جي تون وڙهندي ماريو ويندين!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ افتخار علي چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏22 مارچ 2011۔

  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جي تون وڙهندي ماريو ويندين!​




    اعجاز منگي


    تنيشيا ۽ مصر اندر اٿيل عوامي لهر جي آڙ ۾ آمريڪا جن ملڪن جي حڪومتن خلاف منظم رٿابندي ڪري رهيو هو، انهن ۾ لبيا، ايران ۽ شام سرفهرست هئا. سي آءِ اي جو خيال هو ته مصر کان پوءِ لبيا ۾ بغاوت جي باهه ٻارجي ۽ قذافيءَ جو پتو ڪٽي اتي پنهنجي هٿ ٺوڪي حڪومت قائم ڪري لبيا جي تيل جي ذخيرن تي ائين قابض ٿجي، جيئن هن وقت عراق جي ذخيرن تي آمريڪا جو قبضو آهي. آمريڪا جي اسڪيم هئي ۽ اڃان به آهي ته لبيا کي قذافيءَ کان کسڻ کان پوءِ پوري وچ ايشيا ۾ هڪ اهڙي حڪومت ناهي، جيڪا آمريڪا جي راهه جي رڪاوٽ ٿي سگهي. جڏهن پوري وچ ايشيا جي آمريڪي حڪم هلندو ته پوءِ ايران کي گهيري ۾ آڻڻ ڪهڙو مشڪل ڪم آهي!؟ ان ڪري جيئن ئي مصر جو اڳوڻو حڪمران حسني مبارڪ اقتدار تان لٿو ته آمريڪا پنهنجن پيادن کي لبيا ۾ اڳتي وڌڻ جو اشارو ڏنو ۽ جيئن ته قذافيءَ جا مخالف لبيا جي مخلوق جا نمائندا نه هئا، ان ڪري انهن وٽ آمريڪي برانڊ جي بندوق هئي ۽ هو پهرين کان طئي ٿيل پلاننگ مطابق لبيا جي شهرن تي قبضا ڪندا ويا ۽ انهن پاڻ کي ڪور Cover ڏيڻ جي لاءِ وائڙن ماڻهن کي به پاڻ سان ملايو ۽ جڏهن اها باهه گهڻو اڳتي وڌي آئي ته قذافيءَ کي پوءِ هوش آيو ۽ هن ان صورتحال کي منهن ڏيڻ جي حڪمت عملي جوڙي ورتي ۽ جن جن شهرن تي نام نهاد باغين قبضا ڪيا هئا، لبيا جي فوج انهن کان قبضا ڇڏرائي ورتا ۽ آمريڪا جي پوري حڪمت عملي تباهه ۽ برباد ٿيندي وئي. ڇو ته قذافيءَ کي اڪيلو ڏيکارڻ جي لاءِ جن ماڻهن کي اڳواٽ استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ تيار ڪيو ويو هو، انهن ته استعيفيٰ ڏني پر ٻيا سڀ ڪرنل قذافيءَ سان جڙيل رهيا، جڏهن ته لبيا جي ماڻهن کي به بعد ۾ هوش آيو ۽ انهن به سمجهي ورتو ته آمريڪا گوڙ گهمسان ڪرائي لبيا ۾ داخل ٿيڻ جو دڳ ٺاهي رهيو آهي. انهن اخلاقي طور تي قذافيءَ جي حمايت ڪئي ۽ قذافيءَ پوري قوت سان باغين جو ڀوسو ڪڍي، ٺيڪ ان وقت ”سيز فائر“ جو اعلان ڪيو، جڏهن باغي نهوڙجي چڪا هئا ۽ آمريڪا جي نئين حڪمت عملي تيار ٿي چڪي هئي.

    جنهن وقت قذافي پوري قوت سان باغين جو حشر نشر ڪري رهيو هو ته ان وقت آمريڪا نئين حڪمت عملي ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ ئي نه هو. هن جو خيال هو ته اهي هٿياربند ۽ تربيت يافتا باغي قذافيءَ جو ڪم لاهي ڇڏيندا پر جڏهن هن کي پنهنجي اها پلاننگ ناڪام ٿيندي نظر آئي ته پوءِ هن پنهنجن يورپي يارن سان مشورا ڪيا ۽ انهن آڏو پنهنجو حال بيان ڪندي آمريڪا چيو ته اٺن سالن کان وٺي منهنجي منهن تي عراق جو لڳل رت اڃان تائين صاف نه ٿيو آهي ۽ ٻيو ته مان افغانستان ۾بري طرح ڦاٿل آهيان، ان ڪري مان لبيا ۾ به سڌو سنئون هٿ وجهان ته مون لاءِ ڏکايون ٿينديون. جيئن ته افغانستان ۾ آمريڪا سان برطانيا ٻٽ هو، ان ڪري لبيا واري گهيڙ ۾ لهڻ جي لاءِ فرانس پنهنجي سيني تي هٿ هنيو ته جرمنيءَ ان پلاننگ کي سخت لفظن ننديو ۽ چيو ته احمقو! پنهنجي پيرن تي ڪهاڙا نه هڻو. پوري دنيا سان وڙهڻ وارو پاڳل پڻو اسان هٽلر جي صورت ڀوڳي چڪا آهيون، هاڻي اوهان کي شوق آهي ته اهو تجربو ورجايو . باقي اسان ان باهه ۾ داخل نه ٿينداسين. جرمنيءَ کان مايوس مائي هليري ڪلنٽن کي ڪئناڊا ۽ قطر جهڙن ملڪن جو ساٿ ملي ويو ۽ هن فرانس کي چيو ته پوري قوت اسان جي هوندي تو رڳو اڳيان ٿي!

    هن وقت به لبيا جي اهم شهرن تي سڀ کان وڌيڪ ميزائيل آمريڪا جا جنگي ٻيڙا وسائي رهيا آهن ۽ ڏهن ملڪن جي گڏيل هوائي طاقت آڏو قذافي اڪيلو بيٺل آهي. جڏهن فرانس جي جهازن لبيا جو پهريون جهاز ڪيرايو ۽ آمريڪا جا ڪروز ميزائل لبيا جي شهرن کي لڳا ته قذافي قوم کي خطاب ڪرڻ جي لاءِ ٽيليويزن تي آيو ۽ هن آخري گوليءَ تائين جنگ وڙهڻ جو اعلان ڪندي چيو ته لبيا جي عام شهرين کي هٿياربند ڪيو ويندو ۽ بحريه روم کان وٺي پوري آفريڪا کي جنگ جو ميدان بڻايو ويندو.

    اسان کي انگن اکرن جي حوالي سان اهو معلوم ناهي ته لبيا جي حقيقي فوجي قوت ڪيتري آهي؟ ممڪن آهي ته باري ۾ آمريڪا به ڌڪ ۾ رهجي وڃي. بلڪل ائين جيئن هن جو اهو پهريون اندازو غلط ثابت ٿيو ته هن جا تيار ٿيل ماڻهو قذافيءَ جو تختو اونڌو ڪندا. ان ڪري هاڻي آمريڪا لبيا جي لاءِ اها حمڪت عملي جوڙي آهي، جهڙي انهن افغانستان ۾ آزمائي. يعني مٿان آمريڪا ۽ هن جا اتحادي حملو ڪندا ۽ هيٺ باغين کي رستو فراهم ڪندا ته هو اڳتي وڌندا اچن. پر آمريڪا ۽ هن جي ڪم عقل اتحادين کي اهو ته سوچڻ گهرجي ته قذافيءَ جي حڪومت طالبان جي حڪومت جهڙي ناهي. هن وقت آمريڪا اتحادي ساڻ ڪري لبيا تي ڪاهي آيو آهي. ڇا قذافيءَ کي پتو نه هو ته هڪ ڏينهن آمريڪا هن مٿان اهڙي ريت حملو ڪري سگهي ٿو!؟ ڇا ان لاءِ هن تياريون نه ڪيون هونديون. ان ڪري جيڪڏهن ڪو سمجهي ٿو ته آمريڪا لبيا کي ايترو جلد ليٽائي ڇڏيندو، جيترو جلد هن افغانستان کي ليٽايو ته ممڪن آهي هن کي ان باري ۾ تز معلومات هجي پر اها ڳالهه اسان جي منطق سان مطاقبت نه ٿي رکي. ان ڪري اسان لاءِ سمجهڻ ٿوري نه پر گهڻي مشڪل آهي. باقي رهيو قذافيءَ جو مستقبل ته جڏهن ڏهن ڌارين کي قذافيءَ تي بڇڻ لاءِ وٺي ئي عرب ليگ جو نمائندو آيو آهي ته پوءِ ڪنهن ٻي تي ڪهڙي ميار! پر هڪڙي ڳالهه طعه آهي ته هو ڪو عام عرب حڪمران ناهي. هو چريو آهي. ديوانو آهي. پر ڊرامو يا فراڊ ناهي. ان ڪري هو پوري طاقت سان وڙهندو ۽ آمريڪا کي آسانيءَ سان گهڙڻ نه ڏيندو.

    جيڪڏهن آمريڪا عراق جي صدام حسين جيان قذافيءَ جي به پوري فوج کي پاڻ سان ملائي چڪو هجي ها ته پوءِ هي نام نهاد باغي ئي ڪافي هئا پر انهن تربيت يافتا آمريڪي ڇاڙتن کان جهڙي طرح قذافيءَ جي فوج قبضي ۾ آيل شهر خالي ڪرايا، ان مان ئي پڌرو آهي ته اها فوج هن وقت تائين نه وڪامي آهي. ان ڪري اها وڙهندي ۽ جيڪڏهن اها وڙهندي ته پوءِ آمريڪا پنهنجن اتحادين سميت لبيا کي آسانيءَ سان قبضي ۾ هيٺ نه آڻي سگهندو. ڇو ته آمريڪا وٽ جديد هٿيار جام آهن ۽ اها به حقيقت آهي ته هن جا فوجي ڪمال جا تربيت يافتا آهن پر اهي ويڙهو ناهن. جيڪڏهن اهي ويڙهو هجن ها ته افغانستان ۾ ئي انهن جو پتو پئجي وڃي ها. هو پهرين نمبر جا ڊڄڻا ۽ مقابلي کان ٽهندڙ ماڻهو آهن. ان ڪري هو پرائي ملڪ تي ائين آڪڙ ڪري داخل ٿيڻ جهڙا ناهن. پنهنجي فوج جي انهيءَ ڪمزوريءَ کي نظر ۾ رکي اوباما پهرين ڏينهن ئي اها ڳالهه صاف ڪري ڇڏي ته اسان لبيا خلاف زميني فوج جي طاقت استعمال نه ڪنداسين. ڇو ته انهن جي فوج عراق ۽ افغانستان جي مزاحمت کي منهن ڏئي هاڻي بنهه ٿڪجي پئي آهي. هاڻي ان ۾ ايترو حوصلو ئي ناهي جو نئين محاذ وڙهي سگهي پر عرب دنيا اندر عوامي بغاوتن جي آڙ ۾ پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ جي لاءِ هن قذافيءَ جهڙي انتهائي ڏنگي ۽ ضدي حڪمران مان جند ڇڏائي ۽ لبيا جي تيل جي ذخيرن تي قبضا ڪرڻ لاءِ هن فوري طور تي اهو ڦاهو ته کاڌو آهي پر ضروري ناهي ته ڌُڪي واري ان ڌڪ ۾ آمريڪا ڦٻي به سگهي.

    جيڪڏهن آمريڪا لبيا جي محاذ تي نه کٽي سگهيو ته هن جي وڏي رسوائي ٿيندي. شايد شڪست جو اهو ڌڪ آمريڪا ڪڏهن به پچائي نه سگهي. ڇو ته وچ اوڀر ۾ جيڪڏهن آمريڪا هارائي ويو ته پوءِ اسرائيل جو بنياد ڪمزور ٿي ويندو ۽ وچ اوڀر کان وٺي ايران تائين اڪثر ملڪن کي ان ڳالهه جو اندازو آهي ته لبيا کان پوءِ انهن جو وارو آهي. ان ڪري انهن ملڪن جو حڪومتون اختلاف هجڻ جي باوجود به قذافيءَ سان ڳجهو تعاون ڪنديون.

    فرض ڪجي ته جيڪڏهن ڪجهه به نه ٿو ٿئي. ٻيو ڪجهه به نه ٿو ٿئي. هر اميد ۽ هر آسرو ۽ هر اها وٿ جنهن جي حوالي سان سوچي سگهجي ٿو ته اها آمريڪا جي خلاف ميدان ملهائيندي. فرض ڪجي ته ٻيو ڪجهه به نه ٿو رهي ته به گهٽ ۾ گهٽ قذافي ته پنهنجن جانثارن سان گڏ لبيا جي سرزمين تي ائين وڙهندو، جيئن گوريلا وڙهندا آهن ۽ جيڪڏهن حياتيءَ ۽ حالتن هن جو ساٿ ڏنو ۽ هو پنهنجي ويڙهه ۾ ڪجهه وقت تائين ٽڪيو ته پوءِ هو ان سموري دنيا جو هيرو ٿي ويندو، جيڪا دنيا هن وقت ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان آمريڪا جي مخالف آهي. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته هن وقت تائين لبيا جي مٿان آمريڪا جي حملي خلاف ڪنهن ملڪ سخت احتجاج ناهي ڪيو ۽ نه وري پوري دنيا ۾ ڪي انقلابي قسم جون ڌريون اڳيان آيون آهن، جيڪي لبيا جي سموري صورتحال کي بيان ڪري ٻڌائن ته اصل معاملو ڇا آهي؟ جنهن وقت قذافي باغين خلاف جاري جنگ کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪو هو ۽ لبيا جي فضائن ۾ پويان فائر گونجي رهيا هئا ته ان وقت پوري بين القوامي بدمعاشن جي لوڌ وٺي لبيا جي مٿان چڙهائي ڪري آمريڪا ثابت ڪري رهيو آهي ته هو انهيءَ راهه تي هلي رهيو آهي، جنهن راهه تي هٽلر هلي رهيو هو ۽ هو مسلمانن سان اهڙو سلوڪ اختيار ڪرڻ چاهي ٿو، جهڙو هٽلر يهودين سان ڪيو. آمريڪا ڀلي اهو ڪم پنهنجي ڪاري صدر بارڪ اوباما جي اسلامي پس منظر ۾ لڪائڻ چاهي پر هو لڪائي نه ٿو سگهي. ڇو ته صدر بش کان بيزار عالمي عوام جو خيال هو ته اوباما آمريڪا کي تاريخ جي نئين دور ۾ داخل ڪندو پر هن بش حڪومت پاران هاريل خون کي صاف ڪرڻ جي حمڪت عملي اپنائڻ بدارن وڌيڪ رت وهائڻ جي واٽ ورتي آهي ۽ وچ اوڀر ۾ هن پنهنجي پراڻي دشمن ڪرنل قذافيءَ کي ڪيرائڻ لاءِ جيڪا فوج ڪشي آهي، ان جو مقابلو ڪندي قذافي وڙهندي مري به ويو ته تاريخ ۾ زنده رهندو، جڏهن ته آمريڪا تاريخ جي حوالي سان پنهنجي قبر تيزيءَ سان کوٽي رهيو آهي.





    عوامي آواز جي ٿورن سان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو