عرب ملڪن ۾ عوامي انقلاب جي شروعات: بادشاهه بڻيل حڪمرانن جو ڇا ٿيندو؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ پسر شهيد طرفان آندل موضوعَ ‏23 مارچ 2011۔

  1. پسر شهيد

    پسر شهيد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 مارچ 2011
    تحريرون:
    84
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ايران " قم
    لکندڙ آتم ميگهواڙ

    عيسوي سال کان 10 هزار سال اڳ به مصر ۾ ثقافتي رنگن سان ٽمٽار ماڻهو نيل درياءَ جي ڪناري تي آباديون ڪندا هئا ۽ زراعت اتي جي ماڻهن جي آمدني جو اهم ذريعو هو، ان وقت به سڄي عرب خطي جيان مصر ۾ بادشاهي نظام هو، سنڌو ماٿري جيان نيل ندي جي ماٿري به سرسبز ۽ تهذيب يافته هئي، مصر کان اڳي ۽ مصر جي قائم ٿيڻ کانپوءِ عيوسي سن جي سالن ۾ به اتي بادشاهي نظام هلندو رهيو آهي، توڻي جو ڪيئي صديون بادشاهي نظام کي برداشت ڪندڙ تيونس ۽ مصر سميت عرب ملڪن ۾ هاڻي سياسي حق ڏيڻ لاءِ عوام روڊن تي نڪري آيو آهي، عرب ملڪن جي بادشاهي نظام جي بيٺل پاڻي ۾ پٿر ان وقت لڳو، جڏهن تيونس ۾ هڪ ڀاڄي وڪرو ڪندڙ پورهيت ريڙهو هٽائڻ بعد پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي ۽ سڄو ملڪ حڪومت خلاف اٿي پيو، 2004ع جي آدمشماري موجب 12 لک 65 هزار ماڻهن جي آبادي رکندڙ تيونس ۾ 23 سالن تائين اقتدار ۾ رهندڙ صدر زين العابدين بن علي خلاف ملڪ جو عوام اٿي کڙو ڇا ٿيو، ڄڻ ته ملڪ ۾ انقلاب جي شروعات ٿي وئي. چون ٿا ته صدر زين العابدين جي گهر واريءَ اڳوڻي هيئر ڊريسر ليليٰ جي انتها درجي جي ڪرپشن تيونس جي عوام کي گهٽين ۾ اچڻ مجبور ڪري ڇڏيو. تيونس جو عوام روڊن تي ائين نڪري پيو، جو صدر زين العابدين کي ملڪ ڇڏي فرار ٿيڻو پيو. زين العابدين جي گهر واري ليليٰ پنهنجي مڙس کان عمر ۾ 20 سال ننڍي آهي، جيڪا لگزري ڪارن ۽ شاندار محلن توڙي دولت سان تمام گهڻي محبت ڪندي هئي، چون ٿا ته صدر زين العابدين جي ڌيءَ نسرين ۽ سندس پلي بواءِ مڙس به ڪرپشن ۾ ڪا گهٽتائي نه ڪئي. نسرين وٽ پنهنجي سواري لاءِ خانگي جهاز هوندو هو، جڏهن اهو عوامي انقلاب آيو ته صدر زين العابدين کي پنهنجو ملڪ ڇڏي هڪ ٻئي عرب بادشاهي ۾ وڃي پناهه وٺڻي پئي، سعودي عرب جي بادشاهه نه صرف پناهه ڏني آهي پر هـُـن کيس رهائش لاءِ محل به ڏنو آهي. تيونس جي صدر جي گهر واري ليليٰ پهرين ته فرانس ۾ پنهنجي ڌيءَ وٽ هلي وئي هئي پر صدر سرڪوزي کين پناهه ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، سعودي عرب هونئن به آمرن کي پناهه ڏيڻ جي لحاظ کان مشهور آهي. يوگنڊا جي آمر امين کان وٺي ٻين ڪيترن ئي ملڪن جي بادشاهن ۽ حڪمرانن کي سعودي عرب پناهه ڏئي چڪو آهي، تيونس ۾ جڏهن اهو عوامي انقلاب برپا ٿيو ته اتي جي وزيراعظم محمد گهانويچي ملڪ جو انتظام سنڀالي ورتو. ملڪ ۾ وڳوڙن دوران هڪ سئو کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته ٻن جيلن کي قيدي ٽوڙي ڇڏيو ۽ هزارين قيدي فرار ٿي ويا. وڳوڙن دوران تيونس جي پارلياماني اسپيڪر فواد نگران صدر جي عهدي جو حلف کنيو، ڇاڪاڻ ته تيونس جي آئيني ڪائونسل وزيراعظم جون واڳون سنڀالڻ واري قدم کي غير قانوني قرار ڏنو ۽ اسپيڪر کيس نگران صدر طور حلف کڻڻ جي هدايت ڪئي هئي. فواد جي عهدو سنڀالڻ کانپوءِ به ملڪ ۾ احتجاج جاري رهيو، ماڻهو دڪانن ۽ آفيسن مان ڦرلٽ ڪندا رهيا. تيونس تي ڊگهي عرصي تائين حڪمراني ڪندڙ زين العابدين جي گرفتاري لاءِ حڪومت هاڻي انٽرپول سان رابطو ڪيو آهي، مظاهرين ته ڪالهوڪي ڏهاڙي به تيونس جي وزيراعظم هائوس اڳيان ڌرڻو هنيو ۽ اتي ويجهي پوليس اسٽيشن تي به حملو ڪيو، مڇريل ماڻهو وزيراعظم هائوس اندر داخل ٿي ويا ۽ اڱڻ تي وڃي ڌرڻو هنيو. هنن مطالبو ڪيو ته ڪابينا جا ڪجهه وزير تبديل ڪيا وڃن، نيٺ وزيراعظم ڪجهه وزيرن کي تبديل ڪيو ۽ پوءِ مظاهرين واپس هليا ويا، اڃا تيونس ۾ اهو احتجاج جاري ئي هو ته ان انقلاب جا اثر ٻين عرب ملڪن تي به پوڻ شروع ٿي ويا ۽ مصر ۾ به عوام صدر حسني مبارڪ خلاف روڊن تي نڪري آيو، هڪ لک 10 هزار اسڪوائر ڪلو ميٽرن تي مشتمل ملڪ جي 8 ڪروڙ 29 لک 99 هزار آبادي مان هزارين ماڻهن جو روڊن تي اچڻ سان مصر جو بادشاهي محل لڏي ويو آهي، مصر ۾ حڪومت مخالف مظاهرن جي شروعات ان وقت ٿي، جڏهن مخالف ڌر جي پارٽين جي اتحاد ”ڪفايا موومينٽ“ ۽ مصري نوجوانن جي مقامي تنظيمن طرفان سوشل نيٽ ورڪنگ جي ويب سائيٽس فيس بڪ ۽ ٽوئيٽر تي مظاهرن جو سڏ ڏنو ويو، انهن تنظيمن پنهنجن آن لائين پيغامن ۾ چيو هو ته مصري عوام به تيونس جي عوامي انقلاب کي جنم ڏيندڙ عملن غربت، حڪومتي جبر ۽ ڏاڍ جو شڪار آهي، تنهن ڪري نوجوان اڳتي اچن ۽ احتجاج ڪن. سوشل ويب سائيٽس تي رجسٽرڊ مصر جي لکين شهرين قاهره ۽ ملڪ جي ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرن ۾ شرڪت ڪرڻ جا اعلان ڪيا. جيتوڻيڪ مصر ۾ 1981ع کان لاڳو ٿيل ايمرجنسي قانونن تحت ملڪ ۾ اڳواٽ اجازت وٺڻ کانسواءِ احتجاجي مظاهرا ڪرڻ تي پابندي لڳل آهي پر بادشاهي نظام جي گـُـهٽ ۽ ٻـُـوسٽ واري ماحول کان تنگ ٿي ويل عوام لاءِ اهڙي پابندي ڪابه معنيٰ نٿي رکي ۽ ماڻهو هٿين خالي ميدان تي نڪري پيا، قاهره جي گهٽين ۾ انقلاب جا نعرا گونجڻ لڳا ۽ ٻئي طرف صدر حسني مبارڪ جي اها پوليس فورس سامهون اچي مظاهرين کي روڪڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي، جيڪا پوليس فورس حسني مبارڪ جي اقتدار جو اهم ٿنڀ سمجهي وڃي ٿي. گذريل اڱاري کان شروع ٿيندڙ انهن احتجاجي مظاهرن ۾ شدت ڇا آئي، قاهره جي محل ۾ ويٺل صدر حسني مبارڪ کي پنهنجو 23 سالن وارو اقتدار هٿن مان ويندي محسوس ٿيڻ لڳو ۽ هن فوري طور تي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرن تي پابندي جو هڪ ٻيو حڪم صادر ڪري ڇڏيو. حالانڪه مصر جي مخالف ڌر جي وڏين پارٽين لبرل وفد پارٽي، اخوان المسلمين سميت ٻين وڏين پارٽين احتجاجي مظاهرن جي حمايت جو باقاعده ڪو اعلان نه ڪيو آهي پر اهو عوام جو پنهنجو احتجاج آهي، جنهن ۾ ماڻهن جو انگ هاڻي ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي. قاهره ۾ جڏهن پهرئين ڏينهن تي احتجاجي مظاهرو ٿيو ته حسني مبارڪ جي وفادار پوليس گوليون وسائي ٽن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو هو پر عام ماڻهن جو وهايل اهو رت عوام کي خوف ڏياري نه سگهيو ۽ نه ئي احتجاج جهڪو ٿيو پر ماڻهن قاهره جي شاهراهن تي وڳوڙ شروع ڪري ڇڏيا. گاڏين کي باهيون ڏنيون ويون، نه رڳو گادي واري هنڌ پر ٻين شهرن ۾ به اهو احتجاج پکڙجندو ويو. سوئيز شهر ۾ به سرڪاري عمارتن کي باهيون ڏنيون ويون، حڪمران پارٽي جي آفيس تي پئٽرول بم سان حملو ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙ عوام اهو مطالبو آهي ته صدر حسني مبارڪ اقتدار کي الوداع ڪري ڇڏي ۽ ملڪ ۾ سياسي توڙي معاشي سڌارا متعارف ڪرايا وڃن، عرب عوام جي احتجاج رڳو اتي ئي دنگ نه ڪيو پر عرب ملڪ يمن ۾ به صدر علي عبدالله صالح خلاف هزارين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا آهن، جيڪي به يمن ۾ عوامي انقلاب جا خواهشمند آهن، صدر علي عبدالله صالح 30 سالن کان ملڪ ۾ اقتدار سنڀالي ويٺل آهي، يمن هڪ غريب ملڪ آهي، جتي جي 40 سيڪڙو آبادي روزاني صرف 2 ڊالر آمدني تي گذارو ڪري رهي آهي ۽ 50 سيڪڙو ماڻهو اڻپڙهيل آهن، 35 سيڪڙو ماڻهو بيروزگار آهن، عوام غريب آهي ۽ حڪومت ۾ ويٺل بادشاهه عياشيون ڪري رهيو آهي، هونئن ته سمورين عرب رياستن جا بادشاهه ۽ سلطان ارب کرب پتي آهن، جن جي ملڪيت جو ڪاٿو ئي نٿو هجي، جن جا عاليشان محل ماڻهو کي تعجب ڏياريو ڇڏين ٿا، سون جي چمچن سان کاڌو کائيندڙ ۽ اطلس جا لباس پائيندڙ اهي بادشاهه اڄ عوام جو گڏيل آواز ٻڌي ڏڪي رهيا آهن، ڏٺو وڃي ته عرب ملڪن ۾ ماڻهن جو اهو احتجاج سوين سالن کان دٻيل آواز جو پڙاڏو آهي، ماڻهو بادشاهي نظام هجڻ سبب پنهنجي حقن لاءِ آواز به نٿا اٿاري سگهيا. دنيا ۾ جدت اچي رهي آهي پر اڄ به دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ بادشاهي نظام برقرار آهي، جاپان کان وٺي برطانيا تائين به بادشاهي نظام آهي پر اتي ماڻهن کي سياسي حق مليل آهن، احتجاج جو حق به کسيل ناهي، اهي عرب ملڪ ئي آهن، جتي اڃا پراڻي طرز واري بادشاهت هلي رهي آهي. آئون اها ڳالهه پڪ سان چوان ٿو ته تيونس مان اٿيل اهو انقلاب اڃا به ٻين عرب ملڪن جي بادشاهي نظام خلاف بغاوت جو سبب بڻجندو، ڇو ته سعودي عرب جي شهر رياض ۾ ٻهراڙي جي ڳوٺ کان ڊاٽسن تي کير کڻي ايندڙ ان برجستي پوڙهي عرب شيخ جي اندر مان به اهڙو ئي آواز اڄ کان 10 سال اڳ ٻڌو ويو هو. رياض ۾ رهندڙ پاڪستاني شهرين کي کير ڏيڻ دوران ڪچهري ڪندي ان عرب شيخ اها خواهش ظاهر ڪئي هئي ته جيڪڏهن سندن ملڪ ۾ جمهوريت اچي وڃي ته هو خوش ٿي وڃن. سعودي عرب ۾ زندگي جون سموريون سهولتون ۽ آسائشون ته عوام کي مهيا ٿيل آهن پر جڏهن انهن کي بنيادي سياسي حق نه مليل آهن، تڏهن انهن کي ڪا کوٽ محسوس ٿئي ٿي ۽ اهي چاهين ٿا ته ملڪ ۾ سياسي انقلاب اچي ۽ کين ووٽ جو حق ملي، اهي پنهنجي پارليامينٽ چونڊين، جيڪا عوامي معاملن کي ڏسي. اها ته 10 سال اڳي جي ڳالهه آهي، هاڻي ته سعودي عرب ۾ سياسي توڙي سماجي لحاظ کان ماڻهن ۾ ڪافي شعور بيدار ٿيو آهي ۽ اهو ئي شعور ماڻهن کي بادشاهي نظام خلاف بغاوت ڪرڻ تي مجبور ڪندو آهي. تيونس ۾ اهڙو ئي ڪجهه ٿيو آهي، جتي ماڻهن پنهنجي اندر ۾ دٻيل آواز کي ٻاهر آندو ۽ انقلاب اچي ويو. مصر جي صدر حسني مبارڪ جي پيرن هيٺان بادشاهي ڪرسي نڪري ٿي يا نه؟ پر عرب ملڪن جي سمورن حڪمرانن کي هاڻي عوامي انقلاب جو ڀئو ضرور ٿيندو هوندو. بادشاهي نظام اڃا برطانيا ۾ به قائم آهي پر اتي هنن نظام کي جديد بڻايو آهي. ماڻهن جي آواز کي دٻايو نٿو وڃي، سياسي شعور کي روڪيو نٿو وڃي، تنهن ڪري ماڻهن کي اتي جمهوريت محسوس ٿئي ٿي ۽ ڪوبه ماڻهو بادشاهت خلاف بغاوت جو سوچي ئي نٿو. عرب ملڪن ۾ اٿندڙ انهي عوامي انقلاب بابت عالمي برادري اڃا تائين ڪو واضح موقف سامهون نه آندو پر آمريڪا پاران سمورين ڌرين کي صبر ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي. آمريڪي پرڏيهي وزير هليري ڪلنٽن اهو واضح ڪيو آهي ته هن وقت مصري حڪومت وٽ سياسي معاشي ۽ سماجي سڌارا آڻڻ جو وقت آهي
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: عرب ملڪن ۾ عوامي انقلاب جي شروعات: بادشاهه بڻيل حڪمرانن جو ڇا ٿيندو؟

    ادا زبردست معلوماتي ليک آهي۔۔ پر منهنجي خيال ۾ ٿورو پراڻو آهي، ڇو ته هي ان ۾ لکيل ڳالهيون ان وقت جون ٿيون لڳن جڏهن اڃان مصر ۾ انقلاب جي لاءِ ڪوششون جاري هيون، هاڻي ته حسني مبارڪ نڪري چڪو آهي ۽ ان ڳالهه کي 20 ڏينهن کان مٿي وقت گذري ويو آهي۔۔ بهرحال تمام گهڻو معلوماتي آرٽيڪل آهي۔۔۔​
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: عرب ملڪن ۾ عوامي انقلاب جي شروعات: بادشاهه بڻيل حڪمرانن جو ڇا ٿيندو؟

    ادا تمام پيارو معلوماتي ليک آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو