عاشقن جون نينڊون حرام ڪير ڪندا آهن..؟؟ محبوب معشوق. پر هتي ڪجھ حالت ئي ٻئي آهي. مونکي سنڌ سان ٿيندڙ نا انصافين ۽ سنڌي ماڻهن جي لاچاري بي وسي ڏسي ۽ ان جي ياد سمهڻ ڪون ڏئي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن برداشت کان ٻاهر ٿيو وڃي. قوم پرستن تي تنقيد مولوي حضرات تي تنقيد سماجي ادارن تي تنقيد، اسان کي ٻين تي آڱريون کڻڻ ته تمام سوليون ٿيون لڳن پر اسان پاڻ ڇا آهيون...۽ ڇا ٿا ڪريون. اهو اسان ڪڏهن به نه سوچيو آهي. اسان هميشه انهن جا نارا هڻندا آهيون جيڪي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ وڙهندي وڙهندي مري ويا. مر ويسون پر سنڌ نه ڏيسون ڇا اسان انهن جي چيل ڳالهين تي ڪڏهن عمل ڪيو آهي.؟؟ انهن جي نقشي قدم تي هلڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.؟؟ نه نه بلڪل نه اسان ذات پرستي مذهب پرستي ۾ ورهائجي...هڪ ٻئي کان سخت نفرت ڪريون ٿا. هر روز سنڌ جي نياڻي....هتان جي جاهل رسمن جي آڙ جو شڪار ٿئي ٿي. هر روز سنڌ جي جهولي ۾ غريب سنڌين جا لاش اُڇلايا وڃن ٿا. آخر ڪيستائين.؟؟ آخر ڪڏهن اسان جهالت جي اوني سمنڊ مان گهوتو کائي نڪرانداسين.؟؟ آخر ڪڏهن اسان پنهنجن کي سڃاڻينداسين.؟؟ آخر ڪڏهن اسان پنهنجن سان سچا ٿينداسين.؟؟ آخر ڪڏهن اسان پنهنجن حقن وٺڻ جي لاءِ سندرو ٻڌنداسين.؟؟
جواب: عاشقن جون نينڊون حرام ڪير ڪندا آهن..؟؟ بلڪل اوهان سچ لکيو آهي، پر الله مان اميد نه لاهيو، انقلاب اچڻو آ ۽ انقلاب آڻي رهبو، جيئي سنڌ، جيئي سائين جي ايم سيد، جيئي بشير خان قريشي۔۔۔۔۔۔۔
جواب: عاشقن جون نينڊون حرام ڪير ڪندا آهن..؟؟ ادا عاشق علي جيستائين اسان کي تعليم جي زيور کان واقف نه ٿيندا سين تيستايئن اهي سڀ مشڪلاتون رهنديون اسان کي گهرجي ته اسان پنهنجي پٽن نياڻين کي تعليم ڏياريون ته اهو جهالت وارو دور ختم ٿئي باقي ائين ته اهي ڪم نه ٿئي سگهندو سدائين گڏ
جواب: عاشقن جون نينڊون حرام ڪير ڪندا آهن..؟؟ جنهن وقت هي جوڳي جاڳي جاڳيا ۔۔۔۔۔۔هن ڀون سندي جا ڀاڳيا ۔ پو سور نه رهندا ساڳيا ،۔۔۔۔ دما دم مست قلندر، دما دم قلندر ۔