عرس پريو
سينيئر رڪن
توتان قربان ، جند جان منهنجي،
تون زمين آهين آسمان منهنجي۔
ڪنهن پڇيو، آس وئي ڪٿان تنهنجي،
هو هلي هينئر وئي هتان منهنجي۔
سونهن کان منهن مٽيان ته منڪر ٿيان،
باقي هِن عشق کان آ، بان منهنجي۔
آءُ پٽ ڪائنات جو آهيان،
آسمان پيء زمين امان منهنجي۔
ڪهڪشان ڊوڙندي چيو چمڪي،
ڪاته طاقت آ پا سبان منهنجي۔
گوڙ جڳ جوهو ، شور محشر جو،
ڪوڪ گونجي وئي وچان منهنجي۔
ڏات، حقُ اليقين ا ستاد آ،
بات شايد آ بدگمان منهنجي
(بخاري)