ابا ڙي مست مطلب ته هڻ کڻ ايجنسي جهونن پويان هٿ ڌوئي پئي آهي خير آهي بابا اسان جهونن به ته قبر ۾ پير آهي ۽ لٿا هون عشق تي ڇا ڪجي بابا ان ڪري ته چوندا آهين ته عشق نه پڇي ذات عشق لاء عمر نه ڏسبي آ بابا جيسيتائين سيني ۾ دل آهي اها ڪنهن نه ڪنهن لاء ته ڌڙڪندي مست بابا ڇو جهونن پويان پيو آهين ؟ با با اسان جي ڪهاڻي به ٻڌ جي لکيو ٿي ته اسان به پهنجي ڪهاڻي توکي ٻڌايون ٿا
مزاج اڃ ڪله رنگين آ
معاملو سچ ۾ سنگين آ
عشق جي عين کان واقف نه هئا سي
پر اڄ دل ان لاء غمگين آ
دل بي ايمان ٿي پئي پوڙهائپ ۾
ڇا ڪجي پرين به ته حسين آ
رڳو اسان جهونن کي نه چئو
مست به ته تتلين جو شوقين آ
پرين جي بي رخي مٿان مستن جي شاعري
سچ پچ جهونو ويچارو مسڪين آ
جيئن پاڪستان ۾ ڪرپشن....واھ واھ مست..بهترين
عشق جي شدت جو ان کان اثرائتو مثال نه ٿيو آهي نه ٿيندو ۔۔۔
جهوني جي عشق جي تشبيهه جيئن پاڪستان ۾ ڪرپشن ۔۔۔ هل ته چري ۔۔۔ اصل واهه جي تشبيهه
تاڙيون
مطلب ته الله پناهه ڏي
فقير سائين اوهان شاعريءَ جي ميدان ۾ اصل ”جهونو جذباتي“ ٿيندا پيا وڃو۔۔۔۔۔
اوهان جي عشق اوهان جي اندر جي شاعر کي ظاهر ڪري ڇڏيو آهي
پاڻ وارو جهونو عشق ۾ جذباتي ٿو لڳي۔۔۔،
تکڙي مٺڙي، جڏڙي مڏڙي ڪاتي ٿو لڳي
مطلب ته جهونا ڪم کان ويا
عشق لڳا استاد ڏکيا، تڏهن ڀوڳ ڪرڻ نه ٿي آيا
هاڻي ڇا لکجي، علي ڪم جو ماڻهو جنهن کي وقت به وقت ايلاز منٿون ڪري پيا سنڌ سلامت جو ڪم وٺندا هئاسين پر هاء ڙي حضرت عشق۔ جهوني عليء کي وري به شاباسون جو اڄڪله شاعري سان پيو نڀائي۔ پر اسد ته مستن جو به مست ٿو لڳي ۽ جهوني جو ته ڪو عاشق ٿو لڳي يا وري ائين چئجي ته جهوني جا ترا ڪڍڻ جي چڪر ۾ آهي۔
ادا اسد مست يار ڏاهو ٿي جهونن کي هن گهير ۾ نه لاھ۔۔۔
ابا مست تهنجي مڙص پر يار اسان جي عشق کي مڏي ڪاتي نه چئه ادا
جهونن جي عشق کي جذباتي نه چئه
اهو عشق پڙاڻو آ مڏي ڪاتي نه چئه
بنا عشق جي جيڪو ٿو جيئي ظفر
مست ان حياتي کي حياتي نه چئه
ظفر سائين اوهان جي شاعريءَ کي هاڻي مڏي ڪاتي نه چئبو۔۔ پر تِکي ڪاتي چونداسين۔۔۔۔۔۔ اصل ڪُتر ڪُتر ڪري ڇڏيو اٿوَ۔۔
تکي ڪاتي ٿا چئو ڪي ڪاسائي هون؟
سهڻا اسين ته پيار جي پرڇائي هون
اوهان جوهر الزام سر تي سهبو جاني
جي ڪڇون ته چئجو هر جائي هون
فقير سائين اوهان ته اصل اردو سنڌي مڪس پيا هلايو۔۔۔۔
عشق ڪري ويو اثر، خبر نه پئي..
ڪو وسي ويو دل اندر، خبر نه پئي..
زماني جي ڳالهين تي ڪن نه ڏنوسين،
چيو هو سچ سڀني مگر، خبر نه پئي.
ادا ! سائين آ به جهو نن ۾ شمار ڪرڻ جهڙو آهيان پر سائين جهونن جون دلڙيون به جوان هونديون آهن، اها شاعري ته اسان جهونن جي دلين جي عڪاسي ٿي ڪري ، من سهڻي سليمان کي ڪو ترس اچي ۽ اسان جي دلين جي عڪاسي ڪندڙ،
شعر ۾ سمايل جذبن کي ڪا سهڻي ڊزائن ۾ مڙهي ۔