سائين توهان جي تصوير، نالو ۽ ماڳ جو ٻڌي هڪ دفعو ته حيرت ٿي ۔۔۔ ڇو ته اهي ٽئي ڳالهيون ڪنهن سنڌي ۾ هڪ ئي جاءِ تي ملڻ آهن به حيران جوڳيون۔۔۔
هڪ ڳالهه اڪثر سنڌين بابت مشهور آهي ته اهي سنڌ ڇڏڻ کان هميشه لنوائيندا آهن پر جي ڪو وڌيڪ عرصو سنڌ کان ٻاهر رهي ته اهو پرديسي ئي سڏائجندو آهي۔۔۔۔ جي مناسب سمجهو ته پرديس ۾ رهڻ جو سبب پنهنجي سنڌ ۾ رهندڙن جي اڳيان آڻيو متان ڪنهن ٻئي دوست جو حوصلو به وڌي
سائين وعليڪم السلام و رحمه الله و برڪاته، محترم اوهان کي هن محبتي ميڙاڪي ۾ دل جي گهراين سان ڀليڪار۔ انشا الله ڀيرا ڪندا رهندو ۽ پنهنجين نڪور لکڻين سان هن اڱڻ کي اجارڻ ۾ ساٿ ڏييندا۔السلام عليڪم ورحمة الله وبرڪاته
منهنجو نالو عمر گل آهي ۽ مان ڊيرا اسمائيل ۾ رهندو آهيان مون کي سنڌ سلامت جو پتو منهنجي سنڌ جي دوستن ڏنو آهي ۽ مان اصل پاڻ سيوهڻ شريف جو آهيان