙڪا ۽ ڪاوڙون اسان پنهنجي اکين تي نه رکنداسين ته ڀلا ڪير ڪو انگلستان مان اچي پنهنجي اکين تي رکندو۔ وري به چوان ٿو ته نثار ابڙا مان جوئي آهيان سوئي آهيان کوٽو سڪو به آهيان منهنجي خيال ۾ منهنجو سموري ڳالهه سمجهي ويو هوندين ۽ جيڪو نه سمجهي سو اناڙي هوندو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جسٽ شاعري آهي يار ٿي سگهي ٿو اهو منهنجي دل جو آواز نه به هُجي پر تنهنجي دل جو آواز به ٿي سگهي ٿو، هُن جهوني علي علي جي دل جو آواز به ٿي سگهي ٿو ، پر گهٽ ۾ گهٽ پاڻ واري اسد مست جي دل جو آواز ئي کڻي سمجهي ڇڏجان۔۔۔۔۔۔ مهربانيون ٿورا۔۔۔۔۔ [/justify]
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: وقت نيلامي پُڄاڻِي ٿِي ويو !

    سائين نثار ناز سلام

    اوهان جو نظم پڙهيوسين جيڪو ڏاڍو وڻيو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اها الڳ ڳاله آهي ته مان به اها ڪوشش پيو ڪريان ته هي سڀ اوهان ڪنهن لاء لکيو آهي۔ باقي ڏات جي ديوي ته اوهان تي عاشق ٿي لڳي جو هر ڏينهن اچي اهڙي بهترين شاعري ڪرائي ٿي وڃي۔ اوهان جي فڪر ۽ سوچ کي سلام آهي۔

    هڪ عرض ته ان ڏات جي ديويء کي هڪ ڏينهن اسان واري جهوني عليء ڏانهن به موڪلجو ، ڇو ته هن جي شاعري پڙهڻ کانپوء مونکي شاعري گهٽ پر لَٺِ لڳندي آهي جيڪا دماغ کي جهيرڻا ڪري وجهندي آهي۔

    لک ٿورا اوهان جي پياري شاعري ونڊ ڪرڻ جا
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: وقت نيلامي پُڄاڻِي ٿِي ويو !

    [justify]ڪوشش ڀلي ڪريو پر هڪڙي راز جي ڳالهه ٻُڌايانوَ ته اهو آزاد نظم مون توهان جي دل جو آواز سمجهي لکيو آهي ششششششششششششششششششششششش ڪنهن کي خبر نه پوي محمد سليمان وساڻ نه ته زمانو ڏاڍو ظالم آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بُکئي کي ڏي ڪونه ۽ سُکئي کي سهي ڪونه ، وڌيڪ دم جهل وساڻ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ علي علي جي شاعري جون لٺون به اسان کي کائڻيون آهن ٻيو ڪو آسمان تان ڪونه لهندو علي علي جون لٺيون کائڻ۔ لک لائق ادا جو توهان انتهائي پيار سان اسان جي همت افزائي ڪئي۔ [/justify]
     
  10. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: وقت نيلامي پُڄاڻِي ٿِي ويو !

    بهترين ونڊ آهي ادا .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو