ادا وحيد کوسا ٻيو ته سڀ ڪجهه سهي آهي پر ڪجهه صورتخطي جون غلطيون نظر آيون آهن توهان جي هن شاعري۾ راض لفظ غلط آهي پر سهي لفظ ٿيندو راز ان کان علاوه گرامر جي حساب سان تن جا شد مد زير ٿو ڄاڻي واري درست سٽ منهنجي ناقص را مطابق هن ريت بيهندي تن جي شد مد زير ٿو ڄاڻي، ڇو جو پيش ، شد ، مد زبر ۽ زير اهي سڀ جا سڀ لفظ مونث جي زمري ۾ ٿا اچن وڌيڪ يار الله کي خبر اسان ته آهيون اڻ پڙهيل آڱوٺي ڇاپ ۽ ٽي درجي وارا شاعر باقي تنهنجي شاعري تمام زبردست آهي، لاجواب آهي ان شاعري جو مرڪزي خيال تمام شاندار آهي، اميد ته اڃان به تنهنجي خوبصورت شاعري هن محبتي اڱڻ تان ڏسڻ لا ملندي۔