هن ماڻهون کي اوهان سڀ سڃاڻو ٿا اهو مون کي يقين آهي پر جي اوهان هي تصوير ان جي سڃاڻي ڏيکاريو ته اوهان کي ڪاڪي آچار جي اوطاق جي چانهه پياري ويندي۔۔۔۔ جي ها هي اسان جي سنڌ سلامت جو تمام ايڪٽو يوسر آهي اوهان ان جون ڪافي تصويرون ڏٺيون آهن سو جلدي ڪيو جيڪو سڄاڻيندو ان کي ڪاڪي آچار جي اوطاق جي چانهن پيئاربي اها به فري ۾ ۔۔۔۔ هڪ ڳالهه ته چوڻ وسري وئي۔۔۔ چانهه اوهان کي پاڻ ٺاهي پيڻي پوندي۔۔۔
جواب: هن کي سڃاڻيو ۽ چانهه جو ڍڪ پيو۔۔ ابا اسان جهونن جي ٺيڪ سان نظر پوي ڪونه سو اسان کان ڪٿان سڃاپندي ابا مست ڇو ٿو اسان جهونن جا امتحان وٺين بابا خير يار مون کي ته ڪنهن عاشق جي تصوير ٿي لڳي وڌيڪ ڏسون دوست ڇا ٿا چون سو جي مان صحيح آهيان ته چانهن لاء ڪوپ به مون کي ڌوئڻا پوندا يا بس رڳو چانهن ڪاڙهڻي آهي ؟؟؟
جواب: هن کي سڃاڻيو ۽ چانهه جو ڍڪ پيو۔۔ مشڪل آهي...........سائين جو جواب صحيح ٿئي ته اڌ ڪوپ اسان کي به کڻي ڏجو...........
جواب: هن کي سڃاڻيو ۽ چانهه جو ڍڪ پيو۔۔ استاد سائين ٻيو سڀ خير، باقي ٻه چار نالا مٿئون هڻينس ها ته ڪجهه ڌڪا سڪا اسان به هڻون ها، باقي هاڻي ڳالهه ڳاٽي کان چڙهيل آهي۔۔۔۔ پو به متان اهو پنهنجو عاشق مجبور ته نه آهي۔۔۔۔۔۔
جواب: هن کي سڃاڻيو ۽ چانهه جو ڍڪ پيو۔۔ سائين توهان جي وڏي مهرباني ڇو جو اسان پاڻ چانهه پي رهيا آهيون باقي رهي ڳالهه تصوير جي اها اسان کي نظر نٿي اچي ڇو جو ايران ۾ گهڻين شين تي پابندي آهي۔