سياستدانن کي ئي مرشد بڻايو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ڏاڏل شينو طرفان آندل موضوعَ ‏23 مارچ 2011۔

  1. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    سياستدانن کي ئي مرشد بڻايو


    صدر آصف جو نواز شريف کي فون، طبيعت معلوم ڪئي

    اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري نواز ليگ جي سربراهه ميان نواز شريف سان فون تي رابطو ڪيو آهي، ايوان صدر جي ترجمان فرحت الله بابر پاران جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته صدر آصف علي زرداري نواز شريف سان فون تي رابطو ڪري ان کان صحت بابت معلوم ڪيو ۽ ان جي مڪمل صحتيابي لاءِ دعا ڪئي، جنهن تي نواز شريف صدر جا ٿورا مڃيا آهن، جڏهن ته ذريعن موجب صدر آصف علي زرداري نواز شريف سان پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس بابت نواز ليگ جي احتجاجي واري امڪان تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.




    هي خبر ڪاوش اخبار ۾ لڳل آهي مونکي هون ته هي سياست جي دنيا ايتري ته وڻندي آهي جيئن اک ۾ ڪنڊو پر هنن جي هي عادت پسند آهي ته هي مطلب لاءِ يا ڪنهن ٺٺول خاطر به هڪٻئي کان حال احوال وٺندا رهندا آهن دلين جا حال ته الله ڄاڻي پر ڪجھ ته اسان به سمجهون ٿا۔
    ٻئي طرف اسان آهيون اسان آهيون شل نه ڪو اسان کي ٽيڏي اک سان ڏسي ته ان جو بدلو ان جي پونير کان به وٺندا سين سو جن ماڻهن ۾ اها بيماري آهي انهن کي اسان جي سياستدانن کان سبق وٺڻ گهرجي ۽ هنن کي پنهنجو مرشد مڃي هنن جي چوڻ تي سياسي دشمنيون توڙي ذاتي دشمنيون ختم ڪرڻ گهرجن جي هي سياست سان ڪنهن سان وڙهن ته اسان کي به وڙهڻ گهرجي جي هي صلح ڪن ته اسان کي نانگ کڌو آهي جو هڪٻئي سان وتون وڙهندا تازو ڪرااچي ۾ ڪيتريون جانيون آهن جي هنن جي حڪم تي ضايع ٿيون آهن انهن جانين جي هن کي ڪا پرواھ ئي ڪانهي هڪڙو ٿو ڏند ڏيکاري ته ٻيو آهي پيرن ۾ ڪريو پيو ۔ ڪجھ آداب هوندا آهن هنن موت جي سوداگرن کي پنهنجو اقتدار کپي پوءِ ڀل وڃي راڄ مري ڪا ماءُ ڪاٿي ٿي روئي پئي ته ڪنهنجو ور مذدوري تي ويو ته موٽيو ناهي ته ڪو پي جي انتظار ۾ اسڪول وٽ بيٺو آهي ته اجهو بابو آيو ۔ نه ماءُ کي پٽ مليو ته نه ور وريو ته نه بابو اسڪول پهتو ۔
    هي ڇا آهي هن قوم جو آّر ڇا ٿيندو هي ايڏا ته بي ضمير ٽولا آهن جو توهان ويهي ميڊياتي هنن جون خبرون ٻڌو ته هي چون ڇا ٿا هنن کي نه ملال آهي نه هنن کي ڪو غم آهي هتي حالت هي آهي ته مري ڪنهنجو پٽ ، مڙس ، يا پي ٿو بّشي ڪو غير ٿو جيڪو هن جي مرڻ کان پوءِ هر روز مرڻ وارن جي ڪڏهن خبر لهڻ نه ٿو اچي سو اسان کي گهرجي ته اسان هنن جا مريد ٿي هنن جي روش اپنائيون ته جيئن هڪٻئي جو قيمتي رت وحڻ کان بچي پوي ۔
    وسلام
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سياستدانن کي ئي مرشد بڻايو

    ادا بهترين .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو