علي احمد بروهي - سنڌي ادب جو چوٽيءَ مزاح نگار ۽ ليکڪ
سنڌي ادب جي تاريخ ۾ علي احمد بروهي چوٽيء جو مزاح نگار ٿي گذريو آهي. هن مزاحيه ڪهاڻيون ۽ ڪالم لکي، سنڌي ادب ۾ مزاح نگاريء کي نوان رخ ڏنا. علي احمد بروهي 11 نومبر 1920ع تي کنڀڙا ڳوٺ ۾ ڄائو، جيڪو ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ آهي. سنڌ مدرسي ڪراچيء مان تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوء هن رائل انڊين نيويء ۾ ٻي مهاڀاري جنگ دوران ملازمت اختيار ڪئي، جتي 1946ع ۾ مشهور نيوي بغاوت ۾ حصو ورتائين ۽ بحري فوج جي ٻين ساٿين سان گڏ جيل اماڻيو ويو. جيل مان آزاد ٿيڻ کانپوء علي احمد بروهيء جو صحافتي سفر شروع ٿيو. قرباني، صداء سنڌ، انقلاب، منشور ۽ ميني فيسٽو اخبارن ۽ رسالن جو ايڊيٽر رهيو. 1954 ۾ خيرپور رياست جي اطلاعات کاتي ۾ شموليت سان هن جي نوڪريء جو سفر شروع ٿيو ۽ جڏهن 1955ع ۾ خيرپور رياست جي پاڪستان ۾ شموليت ٿي ته هي اولھ پاڪستان اطلاعات کاتي جو ملازم بڻجي ويو. هن ڪولمبو پلئن (1960ع) هيٺ انگلينڊ مان ٽوئرزم ۾ سکيا ورتي. 1970ع ۾ ڪراچيء ۾ دائريڪٽر پبلڪ رليشنز سنڌ مقرر ٿيو. 1971ع ۾ سياسي بنيادن تي ڀٽي صاحب جي حڪومت ۾ کيس نوڪريء مان فارغ ڪيو ويو. 1973ع کان 1978ع تائين مختلف اندستريل ڪارپوريشنن جو قانوني صلاحڪار رهيو. 1978ع ۾ کيس ملازمت تي بحال ڪيو ويو ۽ سڌ سماء جي مرڪزي وزارت جو او ايس ڊي اسلام آباد مقرر ٿيو. ان کانپوڀ 1979ع ۾ سنڌ حڪومت جي اطلاعات کاتي جو سيڪريٽري مقرر ٿيو، جنهن عهدي تي 1980ع تائين رهيو. 1980ع ۾ ئي وفاقي وزارت جي هٿ هيٺ هلندڙ شيخ سلطان ٽرسٽ جو ايڊمنسٽر مقرر ٿيو.
سال 1950ع کان 1955ع واري دور ۾ علي احمد بروهي هڪ سٺي مزاح نگار طور اڀريو، سندس ڪهاڻين م عثمان حجم جو ڏند ڪڍرائڻ ۽ عثمان حجم جو روزو رکڻ مزاحيه ڪردار نگاريء جا اعلا مثال آهن. هن جي مزاح نگاريء تي دنيا جي مشهور مزاح نگار جيرنڪي جيرو جواثر نمايان آهي.
هن جي ڪهاڻين ۽ خاڪن ۾ کل ڀوڳ سان گڏ سماجي براين ۽ مذهبي نمائش تي سخت تنقيد ٿيل آهي. سنڌي ۽ انگريزيء ۾ سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن، جهڙوڪ :
ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا (خاڪا 1984ع)
واٽ ويندي (خاڪا 1986ع)
سڏن مٿي سڏڙا (1987)
History on Tombstones: Sind and Balochistan (1987)
ڳجھ ڳجهاندڙ ڳالهڙيون (1990ع)
ڪک پن (1996ع)
The temple of Sun God (1998ع)
لاهوتي لڏي ويا
وتايو فقير (2004ع) شامل آهن.
علي احمد بروهي صاحب سنڌي ۽ اردو اخبارن ۾ مسلسل ڪالم لکيا. کيس سنڌي بهترين ڪالم نگار اي پي اين ايس اوارڊ به مليو. مزاح، تاريخ نويسي ۽ آرڪيالاجي ۽ موسيقي هن جي پسند جا موضوع هئا.
علي احمد بروهي صاحب سچل ڳوٺ جو خاص مهربان هو. پاڻ هميشه سچل ڳوٺ جي پروگرامن ۾ شرڪت ڪندو هو ۽ سٺن ڪمن جي نه صرف تعريف ڪندو پر حوصلا افزائي سان گڏ مالي ۽ اخلاقي مدد پڻ ڪندو هو. پاڻ روشن تارا اسڪول سچل ڳوٺ جي شروعات لاء خاص مدد ڪري هتي تعليمي بنياد وجهڻ ۾ مدد ڪيائون.
علي احمد بروهي صاحب پهرين ڊسمبر 2003ع تي ڪراچيء ۾ وفات ڪئي ۽ عبدالله شاه غازي ڪلفٽن ۾ سندن تدفين ٿي.
علي احمد بروهي صاحب جا 2003 سچل ڳوٺ ۾ سچل ڳوٺ ڊولپمينٽ ڪميٽي جي حلف برداري جي موقعي تي ورتل گروپ ڦوٽو جنهن جا پاڻ خاص مهمان هئا. اهو سندن آخري پروگرام هو.
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانه جي ٿورن سان